22/02/2015

سنڌ کي روشني ڏيندڙ ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سنڌ کي روشني ڏيندڙ ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌي ادب ۾ سائين محمد ابراهيم جوئي جي هڪ خاص حيثيت آهي. اهڙي حيثيت جيڪا ڪنهن به شاندار عمارت جي انتهائي سگهارن بنيادن واري هوندي آهي. اڄ جي سنڌي علم، ادب ۽ سنڌ جي شعور ۾ جيترو جوئي صاحب جي محنت جو عمل دخل آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن ٻئي اديب جو هجي. جيتوڻيڪ هو اڄ هو سئو سالن جي ڄمار ڏانهن وڌي رهيو آهي پوءِ به هن جو علم،  ادب ۽ ڪتابن سان عشق اهو ساڳيو آهي، جيڪو کيس نوجوانيءَ ۾ هئو. ٻه هزار چوڏهن ۾ سندس عمر ڀرجي علم ۽ ادب ۾ ڪيل خدمتن جي ڀيٽا طور، سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ علمي ادبي ادارن سندس سئو سالا جشن ولادت کي مانائتي نموني ملهائڻ لاءِ سالگرھ ولادت ڪاميٽي جوڙي آهي ۽ سنڌ جي سڀني سڀني علمي ادبي ادارن کي پابند ڪيو آهي ته اهي جوئي صاحب جا سڀ لکيل ڪتاب ۽ کيس بابت لکيل ڪتاب ٻيهر ڇپائي کيس ڀيٽا طور پيش ڪن، جنهن سلسلي ۾ سندس انگلش ۾ لکيل ٻن جلدن وارو ڪتاب ”آزاديءَ  جي نالي ۾ سنڌ سان دوکو“ اسان جي آبرودار سماجي تنطيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران هڪ جلد ۾ ڇپرايو ويو آهي ۽ جنهن بعد سندس ٽن جلدن ۾ ڪتاب شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽيءَ پاران ڇپايا ويا آهن. هنن ٽن جلدن ۾ هڪ جلد، ساميءَ جا سلوڪ آهي، جيڪو ٻن الڳ الڳ جلدن ۾ هئو ۽ هاڻ انهن کي هڪ جلد ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن تي سندس لکيل شاندار مهاڳ، جيڪو الڳ ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل آهي، جنهن جو عنوان آهي، شاھ، سچل سامي. ٻين ٻن جلدن مان، ٻئي جلد ۾ سندس ٽي ڪتاب شامل آهن، جيڪي آهن
مٺ مٺ موتين جي،
هوءَ جا ٽمڪي ٻاهڙي،
عورت آزاد،
جنهن جلد جو نالو، مُٺ مُٺ موتين جي آهي.

ٽئين جلد ۾ جوئي صاحب جا انٽرويو، خاڪا ۽ سندس اصلوڪو ڪتاب ماڻهو جو ڀاڳ آهي. هن جلد جو نالو آهي جڙون جنين جيءَ ۾ جيڪو نصير مرزا ۽ محسن جوئي سهيڙيو آهي. هي انٽرويو ۽ خاڪا جيڪي اڳ الڳ الڳ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن ۽ هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن.
ايئن هي ٽئي جلد نهايت نفاست سان ۽ جوئي صاحب جي آبروءَ جهڙا ئي شاندار ڇپيا آهن. يونيورسٽيءَ کي ته جس آهي، پر سالگرھ ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري محترم پروفيسر سليم ميمڻ صاحب پڻ جس جو ڀاڳي آهي، جنهن جي نظرداري هيٺ ۽ ڪوششن سان هي سهڻا ڪتاب ڇپيا آهن.
سالگرھ ڪاميٽيءَ جي نظرداريءَ هيٺ جوئي صاحب جا ۽ سندس بابت باقي ڪتاب اچڻا آهن ۽ اهي مختلف مرحلن هيٺ ڇپائي جي عمل مان گذري رهيا آهن.
جوئي صاحب جو سمورو ڪم نهايت شانائتي نموني ڇپجي، جڏهن سنڌ جي ۽ ملڪ جي پڙهندڙن اڳيان ايندو، ته جوئي صاحب جي علمي ۽ ادبي شخصيت وڌيڪ اڀري ايندي. اهڙي پڪ آهي.
سچ پڇ اسين ڀاڳ وارا آهيون جيڪي جوئي صاحب جهڙي عظيم شخص ۽ عظيم ليکڪ کي ڏسي سگهيا آهيون ۽ کيس پڙهي سگهيا آهيون. اسان جو اڄ جو علمي، ادبي ۽ تاريخي شعور جوئي صاحب جي محنت جو ثمر آهي، ايندڙ وقت ۾ جوئي صاحب جا پڙهندڙ ته ضرور پيدا ٿيندا پر اهي جوئي صاحب کي فقط ڪتابن ۾ ڏسي سگهندا.
۽ پڪ سان جڏهن اهي پڙهندڙ جوئي صاحب جي سئو ساله سالگرھ، ڪاميٽيءَ جي نظرداري هيٺ ڇپيل ڪتاب ڏسندا ته انهن جي پيار کي ۽  مڃتا کي ضرور ياد ڪندا، جيڪو پيار اُهي جوئي صاحب سان  ۽ سندس لکڻين سان ڪري رهيا آهن.
آزاديءَ  جي نالي ۾ سنڌ سان دوکو“ ڪتاب ۾ اٺ سؤ سورهن صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه هڪ هزار رپيا آهي.
نئين ڇپيل ساميءَ جا سلوڪ واري جلد ۾ نوَ سؤ چوهٺ صفحا آهن ۽ ان جو ملهه هڪ هزار رپيا آهي.
جڏهن ٻئي جلد ۾ نوَ سؤ سترهن صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه نو سؤ رپيا آهي، جڏهن ٽئين جلد ۾ ست سؤ چوراسي صفحا آهن ۽ ان جو ملهه ست سؤ پنجاھ رپيا آهي.

وري وري پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙا هي ڪتاب سنڌ وٽ هڪ اهڙو سرمايو آهن، جيڪو سنڌ جيترو به خرچ ڪندي کٽائي نه سگهندي. هي ڪتاب اهڙي روشني ڏيندڙ آهن، جيڪا ڪڏهن به اجهامڻ واري نه آهي ۽ سدائين روشن رهڻي آهي.

No comments:

Post a Comment