16/01/2013

ڪتاب ”جي ايم سيد جي تعليم“ - رکيل مورائي



آزاد قاضيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب
جي ايم سيد جي تعليم“
رکيل مورائي
سائين جي ايم سيد پنهنجي سڄي ڄمار ۾ لڳ ڀڳ جيترا سال زندهه رهيو اوترائي ڪتاب لکيائين، جيڪي مختلف مسئلن تي آهن جن ۾ فلسفو، سياست، سياسي تاريخ، سماجي علم، ادبي ۽ نظرياتي علم ۽ خط وغيره.
ائين هزارين صفحن جو مواد اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي، جيڪو هاڻ جي ايم سيد فائونڊيشن ۽ ڪي ٻيا ادارا ڇپرائي رهيا آهن ۽ انهن سڀني ڪتابن کي ڏسي ۽ پڙهي اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه آهي، ته سائين پنهنجي سموري زندگي جو هڪ پل به اجايو نه وڃايو ۽ پنهنجي اڳواڻ شاعر سچل جي هن سٽ تي عمل ڪندو رهيو ته ”جودم غافل سودم ڪافر“. ائين هن ڪو به پل غافل رهي ڪافر ٿيڻ کان پاڻ کي بچائي رکيو.

اهو به سچ آهي سيد سائين سان ڪيترائي شخص سياسي اختلاف رکندا هوندا پر اهو وڏو سچ آهي، ته هن جي ڪردار تي سندس مخالف به ڪڏهن آڱر نه کڻي سگهيا ۽ مان سمجهان ٿو ڪنهن به شخص جون اهي پيغمبراڻيون صفتون ئي ٿي سگهن ٿيون، جيڪي پنهنجون ڪندي پاڻ چيائين ته ”جنهن شخص جو ذاتي ڪردار سٺو ناهي ان جي سياسي ڪردار مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي.“ مان سمجهان ٿو ته اڄ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ان چوڻيءَ تي پر کجي ته سنڌ ۾ گهڻي اوندهه نظر ايندي.
سائين جي ايم سيد جي سڀني ڪتابن، مضمونن ۽ ٻين لکڻين مان چونڊ چوڻيون گڏ ڪري ”جي ايم سيد جي تعليم“ جي نالي سان هڪ پڙهڻ جهڙو ڪتاب اسان جي وطن دوست تاريخدان ۽ اديب آزاد قاضي صاحب جوڙيو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1986ع ۾ ڇپيو هو ۽ قومي ڪارڪنن اهو ڪتاب صحيفي طور پاڻ نه رڳو پڙهيو پر سيني ۾ سانڍي رکيو، جنهنڪري ان ڪتاب جي وقت بوقت ضرورت محسوس ٿيندي رهي ۽ اڄ جي حالتن ۾ جڏهن سيد جا پوئلڳ سڏائيندڙ به پنهنجي رهبر جي تعليم کي ان معنيٰ ۾ نه اظهاري رهيا آهن، تڏهن هن ڪتاب جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿي رهي آهي ۽ ان ضرورت جو پورائو ڪندي هن ڪتاب جو نئون ڇاپو ڪارڪنن ۽ سنڌي نوجوانن جي مطالعي لاءِ ڇپايو ويو آهي، جيڪو موسيٰ پبليڪيشن ڄام شورو پاران ڇپايو ويو آهي. صدين تائين پڙهڻ جهڙو هيءُ ڪتاب 140 صفحن تي مشتمل آهي. پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل وارو ڪتاب 200 رپين ۾ مارڪيٽ مان ملي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment