01/02/2015

مانجو ڪوهستان - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

محترمه ج ع منگهاڻي لکي ٿي
مانجو ڪوهستان
رکيل مورائي
خاڪن جو پنهنجي نوعيت جو هيءُ نرالو ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ خاص اهميت رکندڙ ليکڪا ڀيڻ ج ع منگهاڻيءَ جي انهن سوانحي خاڪن تي ٻڌل آهي، جيڪي هن الڳ الڳ وقتن تي ڪوهستان جي ڪن، اهم شخصين تي لکيا آهن. ڪتاب جي نالي مان پڌرو آهي ته هيءَ ڪتاب ڪوهستان جي ئي دائري اندر آهي ۽ ان ۾ جيڪي شخصيتون آهن انهن جو تعلق به انهيءَ علائقي  سان آهي، جنهن علائقي سان ڀيڻ ج ع منگهاڻيءَ  جو آهي، البت انهن مان ڪي شخصيتون سندس خاندان ۾ شامل آهن. جن جي صحبت  محبت ۾ رهي هن گهڻو ئي پرايو آهي.  ڀيڻ ج ع منگهاڻي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ الڳ ڏانءُ آهي ۽ سچ پچ ته اُهو سچ ته ڏانءُ هن ڪتاب جي نثر ۾ وڌيڪ اڀري ڀيٺو آهي جنهن ڪري ڪڏهن به سندس لکڻي حوالي طور ”ڪوهستاني نثر“ جي نالي هيٺ ڏئي سگهجي ٿي، جنهن ۾ علائقائي خوشبو به آهي ته سٽاءُ پڻ.

ڪتاب ۾ شامل شخصيتون الڳ الڳ ڳڻ رکندڙ آهن جن جو واسطو هروڀرو ادب سان ڳنڍڻ جي هن ڪوشش بنهه نه ڪئي آهي. سنسار جو سڀ عظمتون فقط ادب ۾ شامل نه آهن، زندگيءَ جا ٻيا شعبا به آهن، جن ۾ ڪي غير معمولي شخص رهن ٿا. ڏسڻو فقط اهو آهي ته ليکڪ جي اک انهن کي ڪيئن ڏسي ٿي ۽ سندس قلم انهن کي ڪيئن اظهاري ٿو ۽ ليکڪ جون شعوري ۽  تخليقي قوتون ان ڪردار کي ڪيترو اڀاري سگهن ٿيون مان اعتماد جي اها ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو، ج ع منگهاڻي صاحبه پهنجي قلم هيٺ آندو شخصن کي نهايت باريڪيءَ سان جاچيو آهي ۽ انهن کي هوءَ بيمثال نموني اظهار سگهي  آهي سندس لهجو به نه رڳو انهن شخصيتن جي حوالي ۾ اڀري آيو آهي، پر سنڌي نثر ۾ هيءَ اظهار پنهنجي لهجي جي ڪري به سڇاتو ويندو ۽ ان ڪري سندس هيءُ ڪتاب سنڌي سوانحي ادب ۾ ”پنهنجو مٽ پاڻ“ ڪري سمجهيو ويندو، اهڙي پڪ آهي هن ڪتاب ۾ ارڙهن خاڪا آهن ۽ انهن کان اڳ ليکڪا جو لاجواب مقدمو!

ٽي سئو ويهن صفحن تي پکريل، سفيد ڪاغذ تي پڪي جلد سان عاليشان ڇپيل هيءُ ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ جي کاتي ۾ هڪ لاجواب ڪتاب جو واڌارو آهي. جنهن جو ملهه چار سئو رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment