01/02/2015

ٻار اکين جا ٺار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

ناميارو شاعر پريل دايو چوي ٿو
ٻار اکين جا ٺار
رکيل مورائي 
وسارڻ نه گهرجي ته پريل دايو فقط اها ڳالهه چوي نٿو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته چيل ڳالهه هوائن ۾ گم ٿي وڃڻي آهي، ان ڪري هن اها ڳالهه الڳ الڳ ننڍن ننڍن نظمن ۾ لکي محفوظ ڪئي آهي، جن سڀني نظمن کي سهيڙي هن هڪ ڪتاب جي شڪل ڏني آهي ۽ ان کي هن نالو ڏنو آهي ”ٻار اکين جا ٺار“. هيءُ ڪتاب پريل دائي سنڌ جي ٻارڙن جي شعور وڌائڻ لاءِ لکيو آهي. اڄ جڏهن ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪندڙ پاڻ عمر ۾ وڏا ٿي ويا آهن تڏهن ٻارڙا سندن اهميت ۾ نه رهيا آهن. سچ پچ جيڪي به اسان جا مانوارا اديب شاعر ٻاراڻو ادب تخليق ڪري رهيا آهن اهي مجموعي سنڌي ادب ۽ خاص طور سنڌي ٻارڙن تي احسان ڪري رهيا آهن.

اڄ ٻارڙن لاءِ لکيل ادب جي معرفت سندن نالو جيڪو اسانجي ٻارڙن جي ذهن تي آيو اهو ڪڏهن به ميسارجي نه سگهندو، جڏهن اهي وڏا ٿيندا تڏهن اهي، انهن نالن جو وڌيڪ احترام ڪندا، جن نالن سندن شعوري اوسر ۾ هٿ ونڊايو، ايئن اسان جو پيارو دوست پريل دايو به  انهن دلين ۾ محفوظ ٿي ويندو. ٻيءَ طرح پريل سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو شاعر آهي، پر سندس ٻارڙن لاءِ لکيل نظم بيحد سهڻا آهن، انهن جي ٻولي ۽ موضوع ٻارڙن جي مزاج وٽان آهن، جيڪي ٻارڙن جي مزاج کان مٿي آهن، انهن ۾ شاعر سندن شعور کي مٿي آڻن جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو ڪم بنيادي طور ليکڪ جو هئڻ گهرجي. پريل دائي  جو ڪتاب ”ٻار اکين جا ٺار“ ڊبل ڊيمي سائيز ۾ 63 صفحن تي ڇپيو آهي، جنهن ۾ نظمن جي مناسبت سان رنگن تصويرون پڻ ڏنل آهن، جن ڪتاب کي وڌيڪ خوبصورت ڪيو آهي. پڪي جلد سان رنگين ڇپائيءَ تي هيءُ خوبصورت ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي، جنهن ڪري اداري جي عهديدارن ۽ اڳواڻن کي جس ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجي ذميواريون خوش اصلوبي سان نڀائي رهيا آهن، هن ڪتاب جو ملهه 125 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment