01/02/2015

پنو پنو پڙلاءُ ڏ رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نصير سومري جو لکيل
پنو پنو پڙلاءُ
رکيل مورائي
نصير سومرو نوجوان شاعر ۽ نقاد آهي، هن جي تعريف ڪرڻ بجاءِ هن جي ان ڪتاب جي تعريف ڪرڻ ئي منهنجو مقصد آهي، جيڪو تازوئي ”پنو پنو پڙلاءُ“ جي نالي سان ڇپيو آهي. ڪتاب ۾ الڳ الڳ رنگ آهن، جنهن سان مان اسهمتيءَ جو اظهار ساڻس روبرو ڪري چڪو آهيان پر عام پڙهندڙ لاءِ هيءُ ڪتاب کين هڪ قيمت ۾ گهڻا موضوع ڏيندو. ڪتاب جو پهرين ڀاڱو انهن ڊائري جي بابن جو آهي، جيڪي پهريون ڀيرو مون کي پڙهڻ جو موقعو مليو، ڇاڪاڻ ته اهي عوامي آواز سنڊي مئگزين ۾ شايع ٿيا.
هي ڊائريءَ جا ورق خاص طور پڙهڻ جهڙا آهن، جن ۾ جڳ جهان جون ڳالهيون آهن ۽ اهي ايتري تازگيءَ سان لکيل آهي جو هڪ ڀيرو پڙهڻ شروع ڪبيون ته ڇڏي نه سگهبيون ۽ ايئن ڪتاب جي آخري پنن تائين وڃي رسبو، جتي نصير جا ڪجهه تازا شعر ڏنل آهن. جنهنڪري هن ڪتاب کي ڪنهن به هڪ صنف جو ڪتاب ڪوٺي نه سگهبو، ڪتاب ۾ نثر به آهي ته نظم به!
نصير سومرو هڪ ذهين نوجوان آهي، هو لکڻ وقت دل کان وڌيڪ دماغ کان ڪم وٺندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طور انجنيئر آهي، علمي ۽ ادبي طور هن سنڌي ادب کي نثري توڙي نظمي اڌ درجن کن ڪتاب ڏنا آهن جن ۾ سندس ذهانت جو پڙلاءُ نظر اچي ٿو، ان ڪري هيءَ سندس ڪتاب پڻ پڙهندڙن کي گهڻو ڪجهه ڏيندو ۽ ادب سان واسطو رکندڙن کي ڊائري لکڻ جو هڪ نئون اسلوب به ڏيندو جيڪو اڳ ۾ سنڌي ادب ۾ گهٽ آهي.

پنو پنو پڙلاءُ ڪتاب جو سچ پچ پنو پنو پڙهڻ جهڙو آهي ۽ بنا ڪنهن دٻاءُ جي پڙهڻ جهڙو آهي، ڇو ته ان ۾ نثر جو پڙهندڙ سندس نثر پڙهي سگهي ٿو نظم جو پڙهندڙ سندس شاعري پڙهي سگهي ٿو. ايئن هي لاجواب ڪتاب لائبريري ۾ رکڻ جهڙو ۽ پڙهڻ جهڙو آهي. هونءَ ڪيئي ڪتاب، فقط رکڻ جهڙا هوندا آهن، پڙهڻ جهڙا گهٽ هوندا. سنڌي ادب ۾ هاڻ ته سچ پچ پڙهڻ جهڙا ڪتاب گهٽ ئي شايع ٿين ٿا. جيتوڻيڪ ڇپائيءَ جي حساب سان سنڌي ادب مالا مال ٿي رهيو آهي. پر سڀني حوالن سان نصير سومري جو هيءَ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي. شڪ ڪرڻ وارا ڪتاب پڙهي فيصلو ڪري سگهندا ۽ جيڪي ڪتاب نه پڙهندا آهن، اهي تبصرا شانائتا ڪري سگهندا آهن، ساڳئي وقت تنقيد به مناسب ڪري سگهند آهن، ڇو ته جيڪو شخص تخليق نه ڪري سگهندو آهي، اهو تنقيد ڪرڻ فرض سمجهندو آهي. ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ تعريف ۽ بنا پڙهڻ جي تنقيد اڄ ڪلهه سنڌي ادب جو اهم بحث رهيوآهي، جنهن کان نصير جو ڪتاب بچي ويندو. اهڙي اميد آهي. 184 صفحن جو هيءُ پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز پاران ڇپايو ويو آهي، سٺي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ادارو ساراھ لهڻي، ڪتاب جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment