06/02/2015

ستين آسمان جا فرشتا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نوجوان ڪهاڻيڪار ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جا اظهاريل

ستين آسمان جا فرشتا

رکيل مورائي
ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جي ڪهاڻين کان اول مان سندس باري ۾ طارق قريشيءَ جي چيل/لکيل هنن لفظن سان چار سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته ماڻڪ ڪنگراڻي ”ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دل وارو ماڻهو“ آهي. ڪو به شخص ڪجهه به هجڻ کان پهريئن پنهنجي سڀاءُ مان سڃاتو ويندو آهي، ايئن ماڻڪ به!
۽ سندس ڪهاڻين جو تازو ڪتاب ”ستين آسمان جا فرشتا“ نئين ڪهاڻيءَ طور سڃاتو ويندو، ٻيءَ طرح ماڻڪ جي ننڍي عمر جون وڏيون حاصلاتون، سندس شاعري، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ سندس مرڪ آهي، جيڪا کير ٿر جي  پهاڙي جهرڻن  جهڙي شفاف هوندي آهي.

ها! هن جون ڪهاڻيون نئين ڪهاڻيءَ جي سڃاڻپ بڻجنديون، ان لاءِ سندس هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ڪو اشارو ڪري ٿو ته  پڪ سان سندس تخليقي قوتون اهڙو اشارو ڪن ٿيون. شاعري، ڪهاڻي، ناٽڪ ۽ پٿرڪاريءَ ۾ ورهايل ماڻڪ، تخليقي طور پاڻ کي سيهڙي ورتو ته هو سنڌ تخليقي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيئي سگهي ٿو، پر اسان جي نسل جو الميو اهو آهي، جو اسين پنهنجون تخليقي قوت، غير تخليقي ڪمن ۾ استعمال ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ اسان سان پيٽ به گڏ آهي ۽ اسان جي پورهئي تي اسان جا گهر ڀاتي به جيئن ٿا ۽ اسان جي غير ادبي ورهئي جا اثر اسان جي ادبي ۽ تخليقي ڪم ٿي به پون ٿا. پوءِ به جيڪڏهن ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جهڙا لکندڙ تخليقي طور زنده رهن ٿا ته پڪ انهن کي گهڻو گهڻو جسُ هجي ۽ هن اهو ٻڌايو آهي، هو هڪ ڪهاڻي لکندڙ طور پاڻ کي سهنجو ڀانئين ٿو. اسان لاءِ اهو آٿت گهڻو آهي ۽ ان آٿت جو سبب آهي سندس اٺن ڪهاڻين ۽ انهن تي طارق قريشي جي ڇهن صفحن وارو مهاڳ، ”ستين آسمان جا فرشتا“ جنهن ڪتاب ۾ ماڻڪ پنهنجي سياسي شعور، ادبي شعور ۽ واڌو صحافتي شعور سميت موجود آهي.

سندس هيءَ ڪتاب 96 صفحن جو آهي، جيڪو انعام عباسيءَ پنهنجي اداري نئون نياپو اڪيڊميءَ پاران ڇپيو آهي. ڪهاڻين مان لڳي ٿو ته ماڻڪ اڳتي هلي هڪ شاهوڪار/سيٺ تخليقڪار ٿي سگهي ٿو، پر انهن سيٺين مان نه، جيڪي ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ مهانگي لاءِ ميڙيندا آهن، سندس ميڙي چونڊي سموري سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ رهندي. هر سنڌي نوجوان، جيڪو ادب جي ڪنهن به شاخ سان واسطو رکي ٿو، اهو هيءُ ڪتاب آساني سان خريد ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جو ملهه فقط 100 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment