ايوب گل جي شاعري
خواب ۽ خانابدوشي!
عمر قاضي
مون ايوب گل جي شاعري اڳ ۾ نه پڙهي هئي. جڏهن هن جو
مجموعو شايع ٿيو ته هڪ دوست فون ڪري چيو ته ”هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن تي اوهان کي
ڪالم ضرور لکڻ گهرجي.“ مون هن کان پڇا ڪئي ته ”ڪتاب جو نالو ڪهڙو آهي؟“ هن ٻڌايو ته
”رنگن جي خانابدوشي“.
۽ پوءِ
ان ڏينهن کان وٺي مان ان ڪتاب لاءِ بيچين ٿي پيس. منهنجي بيچينيءَ جو بنيادي سبب صرف
اهو هڪ لفظ ”خانابدوشي“ ئي هو، ڇو ته مان روحاني طور تي پاڻ به خانابدوش رهيو آهيان.
هي ته اسان هن دنيا جي جهنجهٽ ۾ اڙجي ويا آهيون، نه ته زندگيءَ جو اصل حسن ته آهي ان
انداز ۾ جنهن انداز واري زندگيءَ کي هيءَ دنيا خانابدوشي سڏيندي آهي.
زندگيءَ کي سفر ته هر ڪو چوندو آهي پر زندگيءَ کي سفر
بڻائي صرف خانابدوش ئي جيئندا آهن. اهي خانابدوش جيڪي ڪا موسم ڪٿي ۽ ڪا موسم ڪٿي گذاريندا
آهن. اهي خانابدوش جن جا قبيلا قافلا ٺاهي هلندا آهن. اهي خانابدوش جن جي حياتي فطرت
جو اٽوٽ انگ هوندي آهي، جن جا پنهنجا اصول ۽ حياتيءَ جا ماپا معيار هوندا آهن. اهي
خانابدوش جيڪي محبت جو حقيقي مطلب ڄاڻندا آهن. اهي خانابدوش جيڪي سمجهندا آهن ته حسن
صرف آزاديءَ ۾ آهي. اهي خانابدوش جيڪي حقيقي طرح آزاد هوندا آهن. ايترا آزاد جو انهن
کي گهر به هڪ قيد محسوس ٿيندو آهي. ان ڪري ته پکين وانگر ڪڏهن به هڪ هنڌ تي نه رهندا
آهن. هو صرف آکيرا جوڙيندا آهن، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي!؟
مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ڪاش! اهڙي زندگي مون کي
ملي. اهڙي رولاڪ ۽ راهن سان عاشقيءَ واري زندگي! ان ڪري ”خانابدوش“ لفظ ٻڌڻ شرط ئي
منهنجي روح ۾ لهي ويو ۽ مان سوچڻ لڳس ته اهو ڪتاب ڪو عام ڪتاب نه هوندو، ڇو ته ان ڪتاب
جو نالو ”رنگن جي خانابدوشي“ آهي. رنگ ته واقعي به خانابدوش هوندا آهن. پوءِ اها ڌرتي
هجي يا آڪاس رنگ هر هنڌ تي خانابدوشيءَ ڪندا رهندا آهن. مون کي معلوم ناهي ته جڏهن
شاعر پنهنجي پهرين مجموعي جو نالو سوچيو پئي ته هن جي ذهن ۾ ڇا هو؟ ڇا هن جو ذهن ڪنهن
مغربي مصور جي ڪينواس وانگر بڻجي ويو هو؟ يا هن جي دل جي تارن تي فيض احمد فيض جو اهو
نظم وڄي رهيو هو ، جنهن جون ڪجهه سٽون اهي به آهن ته:
”اب جو آئي تو ٺهرو
ڪوئي
رنگ
ڪوئي
رت
اپني
جگهه پر ٺهري!!“
جڏهن انسان مسرت جي ڪيفيت هٿان کنڀجي ويندو آهي ته
هن لاءِ ڪابه شيءِ هڪ هنڌ واري نه رهندي آهي. خاص ڪري رنگ ۽ موسمون! رنگن ۽ موسمن جي
خوبصورتي اها هوندي آهي ته اهي خانابدوشيءَ جي مستقل ڪيفيت مان گذرندا آهن، انهن جو
ڪو هڪ ٺڪاڻو نه هوندو آهي.
محبت منهنجي نظر ۾ رنگن ۽ موسمن جو اهڙو ميلو آهي،
جيڪو هلندو رهي!
۽ ايوب
گل جو ڪتاب پڙهي مون کي يقين اچي ويو ته هن جي روح ۾ واقعي هڪ شاعر جو بسيرو آهي. مان
به هن جي ان نظم کي ڪيترا ڀيرا پيار سان پڙهي چڪو آهيان، جنهن نظم کي منهنجي روحاني
استاد گج جهڙي ڀرت ڀريل مهاڳ ۾ ڪنهن خوبصورت ڪائي وانگر ٽانڪيو آهي. اهو نظم جنهن
۾ شاعر لکي ٿو ته:
”ٻه ٽي منظر
حياتيءَ
جو حصو ٿي ويا
وسارڻ
سان نه ٿا وسرن
مٽائڻ
سان نه ٿا مٽجن!
پريان
هو ساڌ ٻيلو
۽ مٿان هئي نيرڙي سانجهي
وهيو
درياهه ٿي ڌنڌلو
اڳيان
پل جون بتيون جرڪيون
چٽو
هو چنڊ روهڙيءَ تي
سکر
جون سڀ گهٽيون جرڪيون
ڪپر،
ٻوڙا، جلهيا ٿي سڙهه
ٿڪي
ٿيو چُور هو مانجهي!
مٿان
هئي نيرڙي سانجهي!“
”اسان جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ
پراڻو
کوهه هوندو هو
انهيءَ
تي ميڙ نارين جو
انهن
۾ چنڊ-پري ڪائي
اڪيلي
هئي
ڳهيليءَ
دل
وڃي
ڀاڪر ڀري ڪائي!
اهوئي
ڳوٺ ڳڀرن جو
ٺڪاڻو
کوهه هوندو هو
پراڻو
کوهه هوندو هو!!“
”وصل جي ويل وئي نڪري
اکيون
اگهندي چيائين ٿي
اسان
سان خواب ۾ هاڻي
ملو
جيڪر، ملي وٺجو!
اسان
جي ڳوٺ ۾ ڪنهن پر
اچو
جيڪر ملي وٺجو!
”اسان جو پنڌ پورو ٿيو“
وري
چمندي چيائين ٿي
اکيون
اگهندي چيائين ٿي
اهوئي
بار لفظن جو
اهائي
رات سانوڻ جي
ملڻ
وڇڙڻ جي ويلا ۾
اهو
سيلاب ڳوڙهن جو......!
اڃا
بيٺا اتي آهيون
اتان
کان دل چُري ناهي
اتان
کان دل چري ناهي!!“
مون مٿين نظم کي دل جي اٿاهه گهرائيءَ سان پڙهي سوچيو
ته سنڌ ۾ اڄ به ان قسم جي شاعري ٿي رهي آهي ته پوءِ هن دور کي ڏات جي ڏڪار جو دور ڪيئن
ٿو چئي سگهجي؟ نه ته مون کي هي ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾ ائين لڳندو هو ته سنڌ ۾ فن هاڻي
هڪ رڃ جو نالو آهي. پر ايوب گل جي ڪتاب کي پڙهندي مون کي محسوس ٿيو آهي ته ان رڃ ۾
اڃا به مورن جون رڙيون موجود آهن. اهي مور جن جي رڙين لاءِ ڪنهن ٿري شاعر ڇا ته شعر
لکيو هو ته:
”ڪارونجهر ري ڪور، مرين ته مڙيئي نهين
ماٿي
ٽهوڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو!!“
يعني ڪارونجهر جي چوٽيءَ کي مري به وڃين، تڏهن به نه
ڇڏجانءِ. ڇو ته جڏهن ان مٿان مور رڙ ڪندو آهي ته سمورو پربت ڏيئي وانگر ٻري پوندو آهي.
ايوب گل جا نظم واقعي اهڙيون مورن رڙيون آهن، جيڪي
ڏونگرن تي ڏيئو بڻائي ٻارين ٿيون. ان جو سڀ کان وڏو مثال مان پاڻ آهيان. مان جنهن کي
لڳندو آهي ته هن جي روح ۾ ڪنهن ويران پربت جو ڪڏهن نه هٽندڙ پاڇو آهي، ان اداس پربت
کي ايوب گل جي نظمن روشنين سان منور ڪري ڇڏيو آهي.
ڇا هن جي ان نظم کي پيار جي ريشمي رومال ۾ ويڙهي دل
۾ محفوظ نه ٿو ڪري سگهجي ته:
”آئون ورهن جي وٿيءَ ۾
اڄ
به توکي ٿو تلاشيان
پاڻ
۾ توکي تراشيان!!
تون
الئه ڪيڏانهن وئين؟“
واقعي اسان سڀ گم ٿي ويل محبتن جا متلاشي مسافر آهيون.
اسان جي اها محبت جيڪا هڪ خواب هئي، جيڪا اسان جي اکين جي هٿن مان ترڪي ڪٿي ڪري ۽ وڃائجي
وئي. اسان ان جي ڳولا ۾ جيڪا زندگي اختيار ڪئي آهي، ان زندگيءَ کي خانابدوشيءَ کان
سواءِ ٻيو ڪو نالو ڏئي به ته نه ٿو سگهجي!
ان ڪري خوبصورت شاعري به خيالن ۽ خوابن جي خانابدوشي
آهي. ايوب گل هڪ حقيقي شاعر آهي. ان ڪري هن جي روح ۾ هڪ ازلي رولاڪي آهي. ان رولاڪيءَ
هن کي دل جي ڪهڙن ديسن جو سير سفر ڪرايو آهي؟ ان سوال جو صحيح جواب ته شاعر پاڻ ئي
ڏئي سگهي ٿو پر اسان جي نظر ۾ ته اها هڪ نه ختم ٿيندڙ مسافري آهي. محبت وانگر!
ادا زبردست ڪالم لکيو اٿو
ReplyDelete