افضل قادري: هڪ ارڏو شخص ۽ مزاحمتي شاعر
فياض لطيف
ڌرتيءَ خاطر گيت لکيم جي
دل مان نڪتا چيري دل کي
واڪ انهن تي ڏيندو ڪير؟
باھ ڀلا هي وٺندو ڪير؟
افضل قادريءَ جو جنم ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ دودي
سنهڙيءَ ۾ 15 آگسٽ 1941ع تي حافظ احمد رحمت الله قادريءَ جي گھر ۾ ٿيو. افضل جو
خاندان بنيادي طور عالم ۽ دين سان چاھ رکندڙ هو. سندس والد ۽ ڏاڏو وڏا ديني عالم،
ادب پرور ۽ علم جي بحر مان پيتل پرش هئا. افضل جو والد مدرس، فقه ۽ حديث جي ججھي
ڄاڻ رکڻ کان علاوه بهترين پرائمري استاد پڻ هو. ديني ۽ دنوي علم سان دلچسپي رکڻ
سان گڏوگڏ پاڻ لاڏي ۽ سهري جو سٺو شاعر به هو. پرائمري استاد مان ترقي ڪري هاءِ
اسڪول جي عهدي تان رٽائر ڪندڙ هو بزرگ صفت حافظ رحمت الله پنهنجي معاشي وت کان وڏي
ڪٽنب جو اڪيلو سنڀاليندڙ ۽ گھر جي لڏي کي هلائيندڙ هو. محدود وسائل ۽ لامحدود
گھرجن واري دور ۾ سندس گھر جي معاشي حالت ”آڻين ۽ چاڙهين“ جي مصداق هئي، پر پوءِ
به مفلسي ۽ تنگدستيءِ جي باوجود هن پنهنجي
اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي. پنهنجي وڏي پٽ محمد ڪامل قادري (دبئي ۾
وٽنري آفيسر) کان وٺي محمد انور قادري (ريڊر ڊي ايس پي) ۽ افضل قادريءَ تائين سڀني
کي چڱي تعليم ڏياريائين، پر افضل پنهنجي ارڏي ۽ هوڏي طبيعت ڪارڻ ڪائي اعلى تعليم
حاصل ڪري نه سگھيو ۽ نه ئي ڪو سرڪاري اعلى منصب ماڻيو.
افضل ديني ۽ پرائمري تعليم پنهنجي والد کان پنهنجي ڳوٺ دودي
سنهڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. مڊل ۽ سيڪنڊري گورنمينٽ
پائليٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1962ع ڌاري سکر وٽنري
ڪورس ڪرڻ ويو. افصل جيئن ته ننڍپڻ کان ئي انتهائي خود دار، جذباتي ۽ نڊر هو. ٻي جي
سهاري بدران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي يقين رکندو هو. هن پنهنجي جذباتي ۽ اٻهري طبيعت
سبب پنهنجو تمام گھڻو نقصان ڪيو، ايتري تائين جو ٿوري گھرو معاشي پريشانين ۽ عدم سهائتا ڪارڻ هن ميٽرڪ ڪرڻ
کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ ئي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ وٽنريءَ جو ڪورس ئي سندس زندگيءَ جي آخري
ڊگري ثابت ٿيو، ان کان پوءِ هو روزگار جي ڳولا ۾ لڳي ويو.
تعليم ڇڏڻ کان پوءِ افضل روزگار جي تلاش ۾ تمام گھڻو ڀٽڪيو.
وڏين ڪرسين تي ويٺل آفيسرن کان وٺي ڳوٺ جي وڏيرن، شهري سيٺن ۽ سرمائيدارن تائين هن
هر هڪ کي آزمائي ڏٺو، پر سواءِ آسرن ۽ ڪوڙي ڏٽن جي کيس ڪجھ ڪين مليو، ايترو سو
ٿيو، جو هن کي انهن وڏي منصب تي فائز
آفيسرن، دولتمند وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي مڪارين ۽ منافقين جو چڱو تجربو حاصل ٿيو.
ان کان علاوه هن انهن دربدري جي ڏينهن
دوران ٻهراڙيءَ جي چاڪي جي ڏاند وانگر زميندار جي قرض جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ هاري ۽
شهر جي ٽي بي ورتل مل مزدور جي ڪرب ناڪ موت جھڙي زندگيءَ جو انتهائي ويجھڙائي کان
مشاهدو ماڻيو ۽ ان کان ڪافي متاثر پڻ ٿيو.
سڄي زندگي آ، صرف رات هڪڙي
نه گذري ٿي جيڪا، نڪي صبح ٿئي ٿو
هميشه اڱڻ تي، انڌيرن جو گھيرو
ديون جي اچ وڃ، ۽ چٻرن جو اڏرڻ
اکين سان ڏسان ٿو، ته ڏاڍو ڊڄان ٿو
پريشان آهيان ته ڪيئن رات ڪٽبي!
(ٻريا رنگ
رتول، ص74)
آخر 15 آگسٽ 1962ع تي وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالن کان پوءِ افضل کي
سکر جي جانورن جي اسپتال ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي، هن جي گھر جي اڌ اجھاڻل چلھ
۾ اميد جا ٽانڊا جرڪڻ لڳا. هن جي ٿڪل وجود ۽ مايوس احساسن ۾ هڪ نئين اتساھ ۽ آجپي
جنم ورتو. هن نوڪري کي ٽوڪري نه، پر پنهنجي ٻچن جي روزي ۽ روٽيءَ جو ذريعو ۽
پنهنجو فرض سمجھي پاڻ پتوڙيو. ٿڌي ڪوسي، پيرين پيادو توڙي سائيڪل تي ڪوهين ڏور
ڳوٺن ۽ وسندين ۾ بيمار ڍورن جي مسيحائي ۽ پنهنجي حلال روزيءَ جي حاصلات لاءِ پاڻ
پتوڙيندو رهيو.
هن ڪرپٽ، دقيانوسي ۽ روايت پرست سماج جو حصو بنجڻ واري
زندگيءَ کان افضل قادري هميشه فاقن، مفلسي
۽ ڏکن واري، پر بااصول ۽ عزت نفس واري جياپي کي ترجيح ڏني، انهيءَ لاءِ هُن
جاين کي رنگ ڪرڻ، ٻيڙين جي مانڊڙي ۽ ڪِرائي تي سائيڪلون هلائڻ کان وٺي مال جي
مسيحائي تائين جا پورهيا ڪيا، پر ڪڏهن به ڪنهن اڳيان جھُڪيو نه، ۽ نه ئي وري ڪنهن
مفاد جي خاطر پنهنجي اصولن جو سودو ڪيائين. 1964ع ۾ افضل جي بدلي مديجي ٿي، جتي
ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ 1967ع ۾ جيڪب آباد ۽ چڪ ڀرڪڻ جي اسپتالن ۾ کيس رکيو ويو.
1968ع ۾ سندس ٽرانسفر لاڙڪاڻي ٿي ۽ هو
پنهنجي ڪٽنب سميت اچي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو.
افضل قادري غريب ۽ مفلس ضرور هو، پر مصلحت پسند ۽ ڪنهن
اڳيان جھڪڻ وارو نه هو، ان جي گواهي سندس مخالف به ڏيندا، ته هو انتهائي خود دار ۽
بي ڊپو شخص ۽ شاعر هو. افضل جو ننڍپڻ ڳوٺ دودي سنهڙي جي خوبصورت ۽ فطرت جي رنگينين
سان مالا مال ماحول ۽ علم دوست خاندان جي اثر ۽ صحبت ۾ گذريو ۽ جواني شهر جي تنگ
ڳلين ۽ اجنبي پيچرن تي مختلف سمتن ۾ سفر ڪندي. هن جانورن جي اسپتال ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ
۽ ان سان گڏوگڏ رنگ ساز هئڻ جي ناتي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن جون مسافتون ڪيون. ان
اڻانگي پنڌن ۽ پيچرن جي مسافتن ۾ کيس انيڪ تجربا ۽ مشاهدا نصيب ٿيا. جيون سفر ۾
کيس ڪيترائي ٻاهر ملان اندر ۾ ابليس، پُرماري، پورهيت جو خون پياڪ استحصالي به
مليا، ته حقيقي هڏ ڏوکي، همدرد ۽ زخمن تي محبت جي مرهم جا پها رکندڙ پُر خلوص ۽
پيار ڪندڙ ماڻهو به. افضل هڪ حسينا سان جنوني عشق به ڪيو، پر ان جي ٻاڦ ڪنهن عام
کي نه ڏني. اندر ئي اندر ۾ ان مه جبين جي پيار جا پور پچائيندو ۽ سور سانڍيندو
رهيو. استحصالي طبقي خلاف شديد نفرت ۽ هڪ حسينا جي محبت جي اڻ جھل جذبي افضل کي
شاعر بڻايو ۽ شاعري وري کيس مظلوم ۽ پيڙيل طبقي سان سلهاڙي، انهن جي حق جي آواز جو
طرفدار بڻائي ڇڏيو.
ڪارو، ڀورو، کتري، شودر
هر هڪ انسان آهي برابر
ذات پات ۽ ننڍ وڏائي
ڪوڙو چڪر آهي اجائي
تون ڀي انسان مان ڀي انسان....
ڪوڙين رسمن کان منهن موڙي
پيار ڪيون انسانيت سان
هر ڪاري ڀوري ماڻهوءَ سان
هر کتريءَ سان هر شودر سان
ڪنهن امن جي حامي حبشيءَ سان
(ٻريا رنگ رتول، ص92)
ڪرسٽومارلي جو چوڻ آهي ته، ”هر دل ۾ هڪ ڊيل لڪل هوندي آهي،
جيڪا صرف خوبصورتيءَ جي لهرن تي رقص ڪندي آهي“ ۽ افضل جي مور جھڙي من ۾ لڪل ڪوتا
جي ڊيل، محبت جي هڪ نفيس ڇهاءَ سان لفظن جي حسين لهرن تي رقص شروع ڪيو. ڏسندي ئي
ڏسندي سندس نوٽ بوڪ جا پنا پوپٽ جي رنگن جھڙي سهڻي شعرن سان ڀرجندا ويا. افضل جون
ابتدائي تخليقون روايتي رومانوي رنگ ۾ رڱيل نظر اچن ٿيون، پر جڏهن هُن لاڙڪاڻي جي
ادبي ۽ تنقيدي تنظيم، ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ باقاعدي اچڻ شروع
ڪيو، تڏهن سندس اندازِ بيان ۽ تخيل ۾ تخليقي پختگي سان گڏ اظهار ۾ جرئت ۽ مزاحمت
جو عنصر پڻ عيان ٿيو، جنهن کيس ”مظلومن جي طرفدار ۽ مزاحمتي شاعر“ جي نئين شناخت
عطا ڪئي.
افضل قادري جذباتي ۽ جوشيلي هجڻ سبب، ابتدائي ڏينهن م پاڻ
تي ٿيندڙ تنقيد جو ڪک به برداشت نه ڪندو هو ۽ هر نقاد تي ڪاٽڪو بڻجي ڪڙڪي پوندو هو،
ايتري تائين جو لقمان حڪيم جھڙِي ڪهنه مشق شاعر ۽ شاعري جي بحر وزن جي ڄاڻو کي به
نه بخشيائين. چون ٿا ته هڪ گڏجاڻيءَ ۾ افضل غزل پڙهيو، جنهن تي ٻين اديبن سان گڏ
لقمان حڪيم پڻ چڱي تنقيد ڪئي. افضل ان وقت ته زهر جو ڍڪ پي ويو، پر ٻي ڏينهن
سائيڪل جي هينڊل ۾ چمڪندڙ ڪهاڙي ٽنگي وڃي لقمان جي دوڪان تي لٿو ۽ پنهنجو ساڳيو
غزل لقمان کي ڏئي چيائين ته ان کي درست ڪري ڏي. لقمان حڪيم عقلمند ماڻهو هو، جنهن
معاملي جي نزاڪت کي سمجھي ورتو. ٻه ٽي ڀيرا غزل کي پڙهڻ کان پوءِ اهو افضل کي واپس
ڪندي چيائين، يار! غزل ته انتهائي خوبصورت ۽ ڀرڀور آهي، بحر وزن ۾ به پورو آهي،
ڪلھ رات شايد مان غزل پوريءَ طور پڙهي ۽ سمجھي نه سگھيو هوس، ان ڪري راءِ ڏيڻ ۾
غلطي ٿي وئي هوندي.
افضل جي جذباتي ۽ ارڏي طبيعت جي حوالي سان سندس دوست ۽ سنڌ
جو خوبصورت ڪهاڻيڪار رزاق مهر لکي ٿو ته، ”افضل اوائلي زماني ۾ اهڙي زندگي گذاريندو
هو، جنهن ۾ ضد، ارڏائي ۽ ڪاوڙ گھڻي هئي. تن ڏينهن ۾ هو بندوق جو نشانو وٺي جيئري
پکين جا ساھ قبض ڪندو هو ۽ ماڻهن ڏانهن به هن جو رويو سخت ۽ اڻ سهائيندڙ هوندو هو.
شروع واري ڏينهن ۾ جڏهن هن سان ملڻ ٿيندو هو، ته پاڻ تي ضبط ڪري هن سان ڪچهري ڪرڻي
پوندي هئي. افضل جو اهو روپ جيترو رکو ۽ ترش هو، پوئين زماني ۾ هن جو ٻيو روپ ان
جي برعڪس هو. مان هن جي محبتن ۾ شريڪ رهيو آهيان، هو انتهائي پُرخلوص ۽ محبتي
ماڻهو هو“(ماهوار ”ڪونج“، مئي 1994)
وقت سان گڏ افضل جي سوچ، فهم، تجربي، مطالعي ۽ مشاهدي ۾
وسعت پيدا ٿي ۽ هن جي خيال جي ٽاريءَ تي فڪر ۽ فن جا نوان گونچ ۽ گل ٽڙيا، جن جي
سڳنڌ ماحول کي معطر ڪيو. اڳتي هلي افضل جي اٻهري جذبات جي ڀڙڪندڙ باھ جھڙن روين تي
مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي پاڻيءَ جا ٿڌا ڇنڊا پيا. سندس تخليقن ۾ پختگي آئي ۽ هو
تنقيد جي حقيقي مفهوم کان پڻ آشنا ٿيو، جنهن ڪري سندس شاعري کي نيون وسعتون ۽
موضوعاتي ندرتون نصيب ٿيون. افضل جي شعور ۽ تخيل ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي محبت جا
رنگ رچي ريٽا ٿيا. هن جي شاعري مان روايتي موضوع جھڙوڪ گل ۽ بلبل، مسي ۽ مساڳ،
نرگس ۽ سوسن، فارسي زدھ ترڪيبون، تشبيهون، استعارا ۽ لفظي تصنع ۽ تڪلفات جھڙيون
شيون غائب ٿيڻ لڳيون ۽ ان جي جاءِ تي پسون ۽ پيرون، ملير ۽ مارون، انهن جا مسئلا،
مزدور ۽ هاريءَ جي مفلسي، وڏيري ۽ سرمائيدار جو جبر ۽ استبداد جھڙا موضوع سندس
شاعريءَ جو موضوع بڻيا ۽ هن جي شاعري مان مٽي جي خوشبو ۽ پورهيت جو پگھر جو واس
اچڻ لڳو.
افصل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي شاعراڻي سفر ۽ ان جي حقيقي
سمجھ بوجھ جي حوالي سان چوي ٿو، ”مون لکڻ جي جيڪا ابتدا ڪئي، اها اهڙي هئي، جنهن
کي اڄ جڏهن ڏسان ٿو ته حيرت ٿي ٿئي. جڏهن مون کي ادب جي ڪارج ۽ ان جي وقعت جي پروڙ
پئي، تڏهن مون روايتي ۽ اجائي لفاظيءَ کي ترڪ ڪري، زندگي ۽ ان سچائين کي پنهنجي
شاعري جي اظهار جو ذريعو بڻايو. منهنجي نظر ۾ شاعري اها آهي، جنهن ۾ انسان ذات جي
اهنجن ۽ سورن سان گڏوگڏ ظالم ۽ مفاد پرست ٽولي کي نفرت جو نشانو بڻائي عوام جي
راءِ جي اظهار جو رستو هموار ڪيو وڃي“ ( ماهوار”هزار داستان“، مارچ 1992)
افضل قادري شاعريءَ جي تخليق جي ابتدائي مرحلن مان گذرڻ کان
پوءِ جنهن موڙ جي گس تي پنهنجي اظهار ۽ آواز جا پير ڌريا، اهو گس فلسطين جي محمود
درويش کان وٺي چلي جي پئبلونرودا ۽ روس جي مينڊل اسٽام تائين جي سرجڻهارن ۽ باغين
جو گس آهي، جنهن جي منزل امن، شانتي، پيار، محبت ۽ آزادي آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ
افضل آخري پساهن تائين پنهنجي قلم ۽ علم ذريعي استحصالي قوتن سان جھِيڙيندو رهيو.
انساني قدرن جا قاتل چنگيزي
چوڏهين سن جا، جابر ۽ آمر هلاڪو
امن اڄ اوهان کان تقاضا ڪري ٿو
ته توبن کي روڪيو ۽ ٽئنڪن کي روڪيو
تشدد نه گھرجي، تشدد کي روڪيو....!
(ٻريا
رنگ رتول، ص86)
افضل، زندگيءَ جو وڏو عرصو مفلسيءَ ۾ گذاريو، پر پنهنجن
اصولن ۽ آدرشن تان ڪڏهن به دست بردار نه ٿيو. هو آخر تائين ”ڀلي بک ڀرم جي، شل نه
وڃي شان“ جي سچائيءَ تي عمل پيرا رهيو، ايتري تائين جو پوين ڏينهن ۾ جڏهن ڪينسر جو
موذي مرض سندس وجود کي وڪوڙي ويو، تڏهن به پنهنجي همت ۽ ثابت قدميءَ سان ان کي
منهن ڏنائين. جيڪو سندس هڙ ۾ هو، لاتائين، پر ڪنهن اڳيان جھول نه جھليائين. توڙي
جو اديب دوستن حڪومت کان سندس سهائتا جا مطالبا به ڪيا، پر هن پاڻ ڪڏهن پنهنجي
بيماريءَ کي اشتهار بڻائي، ڪنهن جون
کوکليون ۽ سستيون همدريون حاصل نه ڪيون.
ڪينسر جھڙي اذيتناڪ مرض سان ڪافي عرصي تائين جھيڙيندي
آخرڪار 12 مئي 1990ع تي افضل قادري جي ساھ جي تند ٽٽي پئي ۽ هو 48 ورهين جي عمر ۾
اسان کان وڇڙي اڻ ڏٺي ڏيھ ڏانهن هميشه
لاءِ هليو ويو. هن سوڳوارن ۾ سوين دوستن کان سواءِ هڪ بيوھ، چار پٽ، ٽي نياڻيون،
هڪ ڇپيل ڪوتا ڪتاب، ”ٻريا رنگ رتول“، هڪ اڻ ڇپيل مجموعو ”احتجاج“ ۽ ٻيون ڪيتريون
ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل تحريرون ۽ اڻ ڇپيل تخليقون پويان ڇڏيون. افضل قادري سدا
بهار شخصيت جو مالڪ، سون غمن، ڏکن ۽ مايوسين باوجود هر دوست سان مُرڪي ملندڙ
ماڻهو، پنهنجن نيڻن ۾ لڙڪ لڪائي، ٻين جي ڳلن تان پنهنجي پيار ۽ پاٻوھ جي پاند سان
لڙڪ اگھندڙ، پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچو شخص ۽ سراپا سرڪش شاعر هو.
افضل عمر ڀر محنت ۽ مزدوري ڪئي. هن سدائين شان ۽ مانَ جي
جياپي کي مُلهائتو سمجھي اوليت ڏني. ڪڏهن به سون تي سيڻ نه مٽايائين. هُن دنيا ۾
ڪائي دولت ۽ ملڪيت ڪونه ميڙي، پر زندگي ڀر دل جي مزدوري ڪري هن شاعريءَ جي دولت
سان پنهنجي من کي ريجھايو ۽ دنيا کي پڻ دل جي اها دولت بنا ڪنهن غرض ۽ اُجوري جي،
آڇي ۽ ارپي آهي. هو اڄ جي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ درٻاري اديبن وانگر ڌمالي ۽ جي حضوري
ڪندڙ قلمڪار ۽ ليکڪ نه هو، پر غيور ۽ نڊر شاعر هو، انهيءَ ڪري جڏهن هو زنده هو،
تڏهن به نظر انداز رهيو ۽ جڏهن هي جهان ڇڏي ويو آهي، تڏهن به سندس ڪو ورسي ملهائڻ
وارو به ڪونهي.
No comments:
Post a Comment