01/02/2015

آنءُ جي اها ئي ذات - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

امڙ فاطمه زهره چوي ٿي
آءٌ جي اها ئي ذات
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
چون ٿا ته سنڌ ۾ عورتون سڀني شعبن ۾ نظر انداز ٿيون آهن، اهو ڪنهن حد تائين سچ ته آهي، پر ائين به آهي ته سنڌ ۾ ڪي عورتون اهڙيون به ٿي گذريو آهن جن تي سنڌ جو ٻچو ٻچو فخر ڪري ٿو. الڳ الڳ شعبن ۾ سنڌي عورتون جي هڪ ڊگهي لسٽ ملندي، جن جو سنڌ جي جوڙڻ ۾ حصو رهيو آهي. مقصد فهرست ڏيڻ نه آهي، فقط ان عورت جو ذڪر ڪرڻ آهي،  جنهن ذري گهٽ صدي اڳ سنڌ کي ايترو ڏنو جو، هڪ خاتون جي ڏيڻ کان گهڻو آهي ۽ اڄ ان خاتون پنهنجي زندگيءَ جو اهو سمورو پوتا ميل لکت جڏهن سنڌين جي آڏو رکيو آهي ته حيرت ٿي ٿئي ته سنڌ ۾ عورتن ايئن نالي ۽ ناماچاريءَ کان پري رهي به سنڌ کي ايترو ڏنو آهي.

هن عورت جو نالو فاطمه زهره قاضي آهي، جنهن پنهنجو سمورو احوال هڪ عاليشان ڪتاب ۾ ڏنو آهي ۽ ڪتاب کي نالو ڏنو آهي، ”آنءُ جي اهائي ذات“. ان مان ئي سندس طبيعت جي نهٺائي ۽ سٻاجهائي ظاهر ٿي بيٺي آهي. هونئن دنيا جون سڀ مائرون ايئن ئي ٿينديون آهن جن جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي پر ڪي عورتون اهڙيون ٿينديون آهن، جيڪي پنهنجي گهر، پنهنجي خاندان کان ٻاهر نڪري به گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکارينديون آهن، امڙ فاطمه زهره کي ايترو وقت ته مليو جو هن پنهنجو خاندان ٺاهيو، جيڪو اڄ ناليوارو خاندان آهي پر هن پنهنجي نهايت سادي ۽ سڌي نموني پنهنجي زندگيءَ جي ڪارگذاري لکي سنڌ جي نياڻين لاءِ  هڪ پيغام ڇڏيو آهي ته هن ڪتاب مان ڪجهه پرائين ۽ پنهنجي زندگيءَ کي سجايو ڪن.

ڪتاب ”آنءُ جي اها ئي ذات“ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو هر گهرجي عورت کي نه رڳو پڙهڻ گهرجي پر ان مان پرائڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو، جيڪو اڄ به اسان جي عورتن جي ذهن ۾ نه آهي. ڪتاب پڙهڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ لکيل ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ  ته ليکڪا اديب يا شاعر نه آهي، ان ڪري هن جو لکڻ فطري سونهن کڻي آيو آهي، جنهن ۾ ڪابه مصنوعيت نه آهي. اهو سچ جي سطح تي اڀري آيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪن اسان جي بزرگ عورتن کي اهو اتساھ ملي ۽ هو به پنهنجون آتم ڪٿائون لکن. ڇا به هجي. شايد سنڌي ادب ۾ لکيل هيءَ پهرين آٿم ڪٿا آهي، جيڪا هڪ اهڙي خاتون لکي آهي جيڪا اديبه نه آهي، ان ڪري هيءُ ڪتاب وڌيڪ ساراهڻ جهڙو آهي، ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي تصويرون شامل آهن جيڪي ڪتاب جي سونهن بڻيون آهن، هن ڪوشش لاءِ اسان جو ڀاءُ شاهد پرويز قاضي گهڻو جس لهڻي، جنهن پنهنجي امڙ سانئڻ جو زندگيءَ جو قصو ڇپرايو ۽ هن کان اڳ هن پنهنجي والد صاحب جي آتم ڪٿا پڻ ڇپرائي آهي، ڪتاب نهايت سهڻو ڇپيو آهي، جنهن لاءِ پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشر جو نوجوان سکاڻي قمر آفتاب ابڙو گهڻو جس لهڻي جو ٿوري وقت ۾ هن گهڻا بهترين ڪتاب ڇاپيا آهن. 264 صفحن جي هن پڪي جلد واري خوبصورت ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment