04/02/2015

شيخ اياز جي شاعريءَ تي متقدمين جا اثر - فياض لطيف (Fayaz Latif)

فياض لطيف

شيخ اياز جي شاعريءَ تي متقدمين جا اثر

THE INFLUENCE OF SENIORS ON POETRY OF SHAIKH AYAZ


Abstract
The birth of Shaikh Ayaz is certainly 20th century mircle in Sindhi poetry and prose. He not only changed a lot with his authoritative thoughts and expressions but also bestowed a new life to Sindhi literature. He was a great intellectual asset of Subcontinent. He introduced new diction, themes, characters, rhythms, intellect and exclusive inner and objective images in his poetry. Ayaz destined to eloquent the real feelings of common Sindhi folks and pick up the social wreckage of their society to renovate their ethonational idientity, irrespective of the cultural, lingual and religious partialities.
 Shaikh Ayaz was inspired by many of his home land poets like Qazi Qadan, Shah kareem, Shah latif, Sami, Sachal and many other scholars, artists and mystics, as Shah Hussain, bulla Shah, Rumi, Hafiz, umer khayyam, kabeer, Galib, Miraan etc. Along with them a vast list of weastern poets and writers is there, whom Ayaz is intensly inspired. In this paper the comparative study of Shaikh Ayazs’ Poetry with other eastern and weastern Poets is discussed with references and try to be prove that though Ayaz has got much more from the classical as well as modern poets, intellectuals and artists but he has his own individual intellect and fragrance in his poetry and prose.

شاعرن ۽ آرٽيسٽن جي دنيا به انهن جي دل جيان وشال ۽ پکين وانگر آزاد ٿيندي آهي ۽ انهن جا خيال ۽ احساس، جذبا ۽ جولان، تخيل جي پَرن تي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ساري سنسار ۾ پرواز ڪندا رهندا آهن. جيئن پکين جي اُڏام جو آڪاش وسيع هوندو آهي، ڪائي سرحد، ڪائي پابندي سندن راهن ۽ رستن ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگھندي آهي، ائين ئي شاعرن ۽ قلمڪارن جون سوچون، خواب ۽ خوبصورتيون به آزاد ٿينديون آهن. انهن جي آواز ۽ احساس جي خوشبو کي ڪائي سرحد ۽ سيما روڪي نه سگھندي آهي ۽ اها بنا ڪنهن مت ڀيد جي هر ان فرد تائين پهچندي آهي، جنهن جو روح فنونِ لطيفه جي رنگن ۽ راحتن جو متلاشي هوندو آهي. اياز جو فن ۽ فڪر به اهڙين خوبين سان آراستا آهي.

شيخ اياز جو اڀياس انتهائي وسيع ۽ گھڻ رخو هو. هن جو فڪشن کان وٺي شاعري، تاريخ، فلسفي، نفسيات، سائنس ۽ ٻين جديد علمن بابت چڱو مطالعو هو، انهيءَ ڪري هن جي شاعريءَ جو جيڪڏهن گھرائيءَ سان مطالعو ڪبو، ته سندس شاعريءَ ۾ شاهه لطيف، سامي، سچل، باهو، بلا شاه، شاھ حسين، وارث شاھ، ماڌو لال حسين، بابا فريد، ولي دکنويءَ، نظير اڪبر آبادي، مير، غالب، عمر خيام، رومي، خسرو، اصغر گونڊوي، حافظ، ڪبير، ميران، رتن ٻائي، بهاري لال، ود وياس، ڪاليداس، اُمارو، وديا پتي، تُلسيداس، رحيم خانخانان، مَلڪ محمد جائسي، چندي داس، ڀرتري هري، امرءُ القيس، خليل جبران، ٽئگور، نذرالاسلام، تورودت، پئبلو نرودا، وڪٽر جارا، شيوسانگ، پشڪن، بادليئر، ٽالسٽاءِ، دوستوفسڪي، سارتر، شوپنهار، ڪافڪا، ڪاميو، شيلي، شيڪسپيئر، چاسر، ملٽن، ڪيٽس، وليم بليڪ، بائرن، ٽيني سن، ورڊس ورٿ، والٽ وٽمئن، ٽي ايس اليٽ، ليوپارڊي، ايڊگر ايلن پو، لورڪا، ناظم حڪمت، ائنا اخمتوا، ڪازان زاڪس، هيمنگ وي، رسول حمزه توف، هومر، سئفو ۽ ٻين لاتعداد پرڏيهي ۽ ڏيهي عالمن، اديبن ۽ مفڪرن جا فڪري، فني ۽ احساساتي اثر سندس شاعريءَ ۾ نمايان نظر ايندا، جنهن جو اعتراف هو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن ريت ڪري ٿو: ”مان دنيا جي ڪيترن ننڍن توڙي وڏن اديبن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ انهيءَ اڀياس منهنجي فڪر ۽ نظرئي تي پنهنجو اثر وڌو آهي. ڪاليداس کان وٺي ٽئگور تائين، ڊانتي ۽ ورجل کان وٺي اَٽالو ڪَئلوِنو تائين، هومر کان وٺي ڪازان زاڪس ۽ جديد دور جي يوناني ترقي پسند ادب تائين، گالزوردي ۽ بالزاڪ کان وٺي سارتري، سيمان دي بيو تائين، پشڪن کان وٺي مينڊل السٽام، ايتوشينڪو ۽ ووزنياسينڪيءَ تائين، غرض ته سڄي دنيا جي ادب مان فائدو ورتو اٿم“(1).
اياز جي مطالعي، مشاهدي ۽ دنيا ڀر جي علم ۽ ادب مان ورتل اثرن جو دائرو ته انتهائي وسيع آهي، جنهن جو مڪمل احاطو هتي ممڪن نه آهي، پر هيٺ اياز ۽ ان جي پيش رو شاعرن ۽ فنونِ لطيفه سان لاڳاپيل ڪجھ ملڪي ۽ غير ملڪي تخليقڪارن جي فن ۽ فڪر جو مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو.
هڪ وڏي شاعر جي خوبي اها به هوندي آهي، ته هو فن ۽ فڪر جي حوالي سان پنهنجي دور کان اڳ جي وڏن تخليقڪارن کان پاڻ متاثر به ٿيندو آهي، ته ٻين کي متاثر ڪرڻ جي سگھ به رکندو آهي. شاه عبدالطيف جھڙو عظيم شاعر پنهنجي ماضيءَ جي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي شاعرن کان تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن لاءِ چند مثال پيش ڪجن ٿا.
درميان قعر دريا تخته بندم کرده اي
باز ميگوئي که دامن تر مکن هشيار باش
                              (شمس تبريز)
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين.
                               (شاهه لطيف)
در هزاران مرد مردِ ره يکست
آدمي بسيار اتماشه يکي ست
                                      (رومي)
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
                               (شاهه لطيف)
رام ڪبير ايڪ هي، ڪَهن سُنن ڪي دوءِ
نام، روپ ڪو ڀيد هي، نشچنه ڪري جوٰءِ.
                                    (ڪبير)
پڙاڏو سوئي سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين
هئا اڳيئي گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.  
                                (شاھ لطيف)
پڙھ پڙھ نفل نماز گذارين
اُچيان ٻانگا چانگا مارين
منبر تي چڙھ وعظ پڪارين،
ڪيتا تينون علم خوار...
                                   (بلا شاھ)
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
پاڻان ڏوھ چڙهن، جئن ورق ورائن وترا!
                               (شاھ لطيف)
تون چئه الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ
سچو اکر من ۾، سوئي لِکيو لِکُ.
                        (شاھ عبدالڪريم)
اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
                                (شاھ لطيف)
پڙھ پڙھ حافظ ڪرن تڪبر، ملان ڪرن وڏائي هُو
گليان دي وچ ڦِرن نماني، دِسن ڪتابان چائي هُو
دوهين جهانين مٽي باهو، جنهان کاڌي ويچ ڪمائي هُو!
                                                    (سلطان باهو)
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به ولها ـــ (قاضي قادن)
ڪي اوڏو اک کي، ڪي نظران ڏور ـــ (خواجه زمان)
ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين ـــ (شاھ لطيف)

لطيف پنهنجي متقدمين جا اثر وٺڻ سان گڏ پنهنجي معاصرين ۽ ويندي اڄ جي اديبن ۽ شاعراڻي ٽهيءَ تي پڻ پنهنجي فن ۽ فڪر جا وڏا اثر ڇڏيا آهن ۽ اها سندس شاعراڻي عظمت ئي آهي، جو سوين صديون گذرڻ باوجود، اڄ به سندس شاعري ۾ ساڳي نُدرت ۽ تازگي آهي ۽ ان کي هر مڪتبِ فڪر جو ماڻهو يڪسان محبت ۽ عقيدت سان پڙهي، پُرجھي ۽ اپنائي ٿو.
غالب، اقبال ۽ فيض پڻ پنهنجي متقدمين جا اثر قبول ڪيا آهن. غالب، بيدل دهلويءَ جي هيٺئين فارسي شعر:
بوئي گل ناله دل دودِ چراغ محفل
هر که از بزم تو برخواست پريشان برخواست

جو اردوءَ ۾ ڪيترو نه تُز ۽ سليس ترجمو ڪيو آهي:
بوئي گل ناله دل دودِ چراغ محفل
جو تيري بزم سي نکلا وه پريشان نکلا.

”اقبال جي سِٽَ ’ڦول ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هئه هيري ڪا جگر‘، ڀرتري هريءَ جي هڪ شلوڪ جو لفظي ترجمو آهي“(2).
ساڳيءَ طرح  W. B. Yeats جي خيالن "This Night beaten morn, This spotted Light" : کي فيض احمد فيض، ’يه داغ داغ اُجالا، يه شب گزيده سحر‘  جهڙن خوبصورت احساسن سان پنهنجي شاعريءَ ۾ منتقل ڪيو آهي (3).
 ائين سچل سرمست ۽ ساميءَ پڻ پنهنجي پيش رو شاعرن جو اثر ورتو آهي. ساڳيءَ ريت شيخ اياز ڪيترن ئي قديم شاعرن جي فڪري، فني ۽ جمالياتي اثرن وٺڻ سان گڏوگڏ ڪلاسيڪل سنڌي شاعرن شاھ ڪريم (1536ــ 1623)، شاھ عبدالطيف (1689ــ 1752)، سچل (1739ــ 1829) سامي (1743ــ 1850) ۽ ٻين ڪافي شاعرن جو تمام گھڻو اثر قبول ڪيو آهي، جنهن جو اعتراف هن پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ کُليءَ دل سان ڪيو آهي.
ڪنهن ڪنهن جو ڪاپو ڏسي، ڪتي مون هيءَ تار
پــوءِ به مـنـهـنـجـو ٿـو لـڳـي، ڌاڳــو ســـڀ کـــــان ڌار،
ارٽ نــــــوان اســـرار، آتـــــڻ ســـــــان اوري پــــــيــــــو.
                   (ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص227)
اياز جتي قاضي قادن ۽ شاھ ڪريم جي شاعريءَ جي اسلوب، صوفياڻي رازن ۽ رمزن کان متاثر ٿيو آهي، اُتي سچل جي بي باڪي، سرمستي ۽ اوچ نيچ کان آزاد انساني محبت جي فڪر جو پڻ تمام گھڻو اثر ورتو اٿائين. هُو سچل کي پنهنجي محبت جو منظوم خراج هن ريت پيش ڪري ٿو:
آءُ درازا هل!
تنهنجا سارا مولوي
منهنجـو هڪ سچل.
(پن ڇڻ پڄاڻان، ص125)
اياز تي، سچل جي شاعراڻي فڪر ۽ فن جا گھڻ رخا ۽ جهجھا اثر آهن، جنهن جي جھلڪ هيٺين مثالن ۾ پَسي سگھجي ٿي.
عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب ڪل شناسي
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.
گل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي
عاشق ڏسڻ کُون ڪاٿي، رهندو پتنگ پياسي.
ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري
وحدت جنين وساري، تن تن مٽي اڻاسي (
4).

اياز، سچل جي مٿئين خيال سان ملندڙ جُلندڙ احساس کي ساڳي ئي قافيي ۽ آهنگ ۾ هيئن اظهاري ٿو:
جي تو اڃان نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي.
لالڻ! نوان لَڪَن ۾، نڪتــــا نــياڻ آهــن
ايندا جتي لُـڪُــن ۾، پانــڌيــئــڙا پـيــاسي.
                      (ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص320)
سچل چوي ٿو:
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي
مان جو ئي آهيان، سوئي آهيان.
ڪو مومن چوي، ڪو ڪافر چوي
ڪو ساحر چوي، ڪو شاعر چوي...
ڪو رد چوي، ڪو بد چوي
ڪو بي دينو بي حد چوي....!

اياز پڻ ساڳي سرمستي ۽ گج گرج سان چوي ٿو:
ڪافر مومن ناهيان وو، ڪافر مومن ناهيان وو،
آءٌ ڀٽائي، آءٌ درازي، ساڳيو نينهن نڀايان وو
ساڳيا سڏ ورايان يارو، سوريءَ سيج سجايان وو!
               (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص28)
سامي، اياز جو ڳوٺائي هو ۽ اياز کيس پنهنجو ڀٽائيءَ وانگر ورثو سمجھي ٿو. هن پنهنجن ڪتابن، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ (ص207،222)، ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن“ (ص167، 196) ۽ ”جُھڙ نيڻان نه لهي“ (ص95، 119) ۾، ۽ ”نوان سلوڪ ساميءَ جي نالي“ سان لکي کيس خاص طور تي ياد ڪيو آهي. اياز، ساميءَ لاءِ لکي ٿو، ”هو منهنجيءَ شخصيت جو هڪ پُراسرار حصو ٿي رهيو آهي. جڏهن به ماحول مون کان ڏاڍو ٿي ويندو آهي، مان ساميءَ کان سام گھرندو آهيان. هونءَ منهنجو ساميءَ سان سدائين جھيڙو هوندو آهي ۽ مان هن جي ويدانيت کان لهرائيندو آهيان“(5).
اياز ماديت پسنديءَ جي اثر هيٺ به رهيو. ماديت پسندن جي خيال موجب هي سنسار ۽ ان جي سونهن ۽ سندرتا ئي سچ آهي. جيڪو ڪجھ آهي، هن ’دنيا‘ ۾ ئي آهي. جڏهن ته سامي ويدانتي هو ۽ ويدانتي ۽ وحدت الوجودي عينيت جا پيروڪار ٿيندا آهن. ساميءَ جي فڪر جو متو اَوديا، مايا جي موھ ۽ من جي اِڇائن کي نندڻ ۽ ساڌن، ڀڳتن ۽ سنتن جي صحبت ۽ سڪ کي ساراهڻ آهي، انهيءَ ڪري اياز، ساميءَ جي شاعرانه ذات ۽ ڏات کان متاثر هوندي به، سندس فڪر ۽ سوچ سان نه رڳو اختلاف ڪري ٿو، پر ان کي هن ريت رد به ڪري ٿو:
مُنهن مڙهيءَ پائي، اوندھ ٿاڦوڙا هڻين
توکي ڀلائي، وڌو جوٺيءَ وديا.

سَت گُر سارا ڪوڙ جون، پٽيون پڙهائن
چمڙا اونده ۾ جيئن پرڙا ڦڙڪائن،
وڃيو من لائن، نيٺ ندوريءَ نانھ سان.
                   
مايا ڏيوالي؟ سامي! تون ڇا ٿو چئين؟
لکين گل رابيل جا، توکان سوالي،
اَکٽ نِکٽ اُڀ ۾، خال نه ڪو خالي
مَڌُ سان متوالي، هر شيءِ هن سنسار جي.
           (جھڙ نيڻان نه لهي، ص97، 111)
  شاھ لطيف سان اياز جو اُنس، عقيدت ۽ عشق بي مثال آهي. هو فڪر ۽ فن جي لحاظ سان لطيف کان تمام گھڻو مرغوب ۽ متاثر آهي، ان جو اعتراف ڪندي هُو لکي ٿو: ”جيڪڏهن ڪوبه اهڙو انسان آهي، جنهن جي آدرش جي ڪسوٽيءَ تي مان پنهنجي ڪردار کي پرکڻ لاءِ ٻڌل ٿو سمجھان، ته اهو ڀٽائي آهي.... اهو ئي هڪ شاعر ۽ شخص آهي، جنهن جي زندگي ۽ جنهن جي شاعريءَ منهنجي زندگي ۽ منهنجي شاعريءَ تي بي انتها اثر ڇڏيو آهي“(6).
هو وڌيڪ لکي ٿو، ”مون کي ڀٽائيءَ سان ايتري عقيدت ٿي ويئي آهي، جو هر ڪتاب جو عنوان هُن جي ڪلام مان کڻڻ چاهيان ٿو. مون کي هميشه ائين لڳو آهي، ته اهو عنوان ڄڻ منهنجي ڪتاب جي سرورق تي ڀٽائيءَ جو هٿ آهي“(7). ۽ اياز گھڻو ڪري پنهنجي اڪثر ڪتابن جا عنوان ڀٽائي جي شاعريءَ جي سٽن مان کنيا آهن، جھڙوڪ:
ــ ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونر ڀري آڪاس
ــ ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڀنيءَ ويهي ڀان
ــ سُڻي تنهنجو سڏ، ڪُلهي پاتم ڪينرو
ــ ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجھ مهي
ــ لڙيو سج لڪن ۾، راتيون رتائين
ــ هينئڙو ڏاڙهون گل جئن، ريهي رتائون
ــ جي ڪاڪ ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي
ــ وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار.
اياز پنهنجي ڪتاب، ”ڪونجون ڪرڪن روھ تي“ جي ارپنا لطيف سائين کي هن ريت ڪري ٿو، ”پنهنجي پيشرو سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي نالي، ’تون پارس مان لوھ، سڃين ته سُون ٿيان‘ تنهنجي جُتيءَ جي مٽي، شيخ اياز“(8). هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ جابجاءِ لطيف کي خراج پيش ڪري ۽ پنهنجي عاجزي ۽ انڪساريءَ جو اظهار ڪري ٿو.
آهيان آءٌ اُساٽ، تنهنجي مڌ جي او ميان!
توسان ڪُوءِ ڪلال جي، جنهن مان منهنجي واٽ
توکان ٻاهر ٻاٽ، توتائين آ سوجھرو.

آءُ ڀٽائي آءُ، تنهنجي کِھَ، منهنجون اکيون
ڏِس مون تنهنجو ڪينرو، ڀوريو ناهي ڀاءُ
ســـاڳيــو جــوڳَ جڙاءُ، ســاڳـيـا ســڏڙا ســاز جـــا.
                      (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص5)
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کِليا تنهنجي کيت
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون.
                          (ڀونر ڀري آڪاس، ص21)
شيخ اياز جي ڀٽائيءَ سان عقيدت ۽ محبت شخصي ۽ ذاتي نه، پر فڪري ۽ آدرشي آهي، ڇو ته سندس نظر ۾ ذات نه، پر ڏات وڏي شيءِ آهي. ان ڪري ئي وڏي واڪ چوي ٿو:
اسان لاءِ سيد ته ڪا شيءِ نه آ
اسان لاءِ شاعر وڏي بات آ.
          (ڀونر ڀري آڪاس، ص80)
شيخ اياز تي شاھ جي فڪر، فن، موضوعن توڙي هيئت ۽ اسلوب جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. هُن بيت ۽ وائيءَ ۾ گھڻو ڪري لطيف جو رنگ اپنايو آهي، پر ان ۾ پنهنجي دور جي حالتن ۽ حقيقتن سان گڏ پنهنجي تخيل ۽ خيال جو انوکو روح اوتيو اٿائين، جيڪو نه رڳو فڪري ۽ فني طرح منفرد لڳي ٿو، پر احساساتي طور پڻ انوکو آهي. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، جنهن ۾ هن شاھ جي سورمن ۽ سورمين کي نئين ۽ تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، وڏي وقعت رکي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ان حوالي سان لکي ٿو: ”ايازاهي ڳالهيون هڪ نقال وانگر بيان نه ٿو ڪري، جيڪي شاھ صاحب چيون آهن، بلڪه انهن موضوعن جي ٻين پهلوئن کي ڇيڙي ٿو“(9). ٻين لفظن ۾ اياز، ڀٽائيءَ جي روايت جي راھ اپنائي به هر ڪردار ۽ خيال کي پنهنجي انداز ۽ احساس سان پيش ڪري ٿو.
 مثلا: شاھ لطيف ”سُر سورٺ“ ۾، راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي داستان کي بيان ڪري ٿو، جڏهن ته اياز انهن ٻنهي ڪردارن يعني راءِ ڏياچ (سُر تي سِر گھوريندڙ) ۽ ٻيجل (سُر ۾ سِر جي صدا ڪندڙ) جي ڪٿا پُرسوز انداز ۾ بيان ڪرڻ سان گڏ سورٺ جي حُسن ۽ جمال جو موهيندڙ عڪس پڻ پيش ڪري ٿو.
سورٺ! سونارنِ پياليون هيئن نه پلٽيون
آڌيءَ رات اُڀار ۾، ڇا ڇا تنهنجي تن!
وني! تنهنجي ونِ، ڪُندن ڪاڻيارو لڳي.
              (ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص75) 
اياز جي سورٺ ۽ ٻيجل، ڀٽائي جي سورٺ ۽ ٻيجل کان بنھ مختلف آهي. اياز جي سورٺ سراپا سونهن ۽ سندس ٻيجل اهڙو چارڻ آهي، جنهن جي سُرن ۾ صدين جي پيڙائن جا پڙلاءَ پيا ٻُرنِ ۽ هن جي سُر ۾ ڪنهن هڪ راءِ ڏياچ جي سرِ جي صدا ناهي، پر هُو سئن هڻي، ساري ديس جي دردمند دلين کي اهڙو سرمست بنائڻ ٿو چاهي، جو اهي ديس لاءِ سِرُ تريءَ تي کڻي دان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.
هي جي گل گرنار جا، تن ۾ آڳ سماءِ
هڪڙي سِر مان ڇا وري، در در سئن لڳاءِ
اهڙو رنگ رچاءِ، ڏيھ سڄوئي دان ڏي!

آغا سليم لکي ٿو: ”اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن، خاص ڪري ڀٽائيءَ اسان جي لوڪ داستانن کي تمثيلي رنگ ڏنو آهي. انهن جي ڪردارن، واقعن ۽ منظرنامي کي علامتن طور استعمال ڪري پنهنجي وحدت الوجودي عقيدي جي ڳالھ ڪئي آهي.... پر اياز انهن لوڪ داستانن جي ڪردارن جي صوفياڻي تشريح ڪرڻ بدران انهن جي پنهنجي دور جي اهنجن، ايذائن، تقاضائن، پنهنجي سوچ ۽ فڪري روين جي حوالي سان تشريح ڪئي آهي“(10).
 ڀٽائيءَ جي مارئي حب الوطني ۽ ثابت قدميءَ جي علامت سان گڏ سنڌ جي روايتي عورت جي سادگي ۽ نماڻائي جو روپ آهي ۽ کيس مروج رسمي قدرن ۽ رواجن جي پرواھ آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هوءَ عمر جي محل ۾ کڄي اچڻ کان پوءِ معصوم ۽ نردوش هجڻ باوجود عجيب اُلڪن ۽ انديشن جو شڪار بڻجي، ”منهن ميرو ٿيڻ“ ۽ اتي وڃڻ، جتي ”هلڻ ناهي حسن ريءَ“ جي خود قياسيءَ جو بَکُ بڻجي ٿي، جڏهن ته اياز جي مارئي خود اعتماد ۽ روايتي اَٺسٺن کان آزاد آدرشي عورت جو اهڃاڻ آهي. هن جي نظرياتي پختگي ۽ شعور نه رڳو هن کي روايتي انديشن ۽ اُلڪن کان بچائي ٿو، پر سندس ڏڍ ۽ آٿت بڻجي، هيڻي هجڻ باوجود پُرعزم ۽ اڏول بڻائي ٿو. بقول آغا سليم: ”اياز جي مارئي کي محل ۾ حياءَ جو هَسُ پاتل آهي... ۽ هن کي پنهنجي عصمت پروريءَ تي پورو ويساھ آهي“(11). ان ڪري ئي يقين سان چوي ٿي:
ڪوجھي ڪندو ڪير، مون کي ملڪ ملير ۾؟
اُتي گاھ ڦٽي پيو، جت مون ڌريو پير،
مون ۾ ڪهڙو مير، آءٌ اها ئي مارئي.
                (ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص176)
شيخ اياز، ڀٽائيءَ کي پنهنجو فڪري رهبر سمجھي، ان جي فڪر ۽ فن مان اتساھ ورتو آهي، پر ڪٿي ڪٿي ساڻس اختلاف ڪندي جوابي بيت به لکيا آهن. لطيف فرمايو:
پريان سندي پار جي، مڙئي مِٺائي
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

اياز ان جي موٽ ۾ چيو:
ڪير چوي ٿو ڏيھ ۾، مڙئي مٺائي
مون آ چکي چيت ڪري، ساري ڪڙائي
آهي اجائي، ڳالھ پريان جي پار جي.

لطيف نمي کمي نهارڻ، غصي کي پيئڻ ۽ صبر منجھان سک پرائڻ جي تلقين ڪري ٿو:
نمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک
منجھان صبر سک، جي سنواريا سمجھين.

جڏهن ته اياز ان جي برعڪس صبر بدران سُرت ۽ ڏک کي ڏڍ بڻائي ڏونگر ڏارڻ جي ڳالھ ڪري ٿو.
ڪير چوي ٿو، بانورا! صبر وڏو سُک
آءٌ چوان ٿو، مٽبو، هن ڌرتيءَ جو دُک،
هي جو ماڻهوءَ ڏک، ڏونگر ڏاري ٿو وجھي.

 ”اسين ڀٽائيءَ جي سُر ڪاپائتيءَ کي ڏسون ٿا، ته اسان کي اهڙيون ڪاپائتيون به نظر اچن ٿيون، جيڪي ڪتن به ٿيون، ته ڪنبن به ٿيون.... انهن ڪاپائتن ۾ ڪا اهڙي ڪاتار به نظر ٿي اچي، جنهن سنهو سٽ ڪتڻ سِکيو ئي ناهي، پر صرافن جي رعايت سبب هن جو ٿلهو ۽ ٿورو سُٽُ اگھامجي ٿو وڃي...جيڪي پنهنجي هنرمنديءَ سان سنهون سُٽُ ٿيون ڪتن، تن جو صراف دُڪو به داخل نه ٿا ڪن“(12).
جا سنهون نه سِکي، سا مَر رنڊا ئي روڙي
سُٽ تنين جو سڦرو، ويا تارازيءَ توري،
ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙُ ٿيو.
                                                 (شاھ)
”اياز، ڪاپائتي ۽ صراف واري ان ساري تصور کي رد ڪري ٿو. اهو انياءُ ۽ ناانصافي آهي، ته جن رنڊا روڙيا اهي صرافن آڏو سرهيون آهن ۽ جن جو سٽُ سنهون ۽ سڦرو آهي، تن جو صراف دُڪو داخل نه ٿا ڪن. اياز جي ڪاپائتي رڳو ڪتي ۽ ڪنبي نه ٿي، پر صراف سان سينو ساهي، کيس ڦورو ڦولي، سٽُ پرکي پوءِ اگھائڻ لاءِ اصرار ٿي ڪري“(13).
توري پوءِ اَگھاءِ، ڦورو ڦولھ ته مان وڃان
سُٽُ ان کان سڦرو، جي ڪو آهي ٻڌاءِ،
وونئڻن هوندي واءِ، مون پڄاڻان، پارکو!

سون سريکا هٿڙا، گھُرنِ ٿا انصاف،
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولھ ته مان وڃان.
                     (ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص207)
 ان طرح اياز تي روحل (1734 ــ 1804) ۽ عثمان فقير (1778ــ 1860) کان وٺي خليفي نبي بخش (1776ــ 1863)، بيدل (1814ــ 1872)، خواجه غلام فريد (1845ــ 1901)، آخوند گل (1808ــ 1855) ۽ عبدالحسين سانگي (1851ــ 1924)، تائين ڪيترن ئي شاعرن جا اثر آهن. سانگيءَ جي غزل جي مطلع آهي:
جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا
چپ چاشنيدار چکائي ويا، سُتي سورن کي ته جاڳائي ويا.
                                      (ڪليات سانگي، ص7)
شيخ اياز ساڳي زمين ۾ پنهنجي خيالن جي پوکي هن طرح پوکي آهي:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ ملائي ويا پر ڇا ڇا موتي پائي ويا.
                                (وڄون وسڻ آئيون، ص119)
ائين هن جي شاعري ۾ فڪر ۽ فن، حُسن ۽ نزاڪت، انفرادي اسلوب ۽ احساس جي هڪ انوکي ڪائنات موجود آهي. رسول بخش پليجو درست چيو آهي ته، ”اياز جي شاعري ڪنهن هڪ فرد جي خالص ذاتي ڪرامت ڪانهي، اها سنڌ بلڪ دنيا اندر شعر، فڪر ۽ شعور جي صدين جي ارتقا جي خاص منزل جو هڪ خوبصورت ۽ شاندار نشان آهي. مشرق ۽ مغرب جي قديم ۽ جديد عظيم شعري ورثي... جي غيرموجودگيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ جو وجود ۾ اچڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. ساڳيءَ طرح جي، شاھ عنايت، لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل جي سنواريل ۽ اُجاريل سنڌي زبان ۽ اندازِ بيان کيس ورثي ۾ نه ملن ها، ته منجھس اها دلربائي، اها اٿاھ ڪشش ۽ نفاست هرگز نه ملي ها“(14).
مٿئين بيان سان ملندڙ جلندڙ ٽي ايس ايليٽ جا لفظ آهن ته، ”ڪو شاعر ۽ فنڪار کڻي ڪهڙي به فن سان لاڳاپيل هجي، پر هو اڪيلي سِر ڪائي وقعت نه ٿو رکي. سندس اهميت ۽ عظمت ان ۾ آهي، ته هن جو پنهنجي متقدمين سان ڪهڙو رشتو آهي ۽ انهن کان فڪري ۽ فني طور ڪيترو متاثر رهيو آهي“(15). 
اهو سچ آهي، ته اياز پنهنجي پيش روئن جي فڪر ۽ فن جو تسلسل آهي ۽ هن پنهنجي متقدمين جا فڪري ۽ فني اثر ورتا آهن، پر اها به حقيقت آهي، ته هن پنهنجي ڏات ۽ ڏانو سان انهن ۾ غيرمعمولي اضافا ۽ واڌارا ڪري، پنهنجي نرالي انفراديت قائم ڪئي آهي، ائين جيئن ڀٽائي پنهنجن اڳين شاعرن جي ورثي کي نه رڳو اپنايو آهي، پر انهن کي پنهنجن خيالن ۽ فنڪارانه صلاحيتن سان ويتر حسين ۽ پُراثر بڻائيو آهي. وڏي ڳالھ ته اياز وقت جي مروج روايتن کي ٽوڙي نئين سرِ جوڙڻ جي جرئت ڪئي آهي. ”هن پنهنجي شاعراڻي سگھ ۽ بلند حوصلي کي استعمال ڪندي، پنهنجي خيالن جو وڏي واڪي ابلاغ ڪيو. مذهب جي نالي ۾ ٺهيل هن ملڪ ۾ مذهب جي مخالفت ڪرڻ لاءِ وڏو جگر کپي ۽ ان کان به وڏو جگر کپي، سنڌ ۾ رهندي شاھ لطيف سان فڪري اختلاف رکڻ، پوءِ اهو جزوي ئي ڇونه هجي. پنهنجي فڪر جو آزادانه اظهار اياز جو قد وڌائي ٿو ڇڏي“(16).
شيخ اياز پنهنجي عظيم ڪلاسيڪل شاعرن جي راھ اپنائيندي، نه رڳو ”انهن جي تضمين ۽ روايت کي پاڻي ڏيڻ جي صورت ۾ کين خراج پيش ڪيو آهي، بلڪه انهن شاعرن جي ڪلام جا اهڙا شاهڪار ترجما به ڪيا آهن، جھڙا لطيف ’اکين ۾ ٿي، واري آءٌ ڍڪيان‘ جي صورت ۾ ڪيا هئا“(17). ماڌو لال حسين جي ڪافي”مئن ڀي جاڻان جھوڪ رانجھن دي، نال ميري ڪوئي چلي“، جو اياز جنهن موهيندڙ انداز ۽ تز اسلوب ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهو جي ماڌو لال حسين خود پَسي ها، ته حيرت گاڏڙ سرهائي محسوس ڪري ها:
ڪوئي ته مون سان هلي...
آءٌ اڪيلو، پنڌ پري آ
ڳاٽ نه ڪنهن جو ڳَلي
ڪوئي ته مون سان هلي!

جُھڙ ڦُڙ جھڙيون ڳالهڙيون ڪي
جيءُ پيو ٿو جَلي!
ڪوئي ته مون سان هلي..!
              (رڻ تي رم جھم، ص35)
ائين اياز، امير خسرو جي سِٽن، ”سکهي پيا کو جو مين نه ديکهون، تو کيسي کاڻون اندهيري رَتيان“ جو روح پنهنجي هڪ غزل جي مطلع ۾ هن طرح اوتيو آهي:
سکي! پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻي رات ڪانه ٿيندي.
                                            (وڄون وسڻ آئيون، ص168)
ساڳيءَ ريت بُلا شاھ جي”تيري عشق نچايا ڪر ڪي ٿئيا ٿئيا“ ۽ سلطان باهوءَ جي ”تن من ميرا پُرزي پُرزي جيوُن درزي دي لِيران هُو“، ڪافين جي ٻولن کي اياز پنهنجي زبان جي پيالي ۾ هيئن پَرٽي ٿو:
بُلا ڀئيا!
توکي مون کي
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!

تنهنجي منهنجي هيءَ ڌرتي آ
سڀ جي سنڌو مَئيا،
ڀئيا!
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا...!
    (رڻ تي رم جھم، ص38)
اهڙو وقت به ايندو آهي
جو ماڻهوءَ جو تن من ”باهو“
پُرزا پُرزا ٿيندو آهي
ڪنهن درزيءَ جي ليڙن وانگر....!
            (رڻ تي رم جھم، ص43)
 بلا شاھ جي لئي ۽ ترنم سان ملندڙ جُلندڙ هڪ بنگالي گيت، ”هَيا هَيا هَيا، او... دور وڃي ٿي نيا“ جو پڻ اياز ڏاڍو سُپڪ ۽ سهڻو ترجمو ڪيو آهي، جيڪو سندس ڪتاب، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۾، صفحي45 تي موجود آهي ۽ ان جي نشاندهي هن پاڻ ان ڪتاب ۾ڪئي آهي. ساڳي ڪتاب جي صفحي49 تي اياز فريد جي هڪ ملتاني ڪافيءَ جو خوبصورت ترجمو ڏنو آهي. ائين سندس شاعريءَ جي ڪتاب، ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي صفحي97 ۽ 139 تي هنديءَ جي حُسناڪ شاعر ودياپتي ۽ لبنان جي ڪوي خليل جبران جي شاعريءَ جا ترجما ڏنل آهن، جن ۾ اصلوڪي سڳنڌ ۽ سندرتا جو احساس ملي ٿو.
اياز مغربي ٻولين جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ الٿو اهڙي ته پنهنجائپ ۽ اصلوڪي رنگ ۾ ڪيو آهي، جو انهن تي ترجمي جو گمان گھٽ ٿو ٿئي. خاص ڪري سندس نثري شاعريءَ تي، هن جي دنيا ڀر جي ادب ۽ آرٽ جي مطالعي جو گھرو اثر غالب آهي. آرمينيا، روس، آمريڪا، يونان، ترڪيءَ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي برک شاعرن ۽ ليکڪن جا اهڙا انيڪ نثري نظم، ناولن ۽ ڪهاڻين مان کنيل ٽُڪرا اياز جي نثري نظمن جي ڪتابن، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“، ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“ ۾ شامل آهن، بهر ڪيف اياز جيڏو وڏو شاعر آهي، جيترو وڏو سندس مطالعو ۽ مشاهدو آهي، ايترا ئي دنيا ڀر جي اديبن، عالمن، آرٽيسٽن ۽ شاعرن جا مٿس وڏا اثر به آهن.
  شيخ اياز کي هندي شاعريءَ جو به گھرو اڀياس ۽ ادراڪ هو، انهيءَ ڪري ئي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ قديم هندستان جي ڪيترن ئي شاعرن جي اسلوب، خيال ۽ ڪردارن کي انتهائي سليقي ۽ سيبتائيءَ سان ڪتب آندو آهي. ”هُن ڀڳتي تحريڪ، يوگ جوگ جي گيتن، ڀڳتي نرت ۽ موسيقي، ميران جي ڀڄنن، ڪبير جي دوهن، راءِ داس، سورداس، تلسي داس،(ڪاليداس، امارو، ودياپتي، ڀرتري هري) گيت گوند واري جئديو، چنڊي داس ۽ گرو نانڪ جي ٻاڻين مان ڀرپور لاڀ ماڻيو آهي“(18).
 اردو ۽ فارسي شاعريءَ ۾ اقبال، غالب، مير، خسرو، خيام، رومي ۽ حافظ، اياز جي عمر ڀر واري مطالعي جو حصو رهيا آهن. هُن شعوري اک کُلندي ئي گھر ۾ اردو ۽ فارسي ڪتابن جا انبار ڏٺا، جن جي مطالعي، پروڙ ۽ پُرجھ ۾ سندس والد گھڻي معاونيت ڪئي ۽ سندس چواڻي هُن ننڍي عمر ۾ ئي انيڪ شاعرن جي شاعري حفظ ڪري ورتي هئي. اياز لکي ٿو: ”مان جڏهن پنجون درجو انگريزي پڙهندو هوس، ته مون کي عمر خيام جون سموريون رباعيون، حافظ جو سارو ديوان، علامه اقبال جا ڪجھ ڪتاب، ديوان غالب ۽ گلستانِ سعدي جو نثر به ياد هوندا ها“(19). اهو ئي سبب آهي، جو اياز جي شاعريءَ ۾ خيام جي ”خمريات“، سعديءَ جي ”رازِ ازل“، حافظ جي ”لسان الغيب“، سعديءَ جي ”اشاريت“، خسروءَ جي ”تخاتبِ نفاست“، روميءَ جي ”وجدانيت ۽ سرشاري“، اقبال جي ”اسرارِ خودي“ ۽ غالب جي ”روايت شڪنيءَ“  جا رنگ نمايان نظر اچن ٿا.
ها آءٌ گنهگار، گنهگار، گنهگار
مون پيار ڪيو، پيار ڪيو، پيار ڪيو، پيار.
هي غنچه و گل، هي مه و انجم، هي مي و جام
بس آهي گھڙيون چار، ميان آءٌ، اکيون ٺار.
هن کي ته ڇڏي ڏينس پيئڻ لاءِ جيئڻ لاءِ
هي شاعرِ آفاق ”اياز“ آھ، اڙي يار.
                    
(ڀونر ڀري آڪاس،ص 106)   
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون، پرين!
سُتي ساھ جاڳي، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين جا سوين قافلا رهگذر ۾،
سفر ۾، سوين ڪائناتون....!
                     (ڀونر ڀري آڪاس،ص 106)
تخليقڪار ۽ فنڪار هڪ ٻئي کان ٻن حوالن سان متاثر ٿيندا آهن. هڪ فڪر، خيال ۽ نظرئي ۽ ٻيو فن، انداز ۽ اظهارِ بيان جي پيشڪش مان. اهي ٻئي اثر مطالعي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن ته ڪلاڪارن ۾ ڪجھ فطري ۽ اتفاقي هڪجھڙايون به هونديون آهن، جيڪي مطالعي بدران وجدان ۽ تخليقي ڏات  جو نتيجو ٿينديون آهن.
شيخ اياز تي شاعراڻي فڪر ۽ فن جي حوالي سان ڪيترن ئي مغرب جي پيش رو شاعرن ۽ اديبن جا اثر آهن، جيڪي ڪٿي فڪر، فن ۽ اندازِ بيان جي حوالي سان آهن، ته ڪٿي اتفاقي، وجداني ۽ تخليقي ڏات جي نسبت سان. خاص ڪري سندس نظم ۾ مشرقي ۽ مغربي فڪر جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو. توڙي جو اياز جي اظهار ۾ فني ڏانءُ نج پج پنهنجو ۽ اصلي آهي، پر سندس خيالن ۾ مغربي مزاج ۽ جديديت جي آميزش ضرور موجود آهي، جيڪا سندس شاعريءَ ۾ سونهندڙ ۽ سيبائتي لڳي ٿي.
فرانس جو بادليئر  (Baudelaire)(1821ــ 1867)، بنگال جو رابندرناث ٽئگور (Rabindranath tagore) (1861ــ 1941) يونان جو نڪوس ڪازان زاڪس  (Nikos Kazantzakis)(1883ــ 1957)، روس جو ولاڊيميئر ماياڪووسڪي Vladimir Mayakovsky)) (1893ــ 1930)، اسپين جو گارشيا لورڪا  (Garcia Lorca) (1898ــ 1936)، ترڪيءَ جو ناظم حڪمت  (Nazim Hikmet) (1902ــ 1963) ۽ چلي جو پئبلونرودا (Pablo Neruda)  (1904ــ 1973) اهڙا شاعر آهن، جن جي ڪلام ۾ اياز سدائين پنهنجي دل جي ڌڙڪن محسوس ڪئي آهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ لورڪا وانگر دشمن کي للڪار، ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان پيار، خانه بدوشن جي زندگيءَ جي جھلڪ ۽ انهن جي لوڪ گيتن جي گونج ملي ٿي. لورڪا اسپين جو ناميارو شاعر، ڊرامانگار، راڳي ۽ بهادر محبِ وطن سپاهي هو. هو جڳ مشهور ليکڪن جيان رامن جمنيز (Juan Ramon Jimenez ليوئس بيونيئل (Louis Bunuel پئبلونرودا (Pablo Neuroda) ۽ آرٽيسٽ سالوڊار ڊاليءَ (Salvdor Dali) جو قريبي دوست هو. لورڪا اسپين ۾ فرانڪو جي فاشيت خلاف هو. هو اسپين جي خانه جنگيءَ (1936) ۾ هڪ بهادر سپاهيءَ طور لڙيو ۽ 20 آگسٽ 1936ع تي غرناطه ۾ بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو. هن جي شاعريءَ ۾ اسپيني لوڪ ادب جي روايتن جي رنگن ۽ تمثيلن سان گڏوگڏ فنڪار جي داخلي درد جا احساس پڻ انتهائي اثرائتا آهن، جنهن جي جھلڪ سندس ”الوداع“ جي سري سان سرجيل هن نظم ۾ پَسي سگھجي ٿي:

Fare Well
If I die
leave the balcony open.
The little boy is eating oranges.
(From my balcony I can see him.)
The reaper is harvesting the wheat.
(From my balcony I can hear him.)
If I die
leave the balcony open! (20)
(جيڪڏهن مان مري وڃان، ته ورانڊو کُليو ڇڏجو. ننڍڙو نينگر نارنگيون پيو کائي، ورانڊي مان آءُ ان کي ڏسي سگھندس. هاري سنگ پيو لُڻي، ورانڊي مان آءُ سندس آواز ٻُڌي سگھندس. جيڪڏهن مان مري وڃان، ته ورانڊو کُليو ڇڏجو).
اياز، لورڪا جي جرئتمند ڪردار ۽ جپسي شاعراڻي احساس کان گھڻو مرغوب آهي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي شاعريءَ جي ڪتابن، ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ ۽ ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ ۾ لورڪا کي انتهائي محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪيو ۽ ڀيٽا ڏني آهي. اياز پنهنجا ٿري لوڪ گيت، لورڪا جي جپسي لوڪ گيتن جي مطالعي کان متاثر ٿي لکيا آهن ۽ ”لورڪا وانگر هِن به ٿر جي لوڪ گيتن جي آهنگ سان پنهنجي شاعريءَ جي لي تراشي آهي“(21). 
شيخ اياز، ناظم حڪمت ۽ وڪٽرهارا جي فني ندرتن ۽ سندن فڪري وشالتا کان پڻ ڪافي متاثر آهي. ان حوالي سان هو لکي ٿو، ”مغربي فلسفي برڪلي (Berkly) کي مخاطب ٿي لکيل ناظم حڪمت جي نظم ’او برڪلي‘ مون کي ايترو متاثر ڪيو هو، جو مون هڪ ويدانتي شاعر ساميءَ کي مخاطب ڪري پنهنجو نظم ’نوان سلوڪ‘ لکيو هو“(22).
ائين ماياڪووسڪي، پئبلونرودا ۽ بودليئر به اياز جا محبوب شاعر آهن. هو لکي ٿو، ”جڏهن مون ساهيوال جيل ۾ بودليئر جا نظم بديءَ جا گل (Flowers of Evil) پڙهيو هو، تڏهن مون کي ائين محسوس ٿيو هو، ته اهو ڪتاب مون لکيو آهي“(23).
ماياڪووسڪي روس ۾ فيوچريسٽ تحريڪ (Futurist movement) جو روحِ روان ۽ شعلا بيان شاعر هو. هن انقلابي شاعري سان گڏ للي (Lily) نالي هڪ نازنين سان افلاطوني عشق ڪيو ۽ ان خاطر ئي پنهنجي جيون جو انت آندائين.
شيخ اياز به ماياڪووسڪيءَ وانگر ادب ۾ هڪ انقلابي زندگي گذاري آهي ۽ ان جيان ئي هن جي شاعري پنهنجي دور جي درد جو گرجدار آواز آهي. ماياڪووسڪي پنهنجي شاعريءَ کي پنهنجي عهد جي اونداهيءَ ۾ سورج بڻائي، پنهنجي ديس واسين کي روشن رَندن ۽ راهن پَسائڻ جي جستجو ڪئي ۽ سندس آواز سدائين ڪويل جي صدا بڻجي فضائن ۾ گونجندو رهيو:
Come, poet, up
Lets’ sing and shine,
How ever dull the earth is.
I will pour the sunshine that is mine,
And you – your own, in verses!
The wall of gloom, the jail of night
Our double salvo crushed, and helter –skelter,
Verse and light, in jolly tumult rushed.
The sun gets tired and says good night
To sleep away his cares,
Than I blaze forth with all my might,
And day once more up flares.
Shine up on high, shine down on earth,
Till lifes’ own source runs dry.
Shine on- for all your blooming worth… (24).
(اچ شاعر اچ، ته ڳايون ۽ روشني ڦهلايون. ڌرتي ڪيتري به اونداهي آهي، پر اچ ته، تون ۽ مان پنهنجي ڪوتائن جو سج جرڪايون. غم ۽ اونده جي قيد ڪڙن کي پنهنجي جوت ۽ جرئت سان ڊاهيون. سج ٿڪجي، بي الڪو ٿي وڃي سُتو آ، مان پنهنجي جوت جلا جو نئون سج جرڪايان ٿو. جيسين ساھ سلامت آهي، تون به پنهنجي ڏات جو ڪو اهڙو سج اُڀار، جو ڌرتي کان آڪاش تائين جرڪي.)
ساڳيءَ ريت اياز به ساڳي احساس ۽ سورج ورکا سُرت جو شاعر آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ به ماياڪووسڪي وانگر ڌرتي ۽ وطن واسين لاءِ جلڻ، جھيڙڻ ۽ جيئڻ جو وشواس موجود آهي:
اي وطن!مون ڪئي
دل- جلي شاعري
چنگ جي چڻنگ ڪا
ڪجھ ته آهي دُکي،
خواب جرڪي پيا،
ڪا حقيقت ٻري-
آڳ جي راڳ جي
تون به ٿي ڪا ڄڀي،
تون به ٿي ڪا ڄڀي...
            (وڄون وسڻ آئيون، ص175)
 شيخ اياز، پئبلونرودا کان پڻ گھڻو متاثر آهي، جنهن جو اعتراف هو پنهنجي شعري مجموعي، ”هينئڙو ڏاڙهون گل جئن“ جي مهاڳ ۾، هن ريت ڪري ٿو: ”مون کي اشتراڪي شاعر پئبلونرودا وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. هن جو چليءَ جي جهنگن جهرن، پهاڙن ميدانن، مينهن واچ، ندين دريائن سان گهرو ناتو هو ۽ هن جي شاعريءَ ۾ گهري سچائي هئي. هو آمريڪا جو عظيم ترين شاعر هو. هو چليءَ جي ڌرتي ۽ ان جي منظرن جو مصور شاعر هو“ (25).
نرودا ۽ اياز جي شخصيتن ۾ هڪڙي هڪجھڙائي اها آهي، ته هو ٻئي جھموريت پسند ۽ آمريت جا سخت مخالف هئا ۽ ان لاءِ ٻنهي پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ وڏيون سختيون ۽ صعوبتون برداشت ڪيون. پئبلونرودا اسپيني زبان (چليءَ جي قومي ٻوليءَ) جو اهو شاعر آهي، جيڪو ڏکڻ امريڪا ۽ اسپين جي ادبي دنيا تي پنهنجي سگھاري تخليقي احساس ۽ آواز سبب عرصي تائين ڇانيل رهيو ۽ اياز پڻ جديد سنڌي ادب تي اڌ صديءَ تائين حڪمراني ڪئي. جيئن پئبلو لاءِ ”اسپين“ (چلي) دل وانگر هو، ائين اياز لاءِ ”سنڌڙي“ جندڙيءَ وانگر آهي. ٻنهي جي شاعريءَ ۾ فڪري حوالي سان ڪافي هڪجھڙائي نظر اچي ٿي. نرودا جي نظمن (I remember you as you were)، (The rain)، (Every day you play)، (Poetry)، (To night I can write) ۽ (Canto General) جي گونج ڪيترين ئي جاين تي اياز جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي.
ڪازان زاڪس (kazantzakis) جي نثر توڙي نظم جو اياز تي گھرو اثر آهي. ايتري تائين جو سندس چواڻي هن پنهنجو شعري مجموعو، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، زاڪس جي شاهڪار نظم آڊيسي (Odessey) کان متاثر ٿي لکيو هو. هن جي نثر، خاص ڪري سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترا ئي محاورا، تشبيهون ۽ خيال ڪازان زاڪس ۽ روسي ڪهاڻيڪار اساڪ بيبل (Isaac Babel) جا ملن ٿا، جن جو اقرار ڪندي اياز پاڻ لکي ٿو: ”ڪازان زاڪس ٻئي هر شاعر ۽ اديب کان وڌيڪ مون تي اثر انداز ٿيو آهي. هن جي درجي بدرجي جدوجهد به ساڳي هئي، جا منهنجي رهي آهي...هن جو مشهور ناول زوربا دي گريڪ (Zorba the Greek) مون ٻه ڀيرا پڙهيو آهي ۽ چار ڀيرا ان تي ٺهيل فلم جا ويڊيو ڪيسٽ ڏٺا اٿم.... سندس آتم ڪهاڻي رپورٽ ٽُه گريڪو (Report to Greco) عظيم الشان ڪتاب آهي... هن جو ناول 'آزادي يا موت' پڙهي ته منهنجا وار اُڀا ٿي ويا هئا. ان ناول مان ڪجھ سٽون منهنجي نثري تحريرن ۾ اچي ويون آهن ۽ مون ائين ڀانيو آهي، ته مون اهي هڪ ڀاءُ کان قرض طور اُڌاريون ورتيون آهن“(26).
ڪازان زاڪس جون سٽون آهن:
I said to the almond tree:
friend! Talk to me of God
and almond tree blossomed (27). 
)مون بادام جي وڻ کان پڇيو ته، خدا ڇا آهي؟ بادام جو وڻ گلن سان جھنجھجي ويو.( 
ساڳي ئي خيال جي خوشبو ۽ احساس جي خوبصورتي اياز جي غزل جي هن شعر ۾ ملي ٿي.
اســان ســـوال ڪـيـو هــو خــدا به آهــي ڇـــــا؟
اوهان جو حُسن انهيءَ جو جواب آ، سائين!
                       (ڀونر ڀري آڪاس، ص212)
مٿئين شاعرن کان علاوه ٽئگور پڻ اياز کي انتهائي ويجھو ۽ عزيز آهي. هن تي ٽئگور جي فن ۽ فلسفي جو اثر ننڍي عمر کان ئي رهيو آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي پاڻ لکي ٿو، ”مون ٽئگور جا ڪجھ سنڌيءَ ۾ ترجما ٽئين يا چوٿين درجي انگريزي ۾ پڙهيا هئا ۽ هن جو مون تي ننڍي هوندي ئي اثر هيو“(28).
اياز جي ٽئگور سان محبت ان مان به ظاهر آهي، ته هن پنهنجي شاعريءَ جي پهرين مجموعي، ”ڀونر ڀري آڪاس“، ۾ ٽئگور جي ٻن نظمن جو منظوم ترجمو شامل ڪيو آهي.
ٽئگور ۽ اياز جي ٻن شاهڪار تخليقن، جيڪي پوءِ سندن وطن جي قومي تراني طور اپنايون ويون، انهن ۾ گھڻي حد تائين خيال، احساس، جمالياتي حسيت ۽ جذباتي شدت جي هڪجھڙائي ملي ٿي. ٽئگور جي ان گيت جي سنڌي ترجمي جون ڪجھ سٽون هن ريت آهن:
اي ڌرتي ماتا! مان تنهنجي آڏو پنهنجو سيس جھڪايان ٿو.
تنهنجو پاڻي پويتر ۽ صحت بخش آهي،
تنهنجو ميوو مٺو ۽ مزيدار،
تنهنجي هوا سيتل ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي.
تنهنجون سايون، سهڻيون ۽ سرهاڻ سان مهڪندڙ ٻنيون،
سدائين سون جان چمڪن ٿيون.
تنهنجي نديءَ جي ڪنارن تي چانڊوڪي جرڪي ٿي،
سک، پيار ۽ سندرتائون آڇيندڙ منهنجي ماتا!
تنهنجو مرڪڻ موهيندڙ، تنهنجا ٻول جيئن امرت،
توتان سر ساھ ڇڏيان گھوري.
تون دين، ڌرم، تون قرب ڪرم، تون شڪتي
تون ئي منهنجو جيون،
تون سونهن، سوڀيا، تون اکٽ خزانا،
اي ڌرتي ماتا! مان تنهنجي آڏو پنهنجو سيس جھڪايان ٿو(29).

هاڻي اياز جي هيءَ وائي پڙهو:

سنڌو ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان مان.... مٽي ماٿي لايان.
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان،
ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين توکي چشمن چايان،
جيءُ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل! توکي ڪيئن لنوايان...
سُر سُر ڄڻ ساوڻ ۾ سنڌو، لهر لهر لهڪايان،
ڪالھ مليران مهڪ اٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
تنهنجي مٽيءَ منجھ ملان جي، آءٌ امرتا پايان،
سنڌو ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان مان....
                                           (وڄون وسڻ آئيون، ص80)
 پوين ڏينهن ۾ موت جي موضوع تي ٽئگور جو لکيل ڪتاب ’موت جا پَر‘ (Wings of Death) اياز جي گھڻي مطالعي هيٺ رهيو ۽ هُن تي ٽئگور جي ويدانتي فڪر ۽ وجداني فلسفي پڻ چڱو اثر ڪيو. پوئين دور ۾ اياز جي لکيل دعائن ۽ موت جي موضوع تي ڪيل شاعري تي، ٽئگور جي احساس ۽ انداز جا نمايان اثر نظر اچن ٿا. خدا کي التجائون ۽ ارداسيون ڪرڻ، ۽ ”اي مالڪ، اي ڌڻي“ جي ادا سان مخاطب ٿي، پنهنجي مدعا پيش ڪرڻ جو لهجو، نرملتا، ڪيفيت ۽ انداز ٽئگور جي دعائيا ڪلام جھڙو آهي. ٽئگور جي اظهار جو انداز ڏسو:
Give Me Strength
This is my prayer to thee, my lord---strike,
strike at the root of penury in my heart.
Give me the strength lightly to bear my joys and sorrows.
Give me the strength to make my love fruitful in service.
Give me the strength never to disown the poor
or bend my knees before insolent might.
Give me the strength to raise my mind high above daily trifles.
And give me the strength to surrender my strength to thy will with love. (30)
 (منهنجا ڌڻي! منهنجي اها ارداس آهي، ته منهنجي دل جي دردن جو تون ئي درمان ٿي. مون کي غم ۽ خوشين کي برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا فرماءِ. مون کي توفيق ڏي ته، مان پنهنجي محبت کي خدمت ۾ سڦل بڻايان ۽ ڪڏهن ڪنهن مسڪين کي نه رنجايان، نه ئي ڪنهن ڏاڍي جي ڏاڍ اڳيان سر جھڪايان. مون کي اها شڪتي ڏي ته، مان پنهنجي سوچن کي نفسي جنجھٽ کان آزاد ڪري، تنهنجي ئي رضا ۾ راحت محسوس ڪيان.)
ساڳي خيالن ۽ احساسن جا عڪس ۽ اولڙا اياز جي دعائن جي ڪتاب، ”اُٿي اورِ الله سان“ ۾ جهجھي انداز ۾ ملن ٿا.
”يا رب العالمين! تون رحمت جو اٿاهه سمندر آهين. هر ڪنهن جي ٻيڙي تار. تون ناکئو به ٿي، سکان به ٿي ۽ ساحل به ٿي.... مون کي اها استطاعت ڏي ته ڪنهن ڪاري ۽ ڪوجھي لاءِ ڌڪار نه رکان ۽ ڪنهن کي نٻل ۽ نڌر ڏسي، ان جو ساٿ نه ڇڏيان.... تون مون کان قوم، رنگ ۽ نسل جون تنگ ڳليون ڇڏاءِ ۽ پنهنجي شاهي رستي تان وٺي هل!“ (31). 
شيخ اياز جي فني ۽ فڪري عظمت اها آهي، جو هن نه صرف پنهنجي ملڪ جي متقدمين ۽ پيش رو شاعرن، اديبن ۽ عالمن جا اثر قبول ڪيا آهن، پر عالمي ادب جي انيڪ شاعرن ۽ اديبن جي فن ۽ فڪر کان متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ فنونِ لطيفه جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مفڪرن ۽ ڪلاڪارن جي نظرين کان متاثر ٿي، انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني آهي. اَٿرڪونسلر، اسپائنزا، سانتيانه، فرائڊ، جونگ، افلاطون، برگسان، ڊارون، ڊيڪارٽ، رجنيش اوشو، نٽشي ۽ شوپنهار کان وٺي وجوديت پسند سارتر ۽ مسرت پسند ايپيڪيورس تائين ڪيترا ئي فلسفي آهن، جن جي فڪر ۽ فلسفي جون جھلڪيون اياز جي شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿيون. خاص طور تي سانتيانه جي جمال پسندي، برگسان جي انائيت، اسپائنزا جي پينٿي ازم ۽ ايپيڪيورس جي فلسفه لذت جو اياز تي تمام گھڻو اثر آهي.
اياز دنيا جي شعر و ادب جا اثر وٺڻ کان علاوه مصوري کان به گھڻو متاثر رهيو آهي. ليونارڊو ڊاونچي، مائيڪل اينجيلو، ٽرنر (Turner)، ايل گريڪو (El Greco)، گويا (Goya ريمبران (Rembrandt سيزان، ۽ وان گوگ (Van Gogh) جي رنگن جو روح اياز جي ڪيترين ئي تخليقن ۾ ملي ٿو. هو پاڻ چوي ٿو، ”وان گوگ وانگر گرمي منهنجي فن لاءِ وڌيڪ سازگار هوندي آهي. جنهن کي منهنجي شاعريءَ جي تخليقي ڪيفيت کي سمجھڻو هجي، ان لاءِ وان گوگ جي مصوريءَ جو اڀياس ضروري آهي“(32).
 بهرصورت شيخ اياز جي شاعري تي انيڪ شاعرن، اديبن ۽ مفڪرن جي مختلف فني ۽ فڪري اثرن هجڻ باوجود اها هڪ وشال ڪائنات وانگر آهي، جنهن کي پنهنجا سج، چنڊ ۽ ستارا آهن. جنهن کي پنهنجون رونقون ۽ رنگينيون، پنهنجي رواني، ترنم، رس ۽ پنهنجي فڪري ۽ فني خوبصورتي آهي. هن جو نظم ته پنهنجي جاءِ تي آبشار ڌارا جھڙي رواني ۽ تازگي رکي ٿو، پر هن جي نثر ۾ به نرتڪي جي رقص جھڙي ڪيفيت ۽ حُسناڪي آهي.


حوالا

1.        مسرور بيدل، (انٽرويو)، ”شهرِ وفا“، ”سُهڻي شيخ اياز نمبر1“، مارچ 1990ع، ص193.
2.        ڪومل لڇمڻ، ”سنڌي شاعريءَ جو جمالياتي پهلو ۽ پسمنظر“ (مضمون)، مخزن ”سنگت“، سنڌي ادبي سنگت سنڌ، شمارو 28، جون ــ آگسٽ 2011ع، ص22.
3.        شاعر حمايت علي، (مقالا) ”شيخ اياز شخص ارو شاعر“ (شاملِ ڪتاب) ”حلقه مري زنجير کا“ فهميده حسين، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جام شورو، 1979ع، ص 299.
4.        انصاري، عثمان علي، ”رسالو سچل سرمست“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص47.
5.        شيخ اياز،”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1986ع، ص55.
6.        شيخ اياز،”خط انٽرويو تقريرون 1“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1987ع، ص285.
7.        شيخ اياز،”خط انٽرويو تقريرون 2“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1991ع، ص44.
8.        شيخ اياز، ”ڪونجون ڪرڪن روھ تي“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1997ع، ص5.
9.        جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”شيخ اياز هڪ مطالعو“، شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس، 1999ع، ص96.
10.     آغا سليم، ”شيخ اياز صدين جي صدا“، سنڌي ادبي بورڊ، 2005ع، ص94، 95.
11.     ايضا، ص115، 116.
12.     آغا سليم، ”شيخ اياز صدين جي صدا“، سنڌي ادبي بورڊ، 2005ع، ص13.
13.     ايضا، ص14.
14.            پليجو، رسول بخش، (مقالو) ”انڌا اونڌا ويڄ“، ڪتاب ”شيخ اياز“، مرتب: جامي چانڊيو، ص257.
15.     جالبي جميل (مترجم)، ”ايليٽ ڪي مضامين“، سنگض ميل پبليڪيشنز لاهور، 1989، ص185.
16.            لغاري اڪبر، ”شيخ اياز جو فڪري سفر-4“ (مضمون) ماهوار ”سوجھرو“، ڪراچي، جولاءِ 2004ع، ص12.
17.     سميجو اسحاق (مرتب)، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص12.
18.     سومرو ادل، ڊاڪٽر، (ايڊيٽر) ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، شيخ اياز چيئر، شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور، 2001ع، ص228.
19.     شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1995ع، ص31.
21.     شاعر حمايت علي، (مقالا) ”شيخ اياز شخص ارو شاعر“ (شاملِ ڪتاب) ”حلقه مري زنجير کا“ فهميده حسين، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جام شورو، 1979ع، ص328.
22.     شيخ اياز، ”جڳ مڙيوئي سپنو“،نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1990ع، ص209.
23.     شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1995ع، ص253.
24.       Vladimr mayakovsky, “poems”,(translated: Dorian Rottenberg,) progress publishers moscow, 1972, p:42
25.     شيخ اياز، ”هينئڙو ڏاڙهون گل جئن“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1991ع، ص21.
26.     شيخ اياز، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1996ع، ص50.
27.  en.wikipedia.org/wiki/Nikos_Kazantzakis
28.     شيخ اياز، ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن ـ 2“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1992ع، ص292.
29.     جوڻيجو، منصور قار، ”ٽئگور جي جيون ڪٿا“، سنڌو ڪتاب گھر دادو، 1987ع، ص31.
31.     شيخ اياز، ”اٿي اور الله سان“، مهراڻ اڪيڊمي، 1998ع، 42، 43.
32.     شيخ اياز، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1986ع، ص20.

No comments:

Post a Comment