خانه بدوش
لفظن جا قافلا
نصير سومرو
ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ خواهش
ته شاعري پڙهجي، ڪڏهن ناول ته ڪڏهن ڪهاڻي. هيءَ خواهش آهي، مڙهيل بار ڪونهي. بار فرض
جي ادائگيءَ وانگر پيو ته شاعري يا ٻيو ڪو ادبي اسم پڙهڻ سان قلبي قرار نه ملندو. سو
شاعريءَ جا چار مجموعا ٿورڙن ڏينهن جي اندر اعزازي طور مليام. ”سارو ڏيهه ڏکارو“ هدايت
بلوچ جو شاعرائڻو ڳٽڪو آهي. ”منفرد“ مسرور
پيرزادي جو، ”خدائي رقص ۾ آهي“ رحمت پيرزادي جو شعري
مجموعو آهي. چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“. ”خانه بدوش“ وارو
اصطلاح گهڻو فينٽسائيز ٿي ويو آهي. انور ابڙي جي لکڻين کان پوءِ
غلام حسين رنگريز جي آتم ڪٿا جو عنوان ۽ هينئر ادل سولنگي جي شاعريءَ
جو ٽائٽيل ڌيان ڇڪائي ٿو. خانه بدوش جيڪي يورپ
۾ جپسي جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. اهي رولاڪ قبيلا، وڻجارڪا پکي اڏي جتي وڃن ته چون
:
سندو واريءَ ڪوٽ اڏي
اڏبو ڪيترو
سر سامونڊي ۾ ڀٽائي
فرمائي ٿو ته
وڻجاري
وائي، سدا آهي سفر جي،
آيل اها ئي، مون کي
ماري ڳالهڙي
ادل سولنگي ڪراچي ۾
صحافتي ڪرت سان هوندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن سانگي ساڻس ملاقات ئي ويندي هئي. هن مهل ڳوٺ جا وڻ وسايا اٿائين. هن جو ذڪر خير رکيل مورائيءَ سان ٿيندو
رهندو آهي. دوست جسماني طرح سان جتي به هجي، تذڪري ۽ سار ۾ سدا سائو رهي ٿو. ڏوڪري جي تعلقي باڪراڻي جو ڳوٺ محراب پور آهي
جتي هن اسان جي صحافي ۽ شاعر دوست اٺ مارچ اڻويهه سئو ڇاهٽ عيسويءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري
محرابپور ۽ مئٽرڪ دادو جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مخدوم بلاول مان ڪئي. هن جي بقول لکڻ
جي شروعات سن اڻويهه سو ٻياسي کان ڪيائين. اسي جو ڏهاڪو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي حالتن
جو سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن جي ون يونٽ خلاف تحريڪ جي تسلسل وارو هو. ايم آر ڊي تحريڪ ۽ قومي
تحريڪ جو اهو اثر جنهن سنڌ جي تاريخ نئين سر لکي پئي. صحافتي ۽ ادبي حوالن کان علاوه
ادل سولنگيءَ جو سياسي سفر به آهي. تبصري هيٺ ڪتاب ۾ مختصر تعارف ۾ ادل ڄاڻائي ٿو.
”سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران
دادو ۾ ساٿين سان گڏ ٽريلر کي ساڙڻ، ڪورٽ،
ريلوي اسـٽيشن،
جيل ساڙڻ جا ڪيس داخل
ٿيا ۽ ڪيترو ئي وقت روپوشيءَ ۾ گذريو.“ هي روپوشيءَ وارو دور سوچ ويچار ۽ غور ۽ فڪر
ڪرڻ جو نهايت ئي مناسب وقت آهي، جڏهن تخليقي ويچارن جا ولرن جا ولر اچي لهن ٿا. ڏات
ڌڻي انهن لمحن کي قلمبند ڪري سانڀر جي تختيءَ تي سدائين لاءِ سانڍي وٺندو آهي. قيد
۽ بند جي ڏينهن ۾ پڻ ڳوڙهي ۽ ڳتيل مطالعي ۽ گيان جو يادگار موقعو ملندو آهي. ڇاڪاڻ
ته ڏات جيستائين ڏنڀجي ۽ ڏنگجي نٿي تيستائين اها ڏانءُ (فن) جو روپ نه ٿي ڌاري سگهي.
پيڙا مان پروڙ جو تجربو بنهه ذاتي هوندي به ذاتي نه هوندو آهي. جو حالتن جا اولڙا ادل
جي ڪيفيتن جا روپ ڌارينديون آهن.
ادل پنهنجي باري ۾ وڌيڪ
ڄاڻائي ٿو!
”2001ع ۾ مورو باءِ پاس تي
سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڊيمن خلاف هنيل جسقم جي ڌرڻي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ هفتي کان
وڌيڪ مورو، گچيرو ۽ گولاڙچي ٿاڻن تي قيدي بڻائي رکيو ويو.“
اخبار جي نوڪريءَ ۾
رات جو آڌيءَ ماڌيءَ جڏهن سنسان سڙڪن تان گذربو آهي ته الائجي ڪهڙن ڪهڙن سوالن جوابن،
سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ڪارڊ ڏيکارڻ ۽ جهڙتين مان لنگهڻو پوندو آهي. سيڪيورٽي اهلڪار بيٺا
هوندا آهن ته ڪو شڪار ملي. ادل سولنگي انهن تجربن جو عڪس هن ريت بيان ڪري ٿو.
وک وک
آهن ورديون
چو واٽا
چونڪيون
ڪهڙي آهي
زندگي
ايندي ويندي واٽ تي
ڄٽ بڻيل جهڙتيون ڪهڙي
آهي زندگي ڪتاب سليقي سان ڇپيل آهي. سرسوتي
ساهت گهر ڏوڪري طرفان ڇپايل هي پندرهون ڪتاب اٿن وڻندڙ رنگن ۾ اڳيان پويان ادل جي تصوير
کي جوڳي جڳهه ڏني وئي آهي. ڪتاب جي آخري صفحي 192 تي موصوف جو هي چوسٽو تصوير سان ڏنل
آهي.
هڪ ڏينهن
خبر ٿي وينداسين
ٻئي ڏينهن
قبر ٿي وينداسين
ڪنهن پريم
ڪٿا جي پيرا جي
ڪا زير زبر ٿي وينداسين
ڪتاب، ”بدوش لفظن جا
قافلا“ نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرجندڙ شاعري جي روايت جو امين آهي. مهاڳ رکيل مورائي جو
لکيل ۽ امهاڳ غفار تبسم جو لکيل آهي. شاعر جي قلم مان ”خانه بدوشيءَ
جون ساروڻيون“ ٻه اکر طور لکيل آهن. پٺئين پاٺي تي اياز گل جا تاثرات
ڏنا ويا آهن اندر وچوريا فهرست ڏجي ها ته پڙهندڙ لاءِ خاص طور تبصري نگارن لاءِ سولائي
ٿئي ها ته ڪهڙيون صنفون ۽ اسم سموهيل آهن. نظم گهڻا اظهاريل آهن. غزل وايون، بيت، هائيڪا
۽ گيت اٽڪل ٽيهارو کن صفحن تي مشتمل آهن. سواءِ پارٽيشن پيپرز جي 170 صفحي تي نئين
ٽهي جي شاعر ۽ آئنسٽائن جي بايو گرافي انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪندڙ نويد سنديلي جي ادل سولنگي کي ڏنل منظم ڀيٽا پڻ مجموعي جي
زينت بڻيل آهي. ڪتاب جي ارپنا سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ عبدالواحد
آريسر جي فڪري قافلي جي نانءِ آهي.
تبصري جو تت ۽ سموهيندڙ
لفظن جو ست اهو آهي ته ادل سولنگيءَ پنهنجن خانه بدوش لفظن کي بي ترتيبي مان ترتيب
۾ آندو آهي گويا پنهنجي گهڻ پاسائين حياتيءَ کي شاعراڻي ڇاپ ڏني آهي. معنيٰ ادل سولنگي
شاعر آهي ۽ بس.
No comments:
Post a Comment