02/02/2015

ڪان ڪفر جي ڪک ۾ - انور سومرو (Anwar Soomro)

ڪان ڪفر جي ڪک ۾
انور سومرو
مشهور فلاسافر ڪانٽ (Kant) جو قول آهي ته: ”ڊاگميٽزم/ هٺ ڌرمي اڳتي هلي پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ صرف تنقيد ئي آهي، جيڪا نئين راهه ڏيکاريندي آهي.
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي“ جهڙو ڪالمي ڪتاب به هٺ ڌرمين لاءِ ”ڪان ڪفر جي ڪک ۾“ جيان تنقيدي ڇوڏا لاهيندي، هڪ ٿي جاکوڙڻ جو سنيهو ڏئي ٿو. روايتي قسم جي اڪيڊمڪ نقاد/ تبصري نگار جي ائپروچ کان هٽي ڪري هڪ تخليقي ائپروچ تي ڪاربند رهندڙ عبدالرزاق عمراڻيءَ جي لکڻين ۾ هڪ اهڙي ائپروچ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ تجسس، صاف گوئي ۽ عملي/ ادبي ديانتداري ڪارفرما هجي ٿي. هن جي لکڻين ۾ تنقيد جا چارئي لاڙا اطلاعاتي (Informational)، تاثراتي (Impressionistic)، قاعدي ۽ ضابطي پٽاندڙ (Judicial) ۽ تاثيري (Inspirational) ججهي مقدار ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.

فرانزڪافڪا جي لکڻين بابت سارتر چوي ٿو ته: "I see my own malaise in him"
مان هن ۾ پنهنجي بيقراري پسان ٿو.“ اهڙي ريت ئي ”چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي“ جي سرجڻهار عبدالرزاق عمراڻيءَ جي لکڻين ۾ پڻ موضوعاتي حالتون، تخليقي تلخي، تنقيدي اصول، معروضي گهرجون، سمورا حسي تجربا روايت ۾ بغاوت طور استعمال ڪيا ويا آهن، جن مان سنڌ، سنڌو ۽ سنڌيت پسجي ٿي.
لکڻين جي موضوع جي چونڊ، وقت ۽ حالتن جي ڀرپور نمائندگي، سگهاري ائپروچ، انداز بيان، فڪري ڪمال، منظر نگاري، معاشري جو ڀرپور عڪس، معنيٰ خيز طنز، ڪتاب جو اصل مظهر آهي.
سنڌ، سنڌو ۽ سنڌيت هن جي فڪر جا سرچشما ۽ موضوع رهيا آهن، ڪتاب جو مهاڳ پياس ڪيڏي اُتاولي آهي ڇا هتي ڪو ڪلال ڪونهي؟
جي سوال جو ورجاءُ آهي. سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي سماج ۽ ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ انياءَ تي هن پاران اظهاريل کرو سچ پڙهندڙن کي ڇرڪائي وجهي ٿو. هن جي لکڻين ۾ وقت ۽ سوچ جو تسلسل برقرار آهي. محاوراتي ٻولي فني گهرجن جو پوراءُ ڪندي پڙهندڙ کي بوريت کان پاسيرو ڪندي لکڻي پوري طرح پڙهڻ تي مجبوري ڪري ٿو. موضوعاتي وسعت ڪري هن جي لکڻين ۾ روح جي رڙ، دانهن، درد، پيڙا، ڪرب، ولوڙ ۽ ڪروڌ جي جهلڪ نظر اچڻ سميت زندگيءَ جي سڃاڻ به ملي ٿي. احساس کي بيان ڪرڻ ۾ لفظن جي چونڊ ۽ ٽيڪنڪ منظر نگاريءَ کي لازوال روپ ڏنو آهي.
ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق جو معياري هئڻ لاءِ فن، فڪر ۽ ڏات جي حسن جو احساس هئڻ تمام ضروري هجي ٿو، جنهن سان عبدالرزاق عمراڻي جو نڀاءُ ڪالمسٽ جي حيثيت ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو.
سماجي حالتن جي بدلجڻ سان گڏ ذهني تبديلي به اچي ويندي آهي، ڪالهه تائين ٽه رنگي جهنڊي ۾ ويڙهجي مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيڻ جي سَڌ رکندڙ پيپلو پنهنجي پيپلائي ڪارندن جي اراهه زوراين سبب نه رڳو ڪيل وصيعت تان هٿ کڻي چڪو آهي پر قلم هٿ ۾ کڻي ڪچائين، ڪوجهائين ۽ مندائين جي نه رڳو نشاندهي ڪري ٿو پر سختيءَ سان ننديندي ”شاهه، شاهه جا سورما ۽ وڄندڙ گهنڊ، نرڄا ڇا لاءِ ٿو لنوين، ڦتو جهڙا ڪردار، نرگيست ۾ ورتل حڪمران، آفيمي قوم جي ترقي، اٿي رائو ريل، اسان وارا ادارا ۽ بنگال جو ڀورڙو ملاح، فرانسيسي ڊرائيور ۽ اسان جي سياست، ڀونڊي سان گڏ گار، سنڌ جي سومل ۽ آمريڪا جي ٽيري، حيرتناڪ پڇاڙي، اڳتي سوچجي، معجزن جو انتظار، ملڪي حالتون ۽ بنانا اسٽيٽ، اقتدار جي ديوي ۽ هاڻوڪا حاڪم سميت ٻيون ڪيتريون ئي لکڻيون علمي ڄاڻ جي ڦهلاءَ سميت تنقيد جا تير وسائيندي سياسي صورتحال ۽ نام نهاد جمهوري حڪومتن جا بکيا اڊيڙن ٿيون. هن جي ڪالمن ۾ معاشري جي سياسي، سماجي ماڻهپي ۽ بيوسيءَ جي تصوير ڪشي ٿيل آهي. ليکاريءَ فني سٽاءُ موضوعاتي لحاظ کان منفرد انداز ۾ پيش ڪري، اخباري ڪالمن کي جتي جدت بخشي آهي، اتي ئي هن جون لکڻيون پڙهندي محسوس ٿيندو ته موجوده دور جي سماجي حالتن تي ڪا ڊاڪيومينٽ آهي، اصلاحي ٻولي، خوبصورت محاورا ۽ تجسس ڀريو انداز هن کي ليکاري لڏي ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ارپي ٿو.
اڳوڻين، هاڻوڪين يا ايندڙ حالتن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ همٿ گهرجي، هتي جائزن ۾ رڳو مصلحت کان ڪم ورتو ويندو آهي، تنهن ڪري ئي ڌرتي واسي صحيح رهبري کان محروم رهجيو وڃن ٿا، جنهن جي پڻ ڪتاب ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي.
لکڻيون ثابتي ٿيون ڏين ته ليکاري نه ته وقت جي ڌارا کان ڪٽيل رهي ٿو ۽ نه ئي سندس سوچ جو دائرو محدود ۽ هڪ هنڌ ڄميل هجي ٿو. هي انساني نفسيات جي باريڪين جي پوري سُڌ رکڻ سميت جديديت جي ڄاڻ کان به وانجهو ناهي ۽ نه ئي چند رٽيل ۽ ورجايل لفظن ۽ جملن تائين پاڻ کي محدود رکي ٿو. هي نه ته تڪڙو ۽ غلط نموني پڙهي ٿو ۽ نه ئي سمجهڻ کان اڳ فيصلو ڏئي ٿو. هن جي لکڻين جو ڪمال اهو آهي ته حالتون بدلجن ٿيون پر هن جي لکڻين تي ڪو فرق نه ٿو پوي.
مون سدائين هن جي لبن تي ج ع منگهاڻي جي سٽن جو ورد ئي ٻڌو آهي ”ڪٿان ڪٿان کان اچي آفتون وريون آهن، اسان جي سنڌ کي مولا امان ۾ رکجانءِ.“ مون اهو به ڏٺو آهي ته هي رڳو دعائن تي ڀاڙڻ وارو ناهي، پر عملي ميدان ۾ هن کي پهرين صفن ۾ بيٺل ڏٺو اٿم.
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي“ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ جٺين جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي ۽ ٻوليءَ جي رنگيني، محاورن ۽ چوڻين جي ڀرپور استعمال سان گڏ تاريخي وارتائن جي موجوده حالتن سان ڀيٽا ڪمال هنر سان ڪئي وئي آهي، عبدالرزاق عمراڻي جون لکڻيون فني پختگيءَ جو مثال آهن.
وکر سو وهاءِ، جو پَئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولاتَ ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
ساڪا هَڙ هلاءِ، اڳ جنهن جي اُبهين. (شاهه)

ناليواري نقاد ممتاز مهر ڪٿي لکيو آهي ته ”ذميوار ليکڪ سماج جو سجاڳ ضمير هوندو آهي، سماج کي پنهنجي ضمير کي سڃاڻڻو پوندو، کيس ٻڌڻو پوندو، کيس موٽ ڏيڻي پوندي، تيستائين ليکڪ انتظار ڪندو رهندو.“

No comments:

Post a Comment