13/02/2015

ٻه روسي ناوليٽ - ابو رافع (Abu Rafiu)

ٻه روسي ناوليٽ

”جميلا“ ۽ ”دوشين“

ابو رافع

  ان ڳالهه چوڻ/لکڻ جي ڪا خاص گهرج به نه آهي ته سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي اديب تي دنيا جي ادب مان جنهن گهڻو اثر ، اهو روسي ادب هئو. اها به حقيقت آهي ته 1917 جي آڪٽوبر انقلاب دنيا جي تاريخ ۽ سماج تي جيڪي اثر ڇڏيا اهي اڄ تائين موجود آهن. ٻيو سبب اهو آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جن حالتن مان گذري آهي، ۽ اڃا به گذري رهي آهي. انهن حالتن سنڌي اديبن کي ٻاهر نهارڻ ئي نه ڏنو ۽ اهڙين حالتن ۾ دنيا جي وڏي حصي وانگر روسي ادب سنڌي ماڻهن جي به حوصلي افزائي ڪئي ۽ سنڌي اديب ان کان گهڻو متاثر ٿيو.
انهن حالتن ۾ ڪيترا روسي اديب ۽ سندن لکڻيون سنڌي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي من ۾ واسو ڪري ويٺل هُئا. ڇاڪاڻ ته اُهي سڀ هڪ طئي ڪيل راهه/آدرش لاءِ وڙهي رهيا هئا. انهن اديبن مان هڪ نالو چنگيز اعتماتوف جو به هو، جنهن جي لکڻين ۾ هڪ ئي وقت عشق ۽ انقلاب موجود هُئو. جيئن اڪثر روسي اديبن جي لکڻين ۾ موجود هوندو هو. اهو ڪيترو حيقيقي هُئو يا نه هُئو ان لاءِ هڪ الڳ اڀياس جي گهرج آهي.


چنگيز اعتماتوف جا سنڌي پڙهندڙن وٽ ٽي ناول مشهور ٿيا، جيڪي اردوءَ جي معرفت ئي آيا ۽ جيڪي اڳتي هلي سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿيا. سندس هڪ ناوليٽ جميلا اسان جي پياري سائين ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيڪار نور گهلوءَ ڪيترائي سال اڳ ۾ ڪيو هو. ۽ چنگيز جو ٻيو ناول دوشين ۽ ٽيون ڌرتي ماءُ روسي ڇاپي ۾ اردوءَ ۾ تڏهن سچيت پڙهندڙن وٽ موجود هُئا، ۽ هاڻ انهن مان هڪ دائري ۾ سنڌي پڙهڻ وارن تائين پهچي ويندو، ڇاڪاڻ ٻئي ناول اسان جي دوست ليکڪ ۽ شاعر ستار پيرزادي ترجمو ڪيا آهن. ستار پاڻ ئي لکيو آهي ته هنن ناولن جي ترجمو ڪرڻ جو سبب ناولن ۽ سنڌ جي حالتن جي هڪجهڙائي آهي، جنهنڪري ناول سنڌي پڙهندڙن تائين رسائڻ چاهيا آهن. اهو ته سچ آهي ته هيءُ ناوليٽ پڙهيل هجڻ باوجود جڏهن سنڌي ترجمي ۾ پڙهجن ٿا، تڏهن به اوترائي اهم لڳن ٿا جيترا پهريون ڀيرو پڙهڻ وقت، محسوس ٿيا هُئا. گهڻي عرصي کان روسي ادب هند توڻي سنڌ ۾ اچڻ بند ٿي ويو آهي. ان ڪري ممڪن آهي ته اڄ جو نسل انهن ڪتابن جي نالن کان به واقف نه هُجي، جيڪي ڪتاب اسان راتيون جاڳي پڙهندا هئاسين ۽ ٻين راتين ۽ ڏينهن ۾ انهن ڪردارن جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هُئاسين، جيڪي سرد راتين ۾ پنهنجي محبوبائن جي ڀاڪرن کان ڪوهين ڏور هڪ اهڙي انقلاب لاءِ وڙهي رهيا هئا، جنهن تي ئي سندن آئيندو ٻڌل هو. هڪ آدرشي دور هُئو، جيڪو هاڻي شايد نه رهيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جون حالتون انهيءَ کان به بدتر آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ اسان جي دوست ستار پاران چنگيز اعتماتوف جي ٻن انقلابي ناوليٽن جو ترجمو اچڻ بيحد خوشي ٿو ڏئي. پڪ سان گهڻن نوجوانن وٽ هيءَ ناوليٽ پهچڻ گهرجن، ممڪن آهي ته کين پنهنجي قبلي درست ڪرڻ ۾ مدد ملي، جيڪو قبلو اڄ جي لکندڙ آڏو رهيو ئي نه آهي شايد. اسان جو دوست انعام عباسي جس لهڻي جيڪو دل سان ڪي سٺيون لکڻيون اڄ جي دور ۾ به سنڌ کي ڏئي رهيو آهي. چنگيز جي هنن ٻن گڏيل ناوليٽن ”جميله“ ۽ ”دوشين“ جي هڪ ئي جلد ۾ قيمت ٻه سئو رپيا آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل تي جبل جيڏا ناول لکندڙ روس جي اديبن مان هڪ چنگيز اعتماتوف جي تصوير آهي ۽ بس!

No comments:

Post a Comment