01/02/2015

ڪتاب منفرد - حبيب ساجد (Habib Sajid)

 لَهُو لَهُو آڱرين سان لکيل هڪ ڪتاب
منفرد
حبيب ساجد 
مون کي جڏهن مسرور پيرزادي جو ڪتاب ”منفرد“ هٿ لڳو ته مان هن ڪتاب کي هڪ سِٽنگ ۾ پڙهڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس. پڙهڻ کان پوءِ مان سچ ته هڪ اهڙي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويس جو کوڙ ساترن ڪلاڪن تائين به مان هن شاعر جي منفرد لهجي، سادي سلوڻي چوڻي ۽ بيدردي سان حملو ڪندڙ تاثرن مان پاڻ کي بچائي نه سگهيس.
امداد سائين جي مهاڳ منهنجي اندر جي 40 سيڪڙو جماليات کي ماري ڇڏيو. ان ڪري مان سڄي ڪتاب مان اهو حظ، اها مسرت ۽ اها اڇوتي ڪيفيت نه ماڻي سگهيس جيڪا هن شاعر جي اِن ڪتاب جي هر پني تي پکڙيل ملي ٿي.
”منفرد“ ڪتاب ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ لاءِ ايترا ته گونا گون موضوع آهن جو صرف هن ڪتاب جي تعريف ۽ تنقيد ۾ هڪ پورو ڪتاب مرتب ڪري سگهجي ٿو.
سادي ۽ سولي سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيل ان ڪتاب جي شاعريءَ ۾ وضاحت طلب ڪا به شيءِ ڪانهي. هر سٽ، هر بند، هر غزل، نظم ۽ هر صنف ڪمانڊ واري ضابطي سان لکيل ملي ٿي. هن مفرد ڪتاب کي اگر غزل جو ڪتاب ڪري ڇاپجي ها ته به سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو ليکيو وڃي ها. مان هي ڪتاب پڙهندي پنهنجي مزاج ۽ پسند جا شعر Tick ڪندو ويس. جڏهن اهي سڀ ڪٺي ڪيم، Collect ڪيم ته هن ڪتاب جي اڌ جيترو ٻيو ڪتاب ٺهي ويو، جنهن جو عنوان دل چوي ٿي ته ڏجي ”اهي شعر جن ڪِلڪ ڪيو“.
سنڌ جي ماسڪو، ۽ رهبرن، شاعرن، دانشورن جو ڳوٺ ٻلهڙيجي، سامهون کان عظيم سنڌي پراچين ماڳ موهين جو دڙو ۽ ڀڪ ۾ وهندڙ عظيم شينهن دريا اوهان کي هن ڪتاب جي هر صفحي تي Live زندہ حالت ۾ جاڳندي ملندا.
ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي مسرور پيرزادي ڪراچي جهڙي شهر ۾ رهندي به زندهه ۽ جاودان رکيو آهي. ان لاءِ سچ پچ مسرور کي ٻنهي هٿن سان سليوٽ.
آخر ۾ ٻه اکر مسرور جي نظم ”سُهائي رقص ۾ آهي“ جي لاءِ ته جن دوستن اگر وڏي ڪپور جي هڪ فلم ۾ منا ڊي جي آواز ۾ ڳايل گيت ”لاگا چنري مين داغ ڇپائون ڪيسي مين نه تڪي“ جو رقص ڏٺو آهي يا ريکا جا امرائو جان ۾ رقص ڏٺا آهن يا شيما ڪرمانيءَ جي رقص، پرفارمنس Live ڏٺي آهي يا کيس خدابخش ابڙي جي ۽ عطيه دائود جي نياڻي سُهائي جو رقص ڏٺو آهي تہ ان کي ھن نظم جي قدر ۽ قيمت ضرور معلوم ٿيندي. هن نظم ۾ ايتري ته خوبصورتي اوتيل آھي جو مان چند ڇَسا ۽ روايتي جملا لکي ان نظم سان انصاف نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن اها Capability مون ۾ آئي ته مسرور سان ٻروچڪو واعدو آهي ته ان نظم تي الڳ سان هڪ ليک لکندس.
آخر ۾ هي ته:
سنڌي ادب ۾، جتي روز اڻ ڳڻيا ڪتاب شامل ڪيا پيا وڃن ۽ خريدي پئسا وڃائڻ جي افسوس ۾ ويڙهجي به وڃجي ٿو. اتي هي ”منفرد“ ڪتاب اهڙو درجو رکي ٿو جنهن کي مون پنهنجي Reading priority  ۾ سڀ کان مٿي رکيو ۽ پوءِ پڙهيو به ته پُرجهيو به ۽ اها آس به رکي ته مسرور جو ايندڙ ڪتاب الاءِ ڪڏهن منظر عام تي ايندو. منتظر آهيان.

No comments:

Post a Comment