11/01/2013

ڪتاب ”سنڌي اديب ۾ تنقيد ــــ شيخ اياز“ جو مقدمو - جامي چانڊيو



جامي چانڊيو
ادب ۾ تنقيد، شروع کان منهنجيءَ پسند جو شعبو رهيو آهي ۽ ان ڳالهه بابت سڄيءَ دنيا جي سنجيده اديبن ۽ عالمن وٽ ڪي به ٻه رايا ناهن ته تنقيد کان سواءِ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب ۽ فن، فڪري توڙي فني اعتبار کان وهيءَ چڙهي نه ٿو سگهي. سنڌي ادب ۾ هڪ ته معياري ادبي تنقيد جي سخت کوٽ رهي آهي ۽ ٻيو ته ان شعبي ۾ جيڪو ٿورو ڪي گهڻو ڪم ٿيو به آهي، ته اهو هڪ جاءِ تي گڏ ڪري سهيڙيو نه ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نئون نسل هڪ ته ان کان گهڻي ڀاڱي اڻ واقف ۽ لاتعلق رهي ٿو، ٻيو ته ان جو گهربل اثر به پئجي سگهيو آهي.

ادبي تنقيد ۾ بيحد دلچسپيءَ سبب منهنجي اها خواهش هئي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اينٿالاجي تيار ڪجي ته جيئن هڪ ته اسان پنهنجي ماضيءَ جي سنجيده ڪم کي هڪ هنڌ سهيڙي گڏ ڪري سگهون ته ٻئي طرف ان بنياد تي مستقبل لاءِ ڪا رٿابندي ڪري سگهون، پر ڪيترو وقت اها خواهش رڳو هڪ تمنا ئي رهي. ان وچ ۾ اتفاق سان اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد ۾ اسان جو يار ۽ موجوده اردو افساني جو وڏو نانءُ مظهر الاسلام، ڊائريڪٽر جنرل ٿي آيو. مظهر صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻولي، شاعري ۽ ادب سان انسيت رهي آهي ۽ جيئن ئي هو اڪادمي ۾ آيو ته هن پهرين سنڌي ادب بابت ڪجهه رٿائون تيار ڪيون ۽ انهن منجهان تنقيد جي اينٿالاجيءَ واري رٿا جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي، جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ٽن جلدن تي مشتمل سنڌي ادب ۾ تنقيد جي هڪ اينٿالاجي تيار ڪئي، جيڪا اڪادمي سان لکت ۾ معاهدي موجب اڪادمي کي شايع ڪرڻي هئي، پر ان وچ ۾ بقول مظهر صاحب جي اڪادمي جي مالي صورتحال ايتري خراب ٿي وئي جو هي ڪتاب نه رڳو شايع نه ٿي سگهيو پر نور احمد ميمڻ صاحب، جنهن جي اداري ۾ هي سمورو ڪتاب ڪمپوز ٿيو هو تنهن کي به پئسن جي ادائگي اڄ تائين نه ٿي سگهي آهي. اڪادمي سان بار بار رابطن جو به ڪجهه نه وريو. لک شابسون هجن ميمڻ صاحب کي جنهن نه رڳو منهنجي مجبوريءَ کي سمجهي، پنهنجي وضعداري سبب مون تي ڪو به بار نه وڌو ۽ پاڻ ڪتاب جي اهميت کي سمجهندي آڇ ڪئي ته سنڌيڪا اڪيڊميءَ اهو ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مون اها آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي.
سنڌيڪا اڪيڊمي سنجيده ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ ايترو ته پاڻ ملهايو ۽ مڃرايو آهي، جو سچ پچ به اها ڳالهه مون لاءِ دلي خوشيءَ جو سبب آهي ته منهنجي هيءَ ٽن جلدن تي مشتمل اينٿالاجي سنڌيڪا طرفان شايع ٿي رهي آهي. هن ڪتاب جو پهريون جلد سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز بابت لکيل ڪجهه اهم مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. جديد سنڌي ادب ۾ تنقيد جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن موضوع تي سڀ کان وڌيڪ لکيو ويو آهي ته اهو شيخ اياز آهي. اياز پنهنجي حياتيءَ جي هر دور ۾ بحث مباحثي جو موضوع رهيو. جيتوڻيڪ اياز تي اڃا به وڏي تحقيق ۽ تنقيد جي ضرورت آهي ته جيئن علم تنقيد جي سمورن نظرين ۽ ضابطن (Disciplines) جي روشني ۾ هڪ طرف هن جي باڪمال ٻوليءَ، سندس ٻوليءَ جي جماليات ۽ تخليقي واڌارن جو اڀياس ٿي سگهي ته ٻئي طرف اياز جي شاعريءَ جي فڪر جي فلسفايانه، سماجياتي، افادياتي، نفسياتي، مذهبي، اخلاقياتي توڙي سياسي ۽ تاريخي حوالي سان به ڀرپور ۽ سڀ طرفي ڇنڊ ڇاڻ ٿي سگهي ۽ دراصل اهو ئي واحد طريقو آهي. جنهن ذريعي اياز جهڙي جينيس شاعر جي پرک ۽ صحيح مڃتا ممڪن ٿي سگهندي.
جيستائين هن ڪتاب ۾ شامل مواد جو تعلق آهي ته منهنجيءَ نظر ۾ هي ڪتاب شيخ اياز جي شاعري کي حقيقي طور سمجهڻ لاءِ هڪ اهم ڪتاب ثابت ٿيندو، ڇو ته مواد جي چونڊ به هڪ خاص رٿا ۽ سوچ هيٺ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هر ويچار ڌارا جي سنجيده ليکڪن جا ليک شامل ڪيا ويا آهن. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب بنيادي طور اياز جي شاعري، شخصيت، فن ۽ فڪر بابت تنقيدي شعور سان لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته، اياز شناسيءَ جي سلسلي ۾ هي ڪتاب هڪڙا ٺوس بنياد فراهم ڪري ٿو. تنقيد جو مطلب ۽ مقصد عيب جوئي ڪرڻ نه هوندو آهي، پر سوچ، فڪر ۽ علم جي ڪنهن نظام تحت شين جي ڇنڊڇاڻ ۽ پرک ڪرڻ هوندو آهي، ان ڪري هي ڪتاب به فني، فڪري توڙي علمي طور همه گيريت سان اياز جي سخنن ۽ سوچ جي وشال ڪائنات جو احاطو ڪري ٿو.
ڪتاب جو پهريون ليک ”شيخ اياز جي شاعريءَ جو سياسي ۽ ادبي پسمنظر“ جي عنوان سان مرحوم رشيد ڀٽيءَ جو لکيل آهي، جنهن کي مان هن جو شاهڪار مقالو سمجهان ٿو. مقالي ۾ رشيد ڀٽيءَ اهو سمورو فڪري، سياسي ۽ ادبي پسمنظر وڏي سچيتائيءَ ۽ تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ شيخ اياز پيدا ٿيو، اڀريو، اسريو ۽ سنڌ جي ادبي دنيا تي ڇانئجي ويو. ڪنهن به وڏي شاعر، اديب توڙي مفڪر کي حقيقي طور سمجهڻ لاءِ ان جو معروضي ۽ موضوعي (Objective and Subjective) پس منظر ڄاڻڻ بيحد ضروري هوندو آهي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته اهي ڪهڙا ڪهڙا محرڪ، عنصر ۽ عوامل هجن ٿا، جن جي نتيجي ۾ ڪنهن جينئس جو جنم ٿئي ٿو. مقالي ۾ خاص طور، سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر ۽ تحريڪ جي اسرڻ  ۽ ان خلاف ان وقت جي رجعت پسندن جي آواز جو سمورو پس منظر بيان ۽ واضح ڪيو ويو آهي.
شيخ اياز ان زماني ۾ جيئن ته سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جي علامت ۽ ان تحريڪ جي مهندار هو، ان ڪري رجعت پسندن جي اها سڄي باهوڙ پس و پيش هن خلاف هئي ۽ هو پنهنجي سٽَ ”جيئن لُڪَ  لڳي تيئن رُڪَ  ٿيا“ جي مصداق اڳ کان اڳرو رهيو. رشيد ڀٽيءَ اُهي محرڪ به بيان ڪيا آهن، جن جڏهن اياز جي بي مثال ڏات کي پارس جيان ڇهيو ته سندس شاعري سراپا سون ٿي پئي.
رشيد ڀٽيءَ جي هن مقالي کي به مون ادبي تنقيد جي دائري ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ادبي شاهڪار يا جينئس شخص جي فڪري پسمنظر، دور ۽ فڪري تحرڪات کي واضح ڪرڻ به ادبي تنقيد جو ئي ڪم آهي. ادبي تنقيد جا به دنيا ۾ انيڪ نظريا ۽ ذريعا آهن ۽ انهن ۾ ادب جي فڪري محرڪات کي واضح ڪرڻ به تنقيد جو بنيادي ڪم ليکيو ويندو آهي.
رشيد ڀٽي (مرحوم) جي مقالي کان پوءِ، جديد سنڌي ادب جي معمار  ۽ شيخ اياز جي دلنواز دوست، سائين محمد ابراهيم جويي جا اهي مهاڳ ڏنا ويا آهن، جيڪي هن ”جل جل مشعل جل“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آئيون“، ”راج گهاٽ تي چنڊ“ ۽ سندس ٻين ڪتابن تي لکيا هئا. منهنجيءَ نظر ۾ جنهن شخص جي سوچ ۽ سڀاءَ جو شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ فڪر تي سڀ کان وڌيڪ اثر پيو، اهو محمد ابراهيم جويو هو. اها ڳالهه خود اياز پنهنجين لکڻين ۾ بار بار ورجائي آهي. مثال طور جويي صاحب لاءِ اياز جا ڪجهه رمارڪس مان هتي ڏيڻ چاهيندس.
اياز صاحب لکي ٿو: ابراهيم مون کي پهريون ڀيرو ٿنڪرس لائبريري (Thinker’s Library) جا ڪتاب Martyrdom of Man  (انسان جي شهادت) وغيره پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. هي مون نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. انهن مان هڪ ڪتاب Illusion of National Character  قومي ڪردارن جو ضبط) جو مون تي گهرو اثر ٿيو هو، جو جيئي سنڌ تحريڪ ۾ ايتريءَ گهريءَ دلچسپيءَ جي باوجود مان ان جي Chauvinistic trends جي لپيٽ ۾ نه آيو آهيان. مان ابراهيم کي پنهنجا نظم ٻڌائيندو هوس، پر هن کي انهن ۾ حد کان وڌيڪ فارسي لفظ پسند نه ايندا هئا.... ”او باغي، او راج دروهي“  ۾ ڪم آندل ٻولي ابراهيم جي صحبت جو اثر هئي..... هڪ شام جو مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا، جي هن کي ڏاڍو پسند آيا. جڏهن مون هي سٽون پڙهيون:
”دنيا، يـي آماجگاه تمنا
ڪهان جا رهـي هـي
يـي رقاصهءِ روز و شب نوڪ خنجر پـي يون ناچتي جا رهي هـي
ڪه جيسـي اسـي يـي يقين هو گيا هو،
ڪه اب پاؤن ڇلني نه هون گـي“
تڏهن ابراهيم چيو هو: ”اياز، توکي مان وري به چوان ٿو ته تون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين. تون پنهنجيءَ ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾ پهچائي سگهين ٿو.“
مون ڏک کان ڏسي ابراهيم کي چيو هو، ”پر توکان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟“ ان تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، ”اسان ٻه ڪافي آهيون. اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.“
 Save Sindh Save the Continent جي مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.... ابراهيم جويي مون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا هئا. پراڻيءَ دنيا جا سارا ٿنڀا ٿوڻيون ڊهي ڍير ٿي پيا هئا ۽ مون لاءِ ماضيءَ جي زنجير کي ڇني، اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کلي پيو هو منهنجي ۽ هن جي دوستي روميءَ ۽ شمس تبريز واري هئي، جنهن روميءَ جي ڪتابن تي نگاه وڌي هئي ته انهن ۾ آگ لڳي ويئي هئي.“ (ساهيوال جيل جي ڊائري)
”ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو آهي. مان جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته چاهيندو آهيان ته ان تي پهرين نظر سنڌ جي هن عظيم دانشور جي پوي ۽ اهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته مون کي ان جي امرتا جي پڪ ٿي ويندي آهي.“ (ڪراچيءَ جا ڏينهن راتيون ص: ۶۰)
هاڻي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، جويي صاحب ۽ شيخ اياز جو پاڻ ۾ شخصي توڙي فڪري لاڳاپو ڪهڙي نوعيت جو هو. ان زماني ۾ محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز فقط ڪي ٻه شخص نه هئا پر جدا جدا فنامنا (Phenomena) هئا. هڪ وٽ دنيا جو سڀ کان اڳتي وڌيڪ فڪر هو ۽ ٻئي وٽ اها يگاني ڏات هئي، جا زمانن جا ضمير جاڳائڻ لاءِ ڪافي هئي ۽ جڏهن اهي ٻه لقاءَ هڪٻئي سان لاڳاپي ۾ آيا ته ”باهه“ ڀڙڪي اُٿي ۽ سنڌي جي ادبي اتهاس ۽ سنڌي ٻوليءَ ڄڻ ته هڪ نئون جنم ورتو.
هر وڏو ۽ عظيم شاعر ڄڻ ته هڪ ”راز“ هجي ٿو ۽ جويي صاحب جا اِهي مهاڳ ڄڻ ته انهيءَ راز تان پردو کڻن ٿا ۽ ٻڌائين ٿا ته اياز جي ڏات جي جهوليءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه ”گوهر ناياب“ آهن، جي هو پنهنجي ٻوليءَ قوم ۽ دور کي آڇي ٿو. جويي صاحب جا اهي مهاڳ  جتي اياز جي شاعريءَ جي گهري پرک ڪن ٿا، جتي اياز جي شاعريءَ جون عظمتون ۽ بلنديون بيان ڪن ٿا، جتي سندس ٻوليءَ جي ڪرشمن جي ڪَٿَ  ڪن ٿا، اتي سندس فڪري سفر جا سُونهان به آهن. منهنجيءَ نظر ۾ مستقبل ۾ اياز تي تخليقي تحقيق توڙي تنقيد ڪرڻ وارو ڪو به محقق ۽ نقاد، جويي صاحب جي هنن مهاڳن جي مدد کان سواءِ اڳتي وڌي نه سگهندو.
جويي صاحب جي مهاڳن کان پوءِ مرحوم قربان علي بگٽيءَ جو ”اياز جي شاعري“ جي عنوان سان لکيل  مقالو ڏنو ويو آهي. هن مقالي کي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو به هڪ خاص مقصد آهي. هي ڪتاب جيئن ته اياز جي شاعري جي اڀياس ۽ تنقيد تي مشتمل آهي، ان ڪري انهن سمورن مقالن ۽ مضمونن کي ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي مختلف دورن ۾ مختلف ويچار ڌارائن جي ليکڪن ۽ نقادن اياز صاحب بابت لکيا، ته جيئن، جڏهن سڀاڻي جو محقق اياز تي سنجيده تحقيق ڪري ته ان اڳيان اياز بابت سمورن ويچار ڌارائن جو تنقيدي مواد رڪارڊ تي موجود هجي.
مرحوم قربان علي بگٽيءَ  جو تعلق سنڌي ادب جي ان رجعت پسند گروهه سان هو، جنهن پنجاهه توڙي سَٺِ جي ڏهاڪن ۾ پنهنجي محدود سوچ ۽ نظرياتي تنگ نظريءَ سبب اياز تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان کان به اڳتي وڌي ان کي رد ٿي ڪيو. ان سڄي دور ۽ تحريڪ جو تفصيلي احوال رشيد ڀٽيءَ جي لکيل ۽ هن ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل مقالي ۾ واضح ڪيل آهي. مون چاهيو ٿي ته ادبي تايخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ ان گروهه جي تنقيد کي به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ان مقصد خاطر مون اياز تي لکيل لڳ ڀڳ اهي سمورا ليک پڙهيا، جيڪي رجعت پسندن مٿس لکيا هئا. پر سواءِ هن هڪڙي مقالي جي مون کي ٻي ڪا به تحرير ۽ تنقيد سنجيده نه لڳي. مرحوم قربان علي بگٽيءَ جي هن مقالي جو مرڪزي نقطو ئي اهو آهي ته ڪنهن طور به اياز کي عام رواجي شاعر ثابت ڪري کانئس جديد سنڌي ادب جي هڪ عظيم شاعر جو رتبو کسيو وڃي. جيتوڻيڪ اڄ قربان بگٽي ۽ شيخ اياز ٻئي هن دنيا ۾ جسماني طور نه رهيا آهن، پر وقت اياز بابت فيصلو ڏيئي چڪو آهي ته اياز هڪ جينئس هو ۽ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حياتيءَ تائين رهندو.
قربان علي بگٽيءَ جي مقالي کان پوءِ ڪتاب ۾ اهو مقالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نثري شاهڪار ۽ ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي ۽ اهو مقالو آهي، محترم رسول بخش پليجي جو ”انڌا اونڌا ويڄ“. هن مقالي لاءِ خود شيخ اياز لکيو هو ته: ”مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن (رسول بخش پليجي) منهنجي شاعريءَ جي بچاءَ ۾ هڪ پورو ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“  لکيو آهي.“ (ساهيوال جيل جي ڊائري ص: ۴۳-۴۴). رسول بخش پليجو سنڌي ادب ۾ تنقيد جو تمام وڏو ۽ معتبر نانءُ آهي. هو اياز جي نهايت ويجهن دوستن ۾ رهيو آهي. خود شيخ اياز سندس مثالي ذهانت، علميت ۽ شخصيت جي گونا گونيت جو مداح رهيو آهي ۽ هن بابت اياز جا اهڙا رماڪس سندس انيڪ تحريرن ۾ محفوظ آهن.
پليجي صاحب جو هي مقالو نه رڳو پنهنجي لاجواب، سادي پر نهايت ادبي ٻوليءَ ۽ علميت سبب، پر فڪري اعتبار کان به هڪ شاهڪار آهي. جيتوڻيڪ هن کان پهرين سنڌي ادب ۾ ابن حيات پنهور جو ”سنڌي ادب ۽ اسان جا اديب“ ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ جو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جهڙا نهايت معياري ادبي تنقيدي مقالا لکجي چڪا هئا، پر هي مقالو، سنڌي ادب ۾ رجعت پسنديءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي رجحانن ۽ قدرن جي ويڙهه ۾ حتمي ۽ فيصله ڪن ثابت ٿيو ۽ سنڌي ادب ۾ رجعت پسندي وري ڪي زمانا ڪَرُ نه کڻي سگهي. شيخ اياز ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ ادب جي ترقي پسند سوچ جو مهندار ۽ اهڃاڻ هو، ان ڪري رجعت پسندن هن جي شاعري ۽ شخصيت کي ئي نشانو بنائڻ شروع ڪيو. پنهنجي جهالت، محدود سوچ ۽ تنگ نظريءَ سبب اياز کي رد ٿي ڪيائون ۽ ان کان به اڳتي وڌي اخلاقي قدرن جون سڀ حدون لتاڙي کيس ملحد، ڪافر ۽ غير اسلامي شاعر سڏڻ شروع ڪيائون.
پر اهو رسول بخش پليجي جو تيز ۽ تخليقي فهم ۽ قلم هو جنهن سنڌي ادب ۾ ان جهالت جي پرچار ۽ واويلا جو انت آندو. هن عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت، اردو، انگريزي توڙي دنيا جي سموري عظيم شاعريءَ جي پس منظر ۾ اياز جي شاعراڻي عظمت کي نروار ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته اياز ان سَٿَ ۽ سطح جو شاعر آهي، جنهن کي رجعت پسند بدنيتي ۽ جهالت وچان لوئي رهيا هئا. مجموعي طرح پليجي جو هي مقالو نه رڳو ”اياز شناسيءَ“ جي حوالي سان پر ادبي تنقيد جي حوالي سان به پنهنجو هڪ مقام رکي ٿو.
”انڌا اونڌا ويڄ“ کان پوءِ ”اياز جي شاعري- هڪ مطالعو“ جي عنوان سان منهنجي مرحوم دوست ۽ سنڌي توڙي عالمي ادب جي سٺي ڄاڻو، امير علي چانڊيي جو نهايت اهم مقالو ڏنو ويو آهي. امير علي چانڊيو جيتوڻيڪ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ گهڻو مشهور يا ڄاتل سڃاتل نه هو، پر هو دراصل وڏو عالم، قلمڪار ۽ ادبي نقاد هو، جنهن جي ثابتيءَ لاءِ سندس هي مقالو ئي ڪافي آهي. مان سمجهان ٿو ته، ادبي تنقيد جي ڊسيپلين جي حوالي سان هيءُ مقالو، اياز جي اڀياس ڏانهن هڪ بنيادي قدم آهي. امير علي چانڊيو نه رڳو پاڻ شاعر ۽ اديب هو پر ساڳي وقت هو شاعريءَ جي فن، علم عروض توڙي ڇند وديا جي علم جو به وڏو ڄاڻو هو. ساڳي وقت هو بنيادي طور فلسفي جو ماڻهو هو. ان ڪري هو نه رڳو شاعريءَ جي فن جي نزاڪتن ۽ باريڪ بينين کان واقف هو پر فلسفي ۽ شاعريءَ جي پاڻ ۾ لاڳاپي کي به چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو ۽ ان ئي خوبيءَ کيس شاعريءَ جي سنجيده نقاد جو درجو ٿي ڏنو.
امير عليءَ هن مقالي ۾، اياز جي شاعريءَ جي ٻن بنيادي پاسن تي تحقيق ڪري پنهنجو تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي ۽ اُهي ٻه پهلو آهن- اياز جي شاعريءَ جو فڪر ۽ فن. فڪري اعتبار کان هو اياز جي شاعريءَ جو ڇيد ڪندي پاڻ ڪا ڌر نه بڻيو آهي، پر هن پروفيشنل نقاد جي حيثيت ۾، اياز جي شاعريءَ جا فڪري محرڪ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي. هن نه رڳو اوڀر جي شاعريءَ جي مزاج، اولهه جي جديد شاعريءَ جي فلسفيانه رجحانن جي نسبت سان پر فطرت، سماج ۽ زندگيءَ بابت مجموعي ڪيترن فلسفيانه  روين جي بنياد تي به اياز جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو آهي. رڳو اهو ۽ ايترو ئي نه پر هن اهو به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اياز جو فڪري ارتقا ڪيئن ٿيو ۽ مختلف دورن ۾ اياز ڪهڙن ڪهڙن فڪري ڌارائن کان متاثر ٿيندو رهيو.
امير عليءَ جو هي مقالو اياز جي شاعري جي فني پرک جي حوالي سان به وڏي ۽ بنيادي اهميت رکي ٿو. مان نٿو سمجهان ته هن کان پهرين ڪنهن نقاد يا اديب، اياز جي فن ۽ ان ۾ سندس تخليقي تجربن تي ايترو علميت ۽ تفصيل سان قلم کنيو آهي. هن مقالي ۾ اڀياس ڪيو ويو آهي ته اياز جي شاعريءَ جو فني پسمنظر ڇا هو؟ هو ڪيئن نه ساڳي وقت انگريزي، فرينچ، فارسي ۽ هندي شاعريءَ جي مزاج کان متاثر هو ۽ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو انهن جو آرٽسٽڪ امتزاج ڪيو پر پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ اُهي اُهي فني تجربا ڪيا، جيڪي هن کان پهرين سنڌي ته ڇا پر اردو شاعريءَ ۾ به نه ٿيا هئا. مثلا، اياز جڏهن غزل لکيو ته، غزل جو مزاج اهو اڳوڻو نه رهيو. اياز غزل کي نظم واري رواني ۽ سنڌي مزاج ڏنو.
امير عليءَ جي لفظن ۾ گويا اياز، سانگيءَ کان بعد پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جديد سنڌي غزل جو بنياد رکيو. پنهنجي غزل مان ”تعزل“ واري روايتي ۽ اوپري سفر کي ڪڍي ڇڏيو. امير علي ان بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو: ”اياز تغزل جي بجاءِ پنهنجي بعد واري شاعريءَ جو بنياد ٽي- ايس- ايليٽ (T.S.Eleiot) واري ڏسيل خارجي لوازمات (Objective Correlatives) مجازيت (Symbolism) ۽ مقامي تمثيل (Local Allegory) تي رکيو آهي ۽ ان کي Sindhinize) ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
ساڳيءَ ريت اياز سنڌي شاعريءَ جي روايتي ۽ قديم صنفن يعني بيت، وائي، ڪافي ۽ ڏوهيڙي کي پنهنجن تخليقي تجربن ذريعي نئين زندگي ۽ جدت ڏني. امير عليءَ علم عروض ۽ هندي ڇند وديا جي علم توڙي عروضي ماترڪ بنياد تي تفصيل سان واضح ڪري سمجهايو آهي ته اياز شاعريءَ ۾ اهي فني تجربا ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت ڪيا. امير علي ڇاڪاڻ ته فلسفي جو ڄاڻو ماڻهو هو ان نسبت سان هن کي جماليات جي به ڀليءَ ڀت پروڙ هئي. ان ڪري هن جماليات جي حوالي سان به اياز جي شاعريءَ جو مطالعو پيش ڪيو آهي ۽ اياز جي ٻولي، شعر توڙي فڪر ۽ حسناڪي جي عنصر کي نمايان طور واضح ڪيو آهي. مجموعي طرح امير عليءَ جو هي مقالو پنهنجي علميت، گهرائي، وسعت ۽ فني نزاڪتن جي پرک سبب هڪڙو نهايت اهم مقالو آهي. جنهن تي اصولا هن کي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان اعزازي طور M.Phil جي ڊگري ملڻ گهرجي ها، پر اها اسان وٽ اڃا تائين سنجيده ڪم جي مڃتا جي روايت پختي ناهي. البته امير عليءَ جي هن مضمون تي هڪ تنقيد اها ضرور ڪري سگهجي ٿي ته هن پنهنجي تحرير ۾ فارسيءَ جي لفظن جو استعمال مناسب حد کان وڌيڪ ڪيو آهي، جنهنڪري هڪ طرف اهو عام فهمي واري خوبيءَ جي کوٽ جو شڪار ٿيو آهي ته ٻئي طرف سندس ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ واري رواني ۽ دل سوزي گهٽ ٿي محسوس ٿئي.
مرحوم امير علي چانڊئي صاحب جي پرمغز مقالي کان پوءِ قمر شهباز ۽ امداد حسينيءَ جا مضمون شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ خالصاً اياز جي شاعريءَ جي خوبين ۽ جدتن جي اپٽار ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي ادبي پرک جي لحاظ سان اهم چئي سگهجي ٿو.
هر جينئس وانگر اياز به سڄي حياتي متنازع رهيو. مختلف دورن ۾ ان تنازع جون شڪليون، شدتون ۽ رُخ تبديل ٿيا. اهو شيخ اياز جيڪو قومي تحريڪ جو روح سمجهيو ويندو هو، جنهن بغاوت جا گيت ڳاتا هئا، جنهن جي لفظن ۾ ايتري سگهه هئي جو اهي ”بند اسيرن“ جا ذهن کولي ٿي سگهيا ۽ سندن ضميرن جا زنگ ٿي لاٿا. اهو باغي اياز جڏهن  سنڌ يونيورسٽيءَ  جو وائيس چانسلر ٿيوته ” قومپرستاري“ مٿس ڪاوڙجي پئي ۽ هو سندن عتاب جو شڪار ٿيو. ان ئي زماني ۾ اياز تي تنقيد جو هڪ ٻيو دور شروع ٿيو ۽ ڪڏهن جائز ۽ ڪڏهن سراسر ناجائز طور مٿس تنقيد ٿيندي رهي. جيتوڻيڪ عبدالواحد آريسر جو هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ”واويلا وڻڪار“ گهڻو گهڻو پوءِ لکيو ويو ۽ ان جو بظاهر سبب به ٻيو هو پر اها تنقيد دراصل سنڌي جي ”قومپرستارن“ جي اياز جي مٿان ان پراڻي ”ڪاوڙ“ جو تسلسل هئي. هي اهو دور هو جڏهن اياز قومپرستيءَ کان وڌيڪ جمهوريت ڏانهن مائل ٿيو هو ۽ اها ڳالهه ”قومپرستارن“ کي نٿي آئڙي. آريسر جي جواب ۾ پهرين نوجوان شاعر ۽ صحافي اعجاز منگي ۽ پوءِ رسول بخش پليجي قلم کنيو ۽ اهي ٻئي مضمون به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن اهو سمورو بحث رڪارڊ تي محفوظ رهي، ڇاڪاڻ ته اهو به اياز تي تنقيد جي هڪ رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو.
جيئن مون مٿي چيو ته، اياز سڄي زندگي سخت متنازع رهيو. البته ان جون نوعيتون مختلف رهيون پر اياز جي زندگيءَ جو آخري دور سڀ کان وڌيڪ متنازع ۽ عجيب رهيو ۽ اهو عجيب ان حوالي سان ته اياز جي فڪر ۾ ان عرصي دوران بنيادي تبديليون آيون. اڃا به شايد هيئن چئجي ته هن بظاهر موٽ کاڌي. اُهي قدر ۽ آدرش جن سبب اياز، ”اياز“ ٿيو هو، هن انهن جي به نفي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪيترا ڀيرا پنهنجي اڏول ۽ شاندار ماضيءَ تي پڇتاءَ جو اظهار ڪيو. هن ”پنرجنم“ ۽ ”لوح محفوظ“ جهڙن تصورن ۾ ويساهه شروع ڪيو ۽ نتيجي ۾ پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ پاڻ نقصان رسايو. ان جي شاهدي اياز جي آخري دور جي شاعري ۽ هن جو نثر آهي، جنهن ۾ ان اڳوڻي عظيم شاعر اياز جي خوشبوءِ ئي نٿي اچي. هن ڪتاب ۾ شامل منهنجو آخري مضمون دراصل اياز جي پوئين دور جي فڪر تي تنقيد آهي، جنهن کي نه رڳو محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، امير علي چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، خواجه سليم، نصير مرزا سميت تمام گهڻن ماڻهن پسند ڪيو هو پر خود اياز صاحب ان جي Worth کي تسليم ڪيو.
اهڙو اظهار هن نوجوان، شاعر ۽ اديب نصير مرزا سان به هڪ ملاقات ۾ ڪيو. ”فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مونجهارا“ جي عنوان سان لکيل ان مضمون اياز صاحب جي فڪر ۾ آيل تبديلين کي خالص فڪري، علمي ۽ فلسفيانه نقطهءِ نگاه کان پرکيو ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. ان لحاظ کان هي ڪتاب اياز تي ٿيل تنقيد ۽ مطالعي جي سمورن لاڙن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهو ثابت ڪري ٿو ته، اياز صاحب نه رڳو اسان جو عظيم شاعر آهي پر هو اسان جي ادب جو هڪ مڪمل موضوع (Subject) آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ادب جي دنيا ۾ اهڙو مقام تمام گهٽ تخليقڪارن کي ئي نصيب ٿيندو آهي.
مان آخر ۾ انهن سمورن سڄڻن جا ڳڻ ڳائڻ به ضروري ٿو سمجهان جن هن ڪتاب جي خاڪي تيار ڪرڻ، ان کي سهيڙڻ ۽ بالاخر ڇپائيءَ جي آخري مرحلن تائين منهنجو ساٿ ڏنو. مون کي دلي ڏک آهي ته انهن سڄڻن مان به بيحد پيارا ۽ مهربان دوست امير علي چانڊيو ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هاڻي هن جهان ۾ نه رهيا آهن. امير عليءَ ۽ محبت جون محبتون ۽ سهائتا ئي هئي، جنهن سبب مان هي هيڏو سارو ڪم ڪري سگهيس. ٻنهي جي دلي تمنا هئي ته هو سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اها اينٿالاجي ڪتابي صورت ۾ ڏسن. هاڻي جڏهن ان رٿا جو پهريون جلد شايع ٿي رهيو آهي ته منهنجي دل بي اختيار کين ساري ۽ ياد ڪري ٿي.
ڪاش! هو جيئري هي ڪتاب ڏسي سگهن ها. ٿورائتو آهيان پنهنجي نهايت قربائتي دوست پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو جنهن هن اينٿالاجيءَ جي تياريءَ جي سلسلي ۾ سموري ڀَڄَ ڊُڪَ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ سندس قيمتي لائبريري سدائين مون لاءِ کليل رهي ۽ سڀني کان وڏا وڙ محترم دوست نور احمد ميمڻ صاحب جا، جنهن پنهنجي وضعداريءَ سبب منهنجين ڪوتاهين جي باوجود مون سان پنهنجو هر طرح جو سهڪار ڪيو ۽ اڪادمي ادبيات جي رٿا هيٺ تيار ٿيل ڪتاب کي پنهنجو ڪري، ڇپائي هن صورت ۾ پڌرو ڪيو. ڪوبه روايتي ۽ عام پبلشر ائين نه ٿو ڪري سگهي. اها هن جي پنهنجي ٻوليءَ، ادب ۽ دراصل پنهنجي قوم سان محبت آهي جو هو محدود وسيلن جي باوجود ايڏا وڏا ڪم هٿ ۾ کڻي ٿو ۽ انهن کي توڙ تائين پهچائي ثابت ڪري ٿو ته خلوص ۽ سچائي هجي ته محدود وسيلن باوجود به وڏا ڪم ڪري سگهجن ٿا.
هي ڪتاب، شيخ اياز جي شاعريءَ سان پيار ڪندڙ هڪ مداح جي پرخلوص ڀيٽا آهي. اميد ته هن پيار جي پورهئي کي قبوليت جو مانُ ڏنو ويندو.

No comments:

Post a Comment