18/02/2015

محڪوم اکين ۾ آجپي جو سپنو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

محڪوم اکين ۾ آجپي جو سپنو
رکيل مورائي
ڪنهن به قسم جو ڪتاب ان موضوع کي پڙهڻ واري لاءِ هڪ خوشي کڻي ايندو آهي، پر ڪي ڪتاب گهڻن موضوعن پڙهڻ وارن کي خوشي ڏيندا آهن. اسان جو دوست، ادب ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ سدائين سوچيندڙ وطن دوست، جيڪو هاڻ صاحب ڪتاب پڻ ٿيو آهي، مولا بخش ٻرڙو صاحب، ان جو ڪتاب گهڻ پاسائين خوشي کڻي آيو آهي. هي ڪتاب ادب بابت هڪ نظرياتي جائزو آهي، جيڪو تخليق کي پنهنجي ٻولي، پنهنجي احساس ۽ وطن لاءِ وڙهي ويندڙ جنگ جي نظرئي کي جوڙي ٿو.
اسان جو دلبر ۽ احترام لائق دوست مولا بخش ٻرڙو وطن دوست ويڙھ ۾ پنهنجي نوجوانيءَ واري وهيءَ کان شامل رهيو آهي، جڏهن اسين ٻارڙا هئاسين ته سندس صحبت ۾ گهڻو ئي سکيوسين ۽ اڄ سندس هن ڪتاب مان پڻ گهڻو ئي سکڻ جو موقعو مليو آهي. اڳ کانئس ليڪچرن ۽ ڪچهرين ۾ ڪجهه ٻڌبو هئو، ته هاڻ هو هڪ لاجواب ڪتاب جي صورت ۾ اسان سان گڏ آهي. ۽ پڪ سان جڏهن، ذهني طور ڪنهن مايوسي وڪوڙيو ته سندس ڪتاب اهڙي رهنمائي ڪندو، جنهن هيٺ ان مايوسيءَ کان محفوظ رهون.
هي ڪتاب جيڪو پنهنجي نالي مان ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو. ان ۾ اندر هن ديس جا ۽ ان جي ٽوٽلٽيءَ ۾ ڇوٽڪاري جا سمورا ڏس، ادبي حوالن سان سمجهايل آهن ۽ اسان جي زندگيءَ ۾ اهڙن ڪتابن جو ئي عمل دخل رهيو آهي، جن ۾ زندگيءَ جي  ان رستي جو ڏس آهي. جيڪو رستو سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ ڏانهن وڃي ٿو.
سائين مولا بخش جي، سنڌ جي حالتن، ان ۾ ٿيندڙ تبديلين تي نهايت گهري نظر رهي آهي. ساڳي وقت هو تخليقي ادب جو پڻ شروع کان پڙهندڙ رهيو آهي ۽ ان سان گڏ ان جو نقاد پڻ رهيو آهي. ادب زندگيءَ لاءِ، ادب ادب لاءِ ادب انقلاب لاءِ ۽ ادب تبديليءَ لاءِ جهڙا موضوع سدائين بحث هيٺ رهيا آهن ۽ جڏهن اهي بحث اسان دوستن جي وچ ۾ آيا آهن ته اسان جي دوست مولا بخش ٻرڙي سدائين ”ادب انقلاب لاءِ“ جي حمايت ۾ ڳالهايو آهي ۽ ڀرپور دليلن سان ڳالهايو آهي ۽ هاڻ جڏهن اهو ڳالهايل سڀ ڪتابي مضمونن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي ته سنڌ جي شعور کي وڌيڪ پختو ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ڪتاب سنڌ کي مليو آهي.
هن ڪتاب جي اهم سڃاڻپ هيءَ آهي، ته هن ڪتاب ۾ جن ڪتابن ۽ جن شخصيتن بابت مضمون/ تاثر آهن، اهي سڀ علم ۽ ادب سان لاڳاپيل هجڻ سان گڏ وطن جي ان ويڙھ ۾ به شامل رهيو آهن، جيڪا ويڙھ اڃا به جاري آهي ۽ هيءَ ڪتاب اهڙو يقين ڏياري رهيو آهي ته اها ويڙھ اسان جي فتح جو سبب بڻجڻ واري آهي، اهو ويساھ اڄ اسان جي گهڻن دوستن وڃائي ڇڏيو آهي پر سائين مولا بخش ٻرڙو اڄ به ان ويڙھ ۾ اعتماد سان بيٺو آهي. ڪتاب ٽن بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن جو
1- حصو ادب بابت مضمون تي ٻڌل آهي
2- حصو تعليم تي ٻڌل آهي ۽
3- حصو عالمن، ادبين، استادن ۽ دوستن تي خاڪن جو آهي جيڪي به گهڻي ڀاڱي، سنڌ کي الڳ حوالن ۾ گهڻو ڪجهه ڏيندڙ آهن.
اڄ جي تعليم جي تباهيءَ وارين حالتن ۾ سائين مولابخش جا لکيل تعليم بابت مضمون ته هڪ نصاب آهن، جيڪو نئين سري کان سنڌي استادن کي پڙهائڻ گهرجي، جن ۾ استادن جي ذميواري، شاگردن جي ذميواري، والدين جي ذميواري ۽ اهم ترين تعليم کاتي جي ذميواري ڪهڙي هجڻ گهرجي. ان بابت تفصيل سان ۽ اعتماد سان لکيل هنن مضمونن جي اهميت شايد سدائين لاءِ رهڻي آهي.
ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ جن ڀاڳوارن شاعرن اديبن جا اڀياس آهن انهن ۾ سائل پيرزادو، اشرف پلي، احمد سولنگي، مئڪش سومرو، معشوق ڌاريجو، محمد صديق منگي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ۽  ارشد مورائيءَ شامل آهن.
ساڳي وقت جن شخص بابت تاثر يا مضمون آهن انهن ۾ راشد مورائي، مير محمد پيرزادو، سيد اڪبر شاھ، مير حسن لاکو، محمد صديق پرهياڙ ۽ پير علي مير شامل آهن.

۽ اهي سڀ شخص اهڙا آهن، جن لاءِ سنڌ وٽ هڪ خاص احترام آهي ٻرڙي صاحب، جنهن انداز سان انهن شخصيت بابت لکيو آهي، انهيءَ ۾ هن جو اٿاھ احترام ته آهي پر ڪنهن به قسم جي پاس خاطري نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو اهڙو لکندڙ آهي، جنهن کي پذيرائيءَ جي هروڀرو گهرج نه  آهي ۽ اها ڳالهه ئي هن ڪتاب جي اهم ڳالهه آهي. هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو ”محڪوم اکين ۾ آجپي جو سپنو“ آهي، پڪ سان ان ڪتاب ۾ سانڍيل سپنا هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ٿيندا. اهي محڪوم اکيون انهن ساڀيائن کي ڏسي مرڪي پونديون، ڀلي اسين جيئرا نه هجون. هيءَ ڪتاب ٽيهن سالن جي هڪ سفر جو، سياسي، تعليمي ۽ ادبي جائزو آهي. ساڳئي وقت ادب لاءِ هڪ نظريو پڻ ڪتاب ۾ موجود آهي. سدائين ۽ وري وري پڙهي ۽ ان مان ڪجهه پرائڻ جي لاءِ هيءَ ڪتاب سانڍي رکڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ ٻه سئو صفحا آهن. اڍائي سون جي ملهه وارو هيءَ ڪتاب تازو ئي ڇپيو آهي. ليکڪ جو جيئن ته پهريون ڪتاب آهي، ان ڪري   ڪتاب جو مبارڪون. اميد ڪريون ٿا ته هو لڳاتار لکندو رهندو، اهڙي لکڻ سان ئي ايندڙ نوجوانن جي رهنمائي ٿيندي ۽ بس!

No comments:

Post a Comment