02/01/2013

نصير ڪنڀار جو ڪهاڻي-ڪتاب ”وارياسا وجود“ - خالد ڪنڀار



نصير ڪنڀار جو ڪهاڻي-ڪتاب ”وارياسا وجود“
خالد ڪنڀار
هُو آهي جهنگ جي بلا، سو جهنگ جي بلا جي لِيڪي تي هن جو پيرو کڻڻ ايترو سولو ڪونهي. اها به حقيقت آهي ته هي جيڪي وڏا رائيٽر هوندا آهن، اهي هوندا ئي جهنگ جون بلائون آهن. انهن جي ڳالهين جا لِيڪا کڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهـ ناهي. ڳالهين ۾ نانگن جي ليڪن وارا وَر هوندا آهن، پر هي جيڪو اسان وارو قادر جوڻيجو آهي نه، اهو آهي ٿر جي واريءَ جي بلا- سو هن جون ڳالهيون به واريءَ تي ليڪي وانگر چٽيون هونديون آهن. مون جهڙو ڪو سيکڙاٽ جوڳي به هن جي ڳالهين جو ليڪو سڃاڻي وٺندو. هن نصير جي ڪتاب ”وارياسا وجود“ تي ڳالهائيندي، ٻـ چار ڳالهيون ڪيون آهن. انهن ڳالهين جا ليڪا هر پڙهندڙ جي دل تي هوندا. هن مهاڳ ۾ هڪڙي ڳالهـ ڪئي آهي، جنهن ۾ وليم فاڪنر نالي ڪنهن بلا جو حوالو آهي.

وليم فاڪنر چوي ٿو ته جيڪو علائقائي ليکڪ ناهي، اهو ليکڪ ئي ناهي؛ ڪا ٻي مخلوق هجي ته ڀلي هجي. انهيءَ جي ڳالهـ کي اڳتي وڌائيندي، هي پاڻ وارو ٿَريو قادر چوي ٿو ته نصير ڪنڀار جي ڪهاڻيءَ ۾ مقاميت جو ڀرپور اظهار آهي. اها ته ٿي قادر جوڻيجي جي ڳالهه. هاڻ پاڻ نصير ڪنڀار جي تازي آيل ڪتاب ۾ وارياسن وجودن جون ڪهاڻيون ڏسون، ته انهن ۾ آهي ڪا مقاميت؟
هڪڙو ته نصير ڪنڀار جي ڪتاب جي نالي ۾ ئي مقاميت آهي. هن جي ڪتاب جو نالو آهي ”وارياسا وجود“.  هو ٿريو آهي ۽ ٿر آهي واري- ۽ وارياسا وجود معنيٰ اهڙا وجود، جيڪي يا ته مڪمل واري هجن يا جن وجودن ۾ واري شامل ٿي وئي هجي. واري اڃ جي علامت آهي، ۽ هن پنهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل تي واريءَ جي ڀٽن مٿان ٻـه عورتون گهڙن سان ڏيکاريون آهن. گهڙا ۽ ٿري عورتون، ٻئي اڃ جي علامت آهن. هن جي ڪتاب جي نالي ۽ ٽائيٽل کي ڏسي، اهو چئي ٿو سگهجي ته هن ڪتاب جي ڪهاڻين جا ڪرداربه اڃارا آهن- اها ئي واري ۽ اڃ، جيڪا هن جي ڪتاب جي نالي  ۽ ڪردارن ۾ آهي، اها نصير ۾ به هوندي. تڏهن ته ڪهاڻين جي ڪردارن، نالي ۽ ٽائيٽل ۾ آئي آهي.
نصير ٿريو آهي، انهيءَ ڪري هن جون اهي ڪهاڻيون جيڪي ٿر جي پس منظر ۾ لکيل آهن، انهن سان هن جي تخليقي سگهه وڌيڪ نڀايو آهي، جو اهي ڪهاڻيون پڙهي، اوهان پنهنجي خيالن جا پيرا ٿر جي تپندڙ واريءَ جي ڀٽن تي محسوس ڪندا. ان جا ٻـ چار بنيادي سبب آهن. هڪڙو ته نصير جون جيتريون به ٿر جي پس منظر ۾ ڪهاڻيون آهن، اهي قطعي به خيالي ڪهاڻيون ناهن. اهي ٿر جي سماج جون سچيون ڪهاڻيون آهن. ان ڪري، ٿر تي لکيل نصير جي هر ڪهاڻي حقيقي ڪهاڻي آهي، پوءِ اها ڪهاڻي ’سامهاڙو‘ هجي ’ مهاڳو‘ هجي يا ’ڇڪڙو‘ هجي. اهي ڪهاڻيون اڄ جي ٿر جاحقيقي مسئلا ۽ سڀاڻي جي تاريخ آهن. ٻي ڳالهه، انهن ڪهاڻين جي ٻولي اصلوڪي آهي، جنهن ۾ هن ٿر ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي هر اکر کي ائين ليڪيو آهي جيئن ڪو پيري پير ليڪيندو آهي. هن هر وڃائجندڙ، ريجندڙ لفظ کي نه رڳو ليڪيو آهي، پر محفوظ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ’وارياسا وجود‘ نالي ڪهاڻيءَ کي اوهين سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ڪهاڻي چئي سگهو ٿا. هاڻ ڪلاسيڪل ڪهاڻيءَ جي وصف متان پڇو، ڪهاڻي پڙهي پاڻ وڃي فيصلو ڪريو. پوءِ به جي نه مڃو، ته به ميار ڪونه ڏبي.
هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار پاڻيءَ لئـه پار پار تي رلندي ۽ ڌڪا کائيندي نظر ٿو اچي، پوءِ به ڪڏهن پاڻي مليس ٿو، ڪڏهن ڪونه ٿو مليس. هن ڪهاڻيءَ ۾ نصير ڪمال ڪيو آهي. ٻولي، پلاٽ ۽ ڪردار سان نڀاءُ ڪمال جو ٿيل آهي. آخر ۾ اهو ڪردار رات جو ڇرڪ ڀري اٿي ٿو ۽ کوهه ڏانهن رڙيون ڪندي، ڊوڙڻ ٿو لڳي. ڳوٺاڻن کي سڏَ ٿو ڪري: اچو، پنهنجي پار ۾ پاڻي مٺو نڪتو آهي... اهو ڪردار پاڻيءَ لاءِ سوچي سوچي، چريو ٿي ٿو وڃي. ڪمال جا ڊائلاگ آهن، هن ڪهاڻيءَ جا. ”ڪوس کڻو، ورت کڻو، وهٽ ڪاهيو... کوهه مٺو پاڻي ڏنو آهي“، ”اڙي جن لڳو آهيس“ علو هڪل ڪري چيو ”ڪلمون پڙهه، ڪلمون پڙهه...  ڪافر ڀيڻسان.“
هاڻ هڪڙي ڳالهـه ٻڌايان. اهڙو کارو کوهه جيڪو ٿر جي هر ڳوٺ ۾ آهي، سو اڄ به نصير جي ڳوٺ ولاسري ۾ هن جي پاڙي اڳيان ڍينگهرن سان ڍڪيل آهي- ۽ ولاسري وارا اڄ به پاسي وارن راڄن جي کوهن تان پاڻي ڀرڻ وڃن ٿا. اها وارياسي وجود جي سچي ڪهاڻي ولاسري جي آهي. هيءَ خيالي ڪهاڻي ناهي.
هن ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي ’سمهاڙو‘ پڻ ٿر جي ڀاڳين جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٿر جي مال ۾ ٿيندڙ بيمارين لئـه هندن جي مساڻ جي ڪاٺي اگهاڙو وڃي رات جو کڻي اچڻ لازمي آهي. اهي ڪهاڻيون ڪنهن نالي چڙهيل اديب بدران ڪنهن اڻ پڙهيل ٿريي کي ٻڌائبيون، ته اهو ويساهه سان چوندو، ته اهو هر ٿريي جو مسئلو آهي. مهاڳو اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا ايڪهتر ۽ پنجهٺ ۾ سرحد پار لڏي ويل ماڻهن ۽ ٻني جي مهاڳن تي سرڪاري عملدارن جي حرفت بازين جي ڪهاڻي آهي. وسڪاري جي پهرين ڇنڊ ڪرندي آهي ته ٿر ۾ اهي مسئلا اڀرندا آهن.
نصير جون هي ڪهاڻيون پڙهندي، اوهان کي نصير ۾ اهو ٿريو به نظر ايندو، جيڪو لوڪ ڏاهپ جو ماڻهو هوندو آهي. اهي ڪارڻ جيڪي ٿر ۾ ڪيا ويندا آهن يا اهي سوڻ ساٺ جيڪي ٿر ۾ ٿيندا آهن، اهي هن جي ڪهاڻين جا ڪردار به ڪندي نظر ايندا. ڪهاڻي ’ڇڪڙو‘ ۾ ڇڪڙي جي ڊرائيورن جي نفسيات، روين، ڪلچر سميت انهن پاران سريلا ڇوڪرا ڪنڊيڪٽر طور رکڻ واري شوق ۽  سندن حرڪتن تي کلي ڳالهايو ويو آهي.
اهي ته ٿيون ٿر جي پس منظر واريون ڪهاڻيون، پر اهو ئي ساڳيو نصير ڪنڀار ۽ هن جي ڪهاڻي جڏهن جڏهن به ٿر جي واري جي دڙن کي ڇڏي، ڪنهن شهر يا ڪنهن ٻئي ڏس ڏانهن منهن ڪيو آهي، ته هو اتي ٿڙيو ٿاٻريو ۽ آٿڙڪيو به آهي. ڪيترا ئي ڀيرا نصير جي ڪهاڻي ۽ ان جا ڪردار شهر جي شور، گاڏين ۽ فورسيٽر جي هارونن ۾ گم به ٿيا آهن. نصير جي انهن ڪهاڻين ۾ نصير اهڙو ڀرپور نظر نٿو اچي، جيئن ٿر واري پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻين ۾ آهي. وري به نصير وٽ ڪهاڻي لکڻ جو آرٽ هر هنڌ موجود آهي. هن جو هيءُ ڪتاب سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو اضافو آهي، پر هر حوالي سان ياد رکڻ جهڙو آهي.
هن ڪتاب ۾ نه صرف ڪهاڻي ساهه کڻندي محسوس ڪري سگهجي ٿي، پر اها زندگيءَ سان گڏ گڏ چرندي پرندي به ڏسي سگهجي ٿي.

No comments:

Post a Comment