01/02/2015

”ڪارونجهر“ - ابو رافع (Abu Rafiu)

وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو تحقيقي جرنل
 ”ڪارونجهر“
ابو رافع 

وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ جو جلد ڇهون (ڊسمبر 2014) پڌرو ٿي ويو آهي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو آهي. هن شماري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جا ايڊيٽر ڏانهن لکيل خط، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ڊاڪٽر آزاد قاضي، ڊاڪٽر عبدالحنان گبول، نصير سومري، الطاف حسين جوکئي، محمد قاسم راڄپر، مجاهد حسين سولنگي، عابده گهانگهرو، طارق عزيز شيخ، علي جان ٻرڙو، امير علي شاهه، ڊاڪٽر ياسمين سلطانه، ڊاڪٽر شڪيل احمد خان، اوجِ ڪمال جا مقالا شامل آهن. 220 صفحن تي مشتمل هن ڇهه ماهي جرنل جو مُلهه 200 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment