13/02/2015

شير مير بحر - اعجاز علي خواجا (Aijaz Ali Khwaja)

شير مير بحر: فن ۽ شخصيت
تبصرو ڪندڙ: اعجاز علي خواجا
مولائي ملاح پاڻ به ضلعي نوشهروفيروز سان واسطو رکي ته سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو مهمان ڪردار ملهه پهلوانيءَ جي فن کي عروج بخشيندڙ، ڏيهان ڏيهه نالو ڪڍائي، رستم سنڌ جو لقب حاصل ڪندڙ ۽ خوبصورت قدڪاٺيءَ واري شخصيت، شير سنڌ شير مير بحر به، جنهن جي زندگيءَ، شخصيت، تاريخ ۽ فن تي، هن جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي سموري سفر کي ميڙي سيڙي، سهيڙي، وڻان وڻان ڪاٺي گڏ ڪري، ان کي مالا وانگر هڪ ڌاڳي ۾ ئي ٺاهوڪو سريلو، قيمتي ۽ ضخيم ڪتاب جوڙي، ڇپائي ڪري پيش ڪيو آهي.
هونءَ ته سنڌي ادب ۾ ماٺار، بي حسي ۽ ويڳاڻپ گهڻي وقت کان ڇانيل آهي ته ادبي ادارن ۽ ادبي جي گهڻگهرن دوستن جي ۽ جاکوڙ کان پوءِ ٽٽي چڪي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ ڪجهه ورهين کان بيش بها اضافو ٿي رهيو آهي. ڪتاب ۽ نڪور لکڻيون سامهون اچي رهيون آهن، جن جي ڪيتري به تعريف ڪجي ته ٿوري ٿيندي، پر چوڻ م ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿو لڳي ته مولائي ملاح جي ڪوشش، ڪاوش ۽ کوجنا ”شير مير بحر فن ۽ شخصيت“ جو منظر تي اچڻ يقينن سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت تحقيقي واڌارو آهي.

”شير مير بحر“ نه ته هن ناول ويهي لکيو آهي، نه هن ڪا آکاڻي يا قصو لکيو، نڪو هن ڪتاب کڻي انهن جي حوالن جو ذڪر ڪيو. مولائي ملاح طبيعت ۽ فطرت ۾ هڪ جاکوڙي ۽ محنتي لکيڪ آهي. هن شير مير بحر کي رڳو سندس ڳوٺ يا ضلعي نوشهري ۾ ڪونهي ڳوليو پر شير کي ڳولڻ لاءِ سموري سنڌ جهاڳي آهي. هن دريا مان جهاڳڻ کان ڀريو هن قطرو قطرو سانڍي دريا ٺاهيو آهي. جيئن هر وڏي شخصيت جي زندگيءَ جا الاهي پاسا هوندا آهن، گهڻا رخ ۽ زوايا هوندا هن تيئن شير به، جيڪو پنهنجي فن، ڏات ۽ قدرت پاران عطا ڪيل غير معمولي جسماني طاقت، سهڻي بدني بيهڪ، خوبصورت چهري تي دل آويز شهپرن جي موجودگي سان گڏ هڪ سادو ۽ روايتي سنڌي ماڻهو هو ۽ سندس شخصيت جا به کوڙ پهلو ۽ پاسا هئا. اٿڻ ويهڻ جي وضع قطع،  مهمان نواز، لالچن کان پرڀرو، پرخلوص ۽ ٻاجهاري قسم جو ماڻهو هو. جنهن کي پنهنجو پاڻ تي ڪو به گهمنڊ يا غرور ڪو نه هو. انڪساري، نوڙت ۽ نياز مندي سندس فطرت ۽ عادت هوندي هئي. سنڌ جي تقريبن 30 لکيڪ، اديبن ۽ دانشورن ۽ شير مير بحر سان قريبي تعلق رکندڙ ماڻهن جا مضمون، تاثر ۽ تحقيقاتي لکڻيون، جن ۾ ڪي خاص نالن وارا ــــــ شيخ عزيز، يوسف شاهين، ڊاڪٽر ايوب شيخ، انعام شيخ، مدد علي سنڌي، حميد سنڌي، جاويد قاضي، مشتاق ميراڻي، عبدالله ملاح، عمر قاضي، گل محمد رند، ادريس جتوئي، صالح بلو ۽ ٻيا شامل آهن. مختلف سنڌي اخبارن جا مضمون ۽ ايڊيٽوريل، شير مير بحر جا ٻه انٽرويو، ناياب ثقافتي ڪتابن جا حوالا ۽ خوبصورت رنگين اڇيون ڪاريون تصويرون ڪتاب ۾ سمايل آهن. اخباري خبرون، بيماريءَ دوران سندس عيادتون، تعزيتي تاثرات به ڪتاب ۾ شامل آهن.

ڪتاب جيترو معلوماتي آهي اوترو ئي دلچسپ ۽ لاڀائتو به آهي. آئون سمجهان ٿو ته ادب جي سڀني صنفن ۾ جيڪڏهن ڪا صنف وڌيڪ ڏکي ۽ محنت طلب آهي ته ڪنهن شخصيت تي لکڻ ۽ ان سان انصاف ڪرڻ آهي. مولائي ملاح هونءَ ته پراڻو لکاري آهي پر سندس پهريون ڪتاب ڇاپي هيٺ آيو آهي ۽ هن ادب جي هڪ وڌيڪ ڏکي صنف تي پورهيو ڪيو آهي. ظاهر آهي ته رستم سنڌ شير مير بحر جي زندگيءَ جا ڪيترائي ٻيا واقعا ۽ ٻيا پهلو به هوندا جيڪي سڀ ملاح ڪو نه سهيڙي سگهيو هوندو پر هن وسان ڪين گهاٽيو آهي.ا يترن سارن ماڻهن سان رابطا ڪرڻ، انهن کان وقت ۽ لکڻيون هٿ ڪرڻ پوءِ انهن شين جي نوڪ پلڪ سنواري آرڊر ۾ آڻڻ، نالو به مولائي ته مڙس به مولائي، ڇپائي به پنهنجي، پبلشر به پاڻ ته پبليڪشن به پنهنجي، جادو هي يا جنون، جو سر چڙهه کي بولتا هي، سٺو پنو، پڪو جلد، سٺي ۽ خوبصورت ڇپائي، تاريخي فوتن جو البم، سهڻو سرورق، هر لحاظ کان سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين ۽ حاصلائتو اضافو آهي لاءِ پيارو مولائي ملاح جس ۽ کيرون لهڻي، اميد ته هي ڪتاب ثقافتي حوالي کان به ۽ شخصيت تي لکڻ ۽ تاريخ کي سهيڙڻ جي ڏس ۾ اهم حيثيت اختيار ڪندو.

No comments:

Post a Comment