01/02/2015

ڪتاب: قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو
ابو رافع (Abu Rafiu)

سنڌ جي قدامت ۽ ان ۾ رهندڙ قومن، قبيلن ۽ نسلن بابت هيءُ ڪتاب سنڌ جي هڪ باوقار عالم، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي جيڪو چڱو ئي عرصو اڳ سنڌي بورڊ ڇپايو هئو. هيءُ ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن تحت سنڌ جي تاريخ ترتيب ڏيڻي هئي ۽ ڪتاب لکرايا ۽ ترتيب ڏيارا ويا هئا. مرزا صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اهم قديم شهرن ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن بابت هڪ دستاويز آهي. ٻيءَ طرح مرزا صاحب سنڌ کي جيترو ڏنو آهي، سنڌ ان جو فرض ادا ڪري سگهندي به يا نه. هيءُ ڪتاب جو ستون ڇاپو آهي، جنهن مان پڻ ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب جو نئون ڇاپو نهايت سهڻي انداز ۾ شايع ٿيو آهي. پڪي جلد وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 363 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 340 رپيا آهي.

1 comment: