06/01/2013

مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو مجموعو - رکيل مورائي



مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو مجموعو
”ڇپر ۾ ڇڙيون“
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب قبلهءَ سائين طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ چوٿون ڀيرو شايع ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هن ڪتاب جا پهريان ڇاپا به نهايت خوبصورت هئا ۽ ائين هي ڇاپو پڻ نهايت خوبصورت آهي. هي ڪتاب پهرئين ڇاپي کان وٺي گهڻو پڙهيو ويو آهي. 1971ع ۾ ڇپيل پهرئين ڇاپي کان وٺي هن نئين ڇاپي تائين هن ڪتاب جي ساڳي اهميت رهي آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف شاعراڻيون صنفون آهن پر انهن ۾ گهڻا ئي ڪافين ۽ بيتن جي آهي،. سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو شاعر پنهنجي هن ڪتاب ۾ گهڻو گهڻو وڏو نظر ايندو رهيو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن. قبله سائينءَ جو هيءُ ڪتاب 490 صفحن تي مشتمل آهي. بيحد خوبصورت پڪي جلد ۽ ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه 470 رپيا آهي ۽ هيءُ ڪتاب بورڊ جي لاءِ هڪ اهم حاصلات آهي.

No comments:

Post a Comment