قاضي عبدالحي قائل هڪ
خوبصورت نثر نويس
فياض لطيف
ساڳي خوشبو ڏين، ڇڄي گل گلاب جا
وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪينڪي.
(شيخ اياز)
ڪي ماڻهو پنهنجي انفرادي ۽
شخصي ڪردار ۾ فقط پنهنجي ذات ۽ زندگي جي فلاح ۽ بهبود تائين محدود هوندا آهن. انهن
جو هر عمل صرف پنهنجي ذات جي سنوار، سڌار، ترقي ۽ ترويج لاءِ هوندو آهي. هنن جي
جاکوڙ ۽ جستجو فقط پنهنجي سک ۽ سهنجائي خاطر هوندي آهي. هو فردي آسائش ۽ آجپي کي ئي مقصدِ حيات سمجھندا آهن ۽ پنهنجي غرض
لاءِ هر حد پار ڪري گذرڻ جا قائل هوندا آهن. سندن سموري زندگي عيش عياشي ۽ دولت جي
پويان ڊوڙندي اجائي اڊمبر ۾ گذري ويندي آهي, هڪ ڏينهن مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويندا آهن.
ڪي ماڻهو
پنهنجي ذاتي ڪردار ۽ عمل ۾ انتهائي اڪيلائي پسند،
ڪُنڊائتا ۽ گوشا نشين هوندا آهن. هو نه ڪنهن کي ڏيندا آهن ۽ نه ئي ڪنهن کي
ڏکائيندا آهن. پنهنجي ئي ڌيان ۽ گيان ۾ گم وجود جون وارتائون ووڙيندا رهندا آهن.
هو خود شناسيءَ ۾ ئي خدا شناسي جا قائل هوندا آهن. هن گدلي سينور جھڙي دنيا کان
دور پنهنجي ئي ”ڏک سُکن“ جي دنيا آباد ڪري پنهنجي پرينءَ کي پرچائڻ ۽ روح کي
ريجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان کي ئي جيون جو حقيقي مقصدِ حيات سمجھندا آهن. حافظ
شيرازي جيان هُنن لاءِ دل جي ڪُنڊ ئي
ڪائنات سمان هوندي آهي، پر هن ڪل جُڳ جي جھان ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن جو
جيءُ جياپو سڳنڌ جيان هوندو آهي. هو جتي به هوندا آهن، پنهنجي علم، عمل ۽ ڪردار جي
خوشبو سان ان وستي ۽ واهڻ کي واسي ڇڏيندا آهن. هو پنهنجي ذات ۾ ان سج وانگر هوندا
آهن، جيڪو بنا ڪنهن فرق جي ساري سنسار سان پنهنجي جوت جا ڪرڻا ونڊيندو ۽ ورڇيندو
رهندو آهي. هنن جو هر عمل ۽ احساس انسانيت جي خدمت لاءِ هوندو آهي. هو گلن جيان
جيون ڀر ماڻهن ۾ پنهنجي اخلاق، علم، اُنس ۽ خيرخواهي جون سڳنڌون ۽ خوبصورتيون
ورهائيندا آهن ۽ وڇڙڻ کان پوءِ پنهنجي پويان عمل ۽ ڪردار جا اهڙا ٻج ڇڏي ويندا آهن،
جيڪي کين هڪ لازوال ۽ امر جياپو ارپي ڇڏيندا آهن. سائين قاضي عبدالحي قائل جو شمار
به اهڙن سُماني ۽ سُلڇڻي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.
هو جو سرءُ
واءُ ۾، ڇڻي ويو گل
هر هر تنهن جو هُل، ڦلواڙيءَ
جي واس ۾.
قاضي عبدالحي قائل بنيادي طور تي استاد هئا. پاڻ
ظاهري ڏيک ويک ۾سادا، سٻاجھا ۽ عام، پر علم ۽ عمل ۾ گوهرِ ناياب هئا. هڪ عام ۽
روايتي استاد جي نسبت هو خود دار، کرا، محنت جي عظمت ۾ ايمان رکندڙ ۽ غير روايتي
معلم هئا. اهو ئي سبب آهي، جو اسڪول کان پوءِ ساري حياتي سندن گھر غريب شاگردن
لاءِ فري بورڊنگ هائوس ۽ معاوضي بنا ٽيوشن سينٽر بڻيل رهيو، جتي پاڻ نه فقط اڻ
ڳڻئي مستحق ۽ مفلس شاگردن جي مالي سهائتا ڪيائون، پر انهن جي اولاد وانگر علمي ۽
اخلاقي تربيت ڪري، انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي قابل پڻ بڻايائون. اڄ سندس
انهن شاگردن مان ڪيئي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اعلى عهدن ۽ حيثيتن تي فائز آهن.
سندن هڪ لائق شاگرد عبدالقادر منگي پنهنجي استاد جي وڇوڙي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجن
احساسن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي: ”سائين قاضي استاد جو نمونو هيو. ٻاهران اکروٽ
وانگر سخت اندران گدري جھڙو نرم. استاد جو احترام ڪئين ٿيندو آهي، اهو کيس ڏسي ۽
هاڻي ياد ڪري محسوس ڪري سگھجي ٿو. شاگرد اسڪول ۾ داخل ٿيندو هيو، ته سائين قاضيءَ
جو ڀو کڻي ۽ فارغ التحصيل ٿيندو هيو، ته سکيا جا موتي ميڙي...استاد جو لفظ زبان تي
ايندو، ته سائين قاضيءَ جي شخصيت ذهن جي اسڪرين تي اڀري ايندي.“(قاضي منظر،1992ع
ص41)
قاضي صاحب پنهنجي وجود ۾ علم ۽
فهم جو ڀنڊار هو. هن پنهنجون علمي صلاحيتون نه فقط تعليمي ۽ تدريسي شعبن ۾ صرف
ڪيون، پر ان سان گڏوگڏ هُن ادب، صحافت، اشاعت، سياست ۽ سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ پڻ خوب
پاڻ ملهايو. سندس شخصيت جا اهي ستئين انڊلٺي رنگ پنهنجي پنهنجي حوالي سان ايترا ته
اهم ۽ وقعت وارا آهن، جو انهن مان هر هڪ تي، دل گھڻو ڪجھ لکڻ گُھري ٿي، پر جئين ته
مون کي قاضي صاحب جي شخصيت جي ادبي پهلو، ۽ اهو به خاص ڪري سندس نثر نويس
واري حوالي تي، ڪجھ لکڻو آهي، انهيءَ ڪري آءٌ هتي ڪوشش ڪري سائين جي تخليقي ۽
پُرتاثير نثر مان ڪجھ خوبصورت رنگن جون جھلڪيون پيش ڪندس، جنهن مان بخوبي اهو
اندازو لڳائي سگھبو، ته هن وينجھار جو وکر ڪيترو نه اَمُلھ ۽ انوکو هو.
سائين عبدالحي قائل کي ادب سان
دلچسپي پنهنجن وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. سندن والد قاضي عبدالحق ۽ چاچو حڪيم قاضي
عبدالله پنهنجي وقت جا وڏا عالم، ادب ۽ انسان دوست ماڻهو هئا، جن جي صحبت مان
سائين قائل علم، ادب، سچائي، سادگي ۽ انسان دوستيءَ جا سندر سبق پرايا ۽ پاڻ ان
علمي ۽ ادبي روشنيءَ کي پنهنجي پوين تائين
جنهن احسن نموني سان پهچايو اٿائون، اهو سچ ته ڏاڍو موهيندڙ ۽ مثالي آهي. سندن اها
علمي ۽ ادبي پوکي ئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي چند ادبي خاندانن ۾ رتيديري جي ”قاضي
ادبي ڪٽنب“ جو نالو وڏي عرصي کان پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ماڻي چڪو آهي. علم
تدريس، ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ هن خاندان جو ڪم ۽ ڪردار انتهائي اهم ۽ مثالي آهي.
مصوري ۽ مجسماسازيءَ ۾ قاضي منظر ۽ خضر حيات، شاعري ۽ نثرنويسيءَ ۾ قاضي مقصود گل
۽ ياسر ۽ تعليمي ميدان ۾ قاضي اختر حيات جي خدمتن کي ڪنهن به طور تي فراموش ڪري نه
ٿو سگھجي ۽ هن پوري ادبي ڦلواڙي جا باغ بان بلاشڪ ته سائين قاضي قائل ئي آهن.
جي تون سرجڻهار، جيءُ انوکو جڳ ۾؛
واري پنهنجي جندڙي جوڙِ اهو جنسار،
توکان پو سنسار، سرسُ ٿئي ڪجھ
سونهن ۾.
ادبي کيتر ۾ سائين قائل جي
پهرين سڃاڻپ هڪ سڄاڻ ۽ سُچيت شاعر واري آهي، پر پاڻ پنهنجن احساسن، خيالن، خوابن ۽
فڪري خوبصورتين کي نثر ۾ پڻ اظهاريو ۽ اوتيو اٿائون، جيڪو به سندن نظم جيان سولو،
سادو ۽ سوادي آهي. عام لکڻين وانگر هن جي نثري تحريرن ۾ لفظن جي اجائي پٽاڙ ۽ ڊيگھ
نه آهي، پر انهن ۾ سلاست، سادگي، مقصديت ۽ اظهار جو تُز انداز ملي ٿو، جيڪو سندس
لکڻيءَ کي روايتي ليکن کان الڳ پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ ۽ حيثيت عطا ڪري ٿو.
سائين جي نثري تخليقن جو توڙي
جو ايڏو وڏو تعداد ڪونهي، پر ان جي باوجود جيڪو مواد ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود
آهي، ان جو جيڪڏهن تجزياتي جائزو وٺنداسين، ته اهو هيٺين پنجن مختلف موضوعن تي
مشتمل نظر ايندو.
1.
اصلاحي
مضمون
2.
معلوماتي
مضمون
3. تحقيقي ۽ تاريخي مضمون
4.
مزاحيه
۽ تفريحي مضمون
5.
شخصيتن
جا سوانحي خاڪا وغيره
قاضي صاحب جي نثري تحريرن ۾
لفاظي ۽ مبالغي بدران مقصديت ۽ اصلاح جا نقطا جابجاءِ ملن ٿا. هو عملي طور تي خود
برجُستو ۽ جاکوڙي ماڻهو هو، انهيءَ ڪري سندس تحريرون سچائي، جدوجھد ۽ انسان دوست
قدرن جون پرچارڪ ۽ چڱائي جو درس پيش ڪن ٿيون. هن پنهنجي علمي ۽ عملي زندگيءَ ۾
سماج کي سدائين نيڪي، محبت، شعوري بيداري ۽ جرئت سان جيئڻ جا سبق سيکاريا، سندس
تحريرون انهن ئي قدرن جو عڪس ۽ آئينو آهن. سندس اهڙين اصلاحي تحريرن ۾”مغل شهزادو
بيوسيءَ جي حالت ۾، فرشتو ۽ نوشيروان عادل“ قابل ذڪر آهن.
سائين قائل جون نثري تخليقون
جتي انفرادي ۽ سماجي اصلاح جا گس ۽ پيچرا پسائين ٿيون، اتي اهي ڄاڻ ۽ ججھي معلومات
پڻ فراهم ڪن ٿيون. ان حوالي سان ”سفينئه صحرا يا خشڪيءَ جو ٻيڙو“ جي عنوان سان اٺ
تي لکيل سندن مضمون نه فقط تحريري اندازِ بيان جو شاهڪار آهي، پر اٺ جي
حوالي سان ڏنل ايتري مفصل معلومات حيران پڻ ڪري ڇڏي ٿي. اٺ جي جسماني ڍانچي جو
تفصيلي خاڪو، ان جي مضبوطي ۽ صحرائي سفر ۾ چستي ۽ تيزيءَ سان هلي سگھڻ جي ڪارڻن
ٻڌائڻ کان وٺي، ان جي مختلف ٻولين ۾ مختلف نالن، ان جي قسمن، جنس ۽ عمر جي لحاظ
کان مقرر نالن، رنگن، عادتن، اٺ بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج چوڻين، ۽ اٺ جي بيمارين ۽
علاج جي تجويزن تائين، مضمون ۾ ڏنل معلومات پڙهي ۽ پسي، قاضي صاحب جي علم ۽ دانش،
جاکوڙ ۽ جستجوءَ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي. مضمون پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي، ڄڻ قاضي صاحب ڪو
پارکو اوٺوال آهي، جنهن اٺن جي وڳ سان وڏي عمر گذاري آهي ۽ پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ مان
انهن بابت مضمون ويهي تحرير ڪيو اٿائين. ان مضمون مان سندس اندازِ بيان جي سادگي ۽
ڄاڻ خزاني جو هي حسين مثال ته ڏسو:”اٺ هڪ ڪارائتو جانور آهي. هي ڪيترو وقت کاڌي ۽
پاڻي کان سواءِ پنهنجو سفر جاري رکي سگھي ٿو. خاص طرح هي جانور صحرا ۾ تيزي ۽
چستيءَ سان هلي سگھي ٿو. هن جا موڪرا وڇايل پير، جن کي عام ٻوليءَ ۾ داڦوڙا چئجي
ٿو، سي کيس واريءَ تي هلڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. صحرا ۾ تيز رفتاريءَ سان هلڻ ڪري کيس
”سڪيءَ جو ٻيڙو“ يا ”سفينئه صحرا“ به چئبو آهي.
اٺ کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو
وڃي ٿو. جھڙوڪ: ڪرهو، ڏاگھو، ميو، توڏو، گورو، ليڙو، اوڳو وغيره. ان کي عربي ۾
جمل، فارسي ۾ شتر، سنسڪرت ۾ شٽر، ڪوهستاني ۾ باريگ، پراڪرت ۾ اُٽ، هندي ۽ اردو ۾
اونٺ چون ٿا...اٺ ٽن چئن سالن ۾ سامائبو آهي ۽ ڄڻڻ ڄڻائڻ لائق ٿيندو آهي. اٺ جي نر
ڦر کي گورو ۽ مادي کي گوري چون. ٿر ۾ گوري کي پانگڙ ۽ گوريءَ کي توڏي ڪوٺن. اٺ جي
مادي کي تڙاڦ يا ڏاچي چون. ڏاچين جي ميڙ کي وڳ ۽ اٺ جي ميڙ کي گلو سڏيندا آهن. اٺ
جي پير کي تڙاڦ، چنگل يا داڦوڙو چون. ڏاچي يارهين ٻارهين مهيني ويامندي آهي، سندس
کير ٿورو ڪسارو ۽ کٽو ٿيندو آهي، جيڪو جلندر جي بيماري لاءِ مفيد چيو وڃي ٿو. ڏاچي
جي کير مان ڏهي ۽ ڌونئرو ڪونه ٺهندو آهي....اٺ جي تازي ڄاول ڦر کي گورو، ٻن سالن
کان پوءِ گوري کي مازدا يا اٿوڙ، ٽن سالن کان پوءِ ٽهاڻ يا ڪنواٽ، چئن سالن کان
پوءِ ان کي چوگو يا چوسالو، پنجن سالن کان پوءِ دوٰنڪ، ڇهن سالن کان پوءِ ڇڳو، ستن
سالن کان پوءِ پڪو ڇٽ ۽ اٺن سالن کان پوءِ ان کي تج سڏن. اٺ جڏهن نيش يا ڪير ڪڍندو
آهي، ته اها ان جي ڦوھ جواني هوندي آهي. ٻارنهن تيرنهن سالن ۾ اٺ پيريءَ ۾ پير
پائيندو آهي ۽ ان کي ارموش، ڪلپور يا ڏاگھو سڏيندا آهن.“ (قاضي منظر 1992ع ص102)
مضمون ۾ ڇا ته علم، لوڪ دانش،
تحريري فصاحت ۽ بلاغت جي پالوٽ آهي! مضمون پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ جي من ۾ خود بخود
هڪ عجيب سرهائي ۽ سرت جي جوت جاڳي پوي ٿي. ويتر سون تي سُهاڳي واري ڳالھ اها ٿي
آهي، جو آخر ۾ قاضي صاحب، شاھ سائين جي
شاعري ۾ اٺ جي ذڪر وارا بيت ڏئي مضمون کي نه صرف وڌيڪ مفيد ۽ مُلهائتو بڻائيو آهي،
پر شعرن جي چاشني ڪري تحرير اڃان به پُرتاثير ٿي پئي آهي ۽ اها ئي سائين قائل جي
نثر جي وڏي خوبي ۽ خوبصورتي آهي.
سائين عبدالحي قائل تاريخي ۽
تحقيقي نوعيت جا مضمون پڻ لکيا آهن، جن ۾”ڪوھِ
نور هيري جي حقيقت، ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾، ۽ خيرو ديرو مکيه ڳوٺ“ شامل آهن. هنن
مضمونن ۾ سندس اظهار سليس ۽ انداز مدلل آهي، جنهن ڪري پڙهڻ ۾ اُڪتاهٽ بدران ڪجھ
حاصل ڪرڻ ۽ پلئه پائڻ جو احساس ۽ اطمينان نصيب ٿئي ٿو. سندس نثر ۾ نه صرف لفظي
رواني ۽ ٻوليءَ جو ٺهڪندڙ ۽ تُز استعمال موجود آهي، پر شاعر هجڻ ڪري ان ۾ خيال جي
انوکي اڏام ۽ احساساتي حسناڪي پڻ محسوس
ٿئي ٿي، جنهن جي هڪ سُندر جھلڪ ”افلاطون، وريل فقير ابڙو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽
وتايو فقير“ تي لکيل سندس سوانحي خاڪن ۾ چڱيءَ پَرِ پَسي سگھجي ٿي. جيتوڻيڪ قاضي
صاحب پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ انتهائي سنجيده ۽ برد بار هئا، پر سندن طبيعت ۾ ملنساري ۽
مزاح جي حس موجود هئي، اهو ئي سبب آهي، جو ”مولڻ موالي، عقل دي ڊوڙ، ڪاريءَ تي
پير، ڪمن ڪوريءَ جو بخار ۽ انجيڪشن“ جھڙيون حسين طنز ۽ مزاح واريون تحريرون تخليقي
سگھيا آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ چپن تي نه صرف مرڪون پکڙجي وڃن ٿيون، پر انهن ۾ هڪ
چڀندڙ احساس ۽ نصيحت ڀري چُهنڊڙي به موجود آهي، جنهن مان هڪ حساس ۽ سُچيت ماڻهو
گھڻو ڪجھ پائي ۽ پُرجھي سگھي ٿو.
شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته،” نثر پنڌ ڪندو ۽
شاعري رقص ڪندي آهي.“ سائين قائل جي نثر کي جڏهن پڙهجي ٿو، تڏهن سچ ته اهو ڪٿي
خيالن ۽ دليلن جي دڳ تي پنڌ ڪندي نظر اچي
ٿو، ته ڪٿي اظهار ۽ احساس جي راهن ۾ مور جيان رقص ڪندي محسوس ٿئي ٿو.
No comments:
Post a Comment