01/02/2015

ڪتاب: سنڌي معلم - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: سنڌي معلم
ابو رافع (Abu Rafiu)

سنڌ جي هاڪاري عالم، لسانيات جي ماهر، شاهه جي پارکوءَ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل هيءُ اردو ٻوليءَ ۾ اهم ڪتاب، ٻولين کي هڪ ٻئيءَ جي ويجهو آڻڻ جي سلسلي جو اهم ڪتاب آهي هيءُ ڪتاب سنڌي توڻي اردو پڙهندڙ هڪ ٻئي جي ٻولين جي باريڪين کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙي منشا موجب  لکيل سائين الانا صاحب جو هيءُ ڪتاب خاص طور اردو پڙهندڙن لاءِ هڪ معلم جو ڪم ڪندڙ ڪتاب ئي آهي. هن ڪتاب جو پڻ هيءُ ٻيو ڇاپو آهي، جنهن ۾ الانا صاحب ڪيترا سڌارا توڻي واڌارا ڪيا آهن، ۽ سولي اردو توڻي سنڌيءَ ۾ ٻوليءَ جي صرف نحو بابت سمجهاڻيون ڏنيون آهن. هيءُ ڪتاب علمي توڻي ادبي ته آهي پر هن ڪتاب جي اصل اهميت نصابي ڪتاب واري آهي، جنهن مان نه رڳو اردو ٻولي ڳالهائنيدڙ ۽ پڙهندڙ فائدو وٺندا پر سنڌي ٻولي پڙهندڙ ۽ لکندڙ پڻ هن اهم ڪتاب مان فائدو حاصل ڪند،ا اهڙي پڪ آهي. ڊبل ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 257 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 365 رپيا آهي. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.

No comments:

Post a Comment