01/02/2015

ٻارڙن جو شاهه - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نوجوان اديب راز شاهاڻي ٻارڙن کي سمجهائي
ٻارڙن جو شاهه
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
شاھ سائين جا بيت جيئن اسان پڙهون ٿا ۽ سمجهون شايد اسان جا ٻارڙا ايئن نه سمجهي سگهن. ۽ جيستائين اسان پنهنجي ٻارڙن کي ننڍپڻ ۾ شاھ سائين پڙهائي ۽ سمجهائي نٿا سگهون، تيستائين هنن جي دلچسپي انهن ڏانهن نه ويندي، ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ هنن جي دلچسپيءَ جا ڪيترائي واهڻ/وسيلا موجود آهن، ٻارڙن کي شاھ سائين پڙهائڻ جون ڪوششون الڳ الڳ ٿيون آهن، پر اهي اڻ پوريون آهن، ڪوششون ضرور ڪرڻ گهرجن ۽ مستقل ڪرڻ گهرجن اهڙي ئي هڪ ڪوشش، سنڌي ادبي بورڊ اسان جي نوجوان دوست راز شاهاڻي جو سهيڙيل ڪتاب ڇپائي ڪئي آهي.
راز شاهاڻيءَ شاھ سائين جا چونڊ ٻارڙن جي شعوري جي سطح کي ڇهندڙ بيت سهيڙي، انهن جي سولي سمجهاڻي سان هيءَ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جيڪو ٻارڙن جي دلچسپيءَ لاءِ گهڻو ئي مواد ميسر ڪري ٿو. اڄوڪو ٻارڙو صبحاڻي جي سنڌ ۾ شاھ کي ڪيئن پڙهندو، جڏهن هن جي شعور ۾ ئي شاھ سائين نه هوندو. ان ڪري ننڍپڻ کان ئي اسان پنهنجي ٻارڙن کي شاھ سائين جا ڪي سولا بيت پڙهڻ سيکاريون، ايئن ڪري اسان پنهنجو مست قبل محفوظ ڪنداسين.

بهرحال ٻارڙن لاءِ هيءَ هڪ اهم ڪوشش آهي، شاھ سائين کي سمجهائڻ لاءِ، ڊبل ڊيمي سائيز  ۾ رنگين پرنٽ تي ڇپيل هيءُ ڪتاب گهڻو ساراهڻ جوڳو آهي. خوبصورت پني تي رنگين تصويرن سان سهڻي نموني ڇپيل هن ڪتاب ۾ 143 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 175 رپيا آهي، بورڊ جون هن قسم جون ڪوششون ياد رکڻ جهڙيون آهن.

No comments:

Post a Comment