01/02/2015

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه (جلد ٽيون) - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه
(جلد ٽيون)
ابو رافع

سنڌ جي نامياري عالم مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي جڳ مشهور ڪتاب جو ٽيون ۽ آخري جلد آهي، جيڪو تصوف بابت اصل فارسيءَ ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جو ترجمو مولانا نظر محمد اڄڻ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ٻارهين صدي هجريءَ ۽ تصوف بابت سنڌ جي اهم ماخذن مان هڪ آهي. هاڻ جڏهن انگريزي ٻوليءَ جو واهپو وڌي رهيو آهي ۽ فارسي ٻوليءَ جا عالم ۽ ڄاڻو گهٽجي رهيا آهن، تڏهن سنڌي علم ۽ ادب بابت گهڻو الڪو وڌي ويو آهي، پوءِ به مولانا نظر محمد اڄڻ جهڙا بزرگ فارسيءَ جا ڄاڻو موجود آهن، ته انهن مان اسان جي ادارن کي فائدو وٺڻ گهرجي. اهو اهڙو فائدو هوندو جيڪو سڄي سنڌ کي هڪ اهڙي علم کان واقف ڪندو، جيڪو اسان جي نظرن کان غائب آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ ڪتاب اسان جي اهم ماخذن مان آهي، جنهن سنڌي لباس ۾ روشني ڏٺي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ ڊبل ڪرائون سائيز ۾ آهي ۽ منجهس 335 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 560 رپيا آهي. پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل ڪتاب رکڻ ۽ پڙهڻ جهڙو آهي.

No comments:

Post a Comment