06/02/2015

بکر جي تاريخي عظمت - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

ڊاڪٽر عبدالخالق سومري لکي آهي

بکر جي تاريخي عظمت

رکيل مورائي 
سنڌ جي تاريخ ۾ بکر کي خاص اهميت سان لکيو ويو آهي. يقينن بکر سنڌ جو نهايت اهم شهر رهيو آهي ۽ بکر جو قلعو سنڌ جي اهم قلعن مان هڪ آهي. هيءَ اهو شهر آهي، جنهن کي سنڌ جي پهرين وڏي شاعر ۽ عظيم ڏاهي قاضي قادن جي رهائش جو شرف حاصل آهي.
تاريخ جون سياسي، فوجي ۽ سماجي تباهيون ۽ توانائيون رکندڙ هيءَ شهر، جنهن جو نالو بکر آهي، ان جي قدامت اسان جي ليکڪ/تاريخدان ڊاڪٽر عبدالخاق سومري صاحب، 1100 ق م ڄاڻائي آهي، ايئن الڳ الڳ محققن جا خيال به الڳ الڳ آهن.

ڊاڪٽر عبدالخالق سومري صاحب جو لکيل هيءَ ڪتاب، جنهن جو نالو بکر جي تاريخي عظمت آهي. هن هڪ ڊگهي کوج کان پوءِ لکيو ويو آهي، ۽ ان جا سڀ رخ ظاهر ڪيا ويا آهن. هيءُ هڪ تحقيقي ڪتاب آهي ۽ تحقيق جا دروازا سدائين کليل رهن ٿا. بکر جي عظمت کي جيئن ڊاڪٽر عبدالخالق سومري بيان ڪيو آهي، شايد ڪنهن ٻئي محقق  ايتري تفصيل سان بيان ڪئي هجي ۽ ان تفصيل جي پٺ ۾ جيڪا محنت ڊاڪٽر صاحب ڪئي آهي، اها به هن ڪتاب مان ظاهر ٿي رهي آهي. ڪتاب مان بکر جي عظمت به ظاهر آهي ۽ ان جي تباهيءَ جو داستان به هيءَ ڪتاب ٻڌائي ٿو. تاريخ جي مختلف دورن ۾ بک جي ڪهڙي اهميت رهي آهي، اهو سڀ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو.
بکر ڪيئن کليو آهي ۽ ڪيئن رنو آهي. اهو سڀ تاريخ جي پنن ۾ محفوظ ڪري ڊاڪٽر سومري صاحب سنڌين  سان ڀال ڀلايا آهن. اڄ جڏهن تاريخ لکندڙ ۽ ان ڏانهن سمورو ڌيان ڏيندڙ اسان وٽان هر ڏهاڙي گهٽجي رهيا آهن، ان وقت هڪ اهم ڪتاب لکي ڏيندڙ ڊاڪٽر عبدالخالق سومري صاحب جا احسان ته پڪ سان مڃڻ گهرجن.

اسان جي بزرگن سنڌ جي تاريخ جا ڪي باب سهيڙيا ضرور آهن، پر سنڌ جي تاريخ لکڻ شايد هاڻ شروع ٿئي، جيڪا تاريخ ڌرتيءَ ڌڻين کي لکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي ئي حقيقي تاريخ لکي سگهن ٿا. اسان جي تاريخ اسان جي مخالفن لکي آهي. انهن جو اهو احسان ضرور قبولڻ گهرجي ته هنن اسان کي تاريخ مان ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجي آقائن کي بچائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. ان وقت محترم عبدالخالق سومري صاحب بکر جي تاريخ بابت هڪ مختصر ئي سهي ڪتاب ڏيئي سنڌين سان وڙ ڪيو آهي. 80 صفحن جو هيءُ ڪتاب اسان جي دوست سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپايو آهي، جنهن جو ملهه هڪ سئو ٽيهه رپيا آهي. تاريخ پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ هيءَ هڪ اهم اضافو آهي.

No comments:

Post a Comment