06/02/2015

چوٿين صديءَ هجريءَ جي سنڌ - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed malah)

استخريءَ جي نظر ۾ چوٿين صديءَ هجريءَ جي سنڌ
مختيار احمد ملاح
 چوٿين صدي هجريءَ جي سنڌ تي عربن جي حڪومت هئي، هن دَور ۾ ڪيترائي عرب ۽ ٻيا سياح سنڌ جي سير و سفر تي آيا. سندن سفرنامن جي آڌار تي سنڌ جي ملڪي، سياسي ۽ سماجي حالتن جي معلومات کي ترتيب ڏيئي، سنڌ جي تاريخ جوڙي سگهجي ٿي. سنڌ جي علم و ادب جي وسعت به سندن سفرنامن مان معلوم ٿئي ٿي. سنڌ جي سرحدن ۽ نقشن جي خبر به عربن ۽ فارسي دانن وٽان معلوم ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ هڪ نالو استخريءَ جو به آهي.
ابو اسحاق ابن محمد الفراسي الاستخري جو جنم ايران جي شهر استخر ۾ ٿيو، ان نسبت سان ”استخري“ سڏيندو هو. استخريءَ جو ٻيو نالو الفاربي به هو ڇو جو استخار فارس صوبي ۾ واقع آهي. سندس ڄمڻ جو سال نامعلوم آهي، البته 346 هجري بمطابق 957ع ۾ وفات ڪيائين. هو وچين دَور (Medieval) جو سياح، جاگرافيدان ۽ عالم هو. هن عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيو. پن بجلي (Wind Mills) جو اوائلي تصور استخري ڏنو. هن هندستان وٺي بحر اوقيانوس ۽ ايراني نار کان وٺي ڪئپسين سمنڊ تائين سڀني مسلمان ملڪن جو سفر ڪيو. سنڌ ۾ سندس ملاقات سندس همعصر سياح ابن حوقل سان ٿي هئي. ابن حوقل ان ملاقات جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو هو.

استخري سياحت ۽ جاگرافيءَ تي به ڪتاب لکيا، انهن ۾ هڪ مسالڪ الممالڪ (Tradition of Countries) ۽ صور الاقاليم (Shere of the Clime) شامل آهن.
ايم ايڇ اليٽ پنهنجي ڪتاب ”History of sindh as told by its Historians“ ۾ لکي ٿو ته ڪتاب ”الا قليم“ ڪهڙي زماني ۾ لکيو ويو، تنهن جي خبر نه ٿي پوي، پر ايتري پڪ آهي ته هن ڏهين صديءَ جي وچ ۾ 340 هه/ 951ع ڌاري پنهنجو ڪتاب لکي پورو ڪيو هوندو. استخري جو ڪتاب ڊاڪٽر موئلر (Dr. Moeller) سن 1839ع ۾ گوٿا (Gotha) مان، لائبر ڪلائيمٽم (Liber Climatum) جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب گوٿا لائبرري ۾ رکيل استخريءَ جي تصديق جو سڄو نقل سمجهڻ کپي. يورپ ۾ هن ڪتاب جو فقط هڪ نسخ موجود آهي. مذڪوره ڪتاب ليٿو تي ڇپيو ويو هو. نهايت خبرداريءَ باوجود نالن ۾ ڪيتريون غلطيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڳي ڪتاب جو ڊاڪٽر مورٿ (Dr. Mordtmanth) سن 1845ع ۾ جرمن ٻولي ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو هئمبرگ مان شايع ٿيو هو.
صورالا قليم ۾ ٻين ملڪن سان گڏ سنڌ جو نقشو به ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مسالڪ الممالڪ ۾ مختلف ملڪن جو احوال به ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ بابت هڪ الڳ باب لکيو ويو آهي. ان ڪتاب لاءِ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ”استخري جو ڪارنامو، فقط ملڪن جو احوال لکڻ نه آهي، پر دنيا جو نقشو تيار ڪرڻ به اهي، جنهن ۾ سنڌ جو نقشو به شامل آهي“.
استخريءَ پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي جن ۾ منصوره، ديبل، نيرون، ڪلري، انري، بلري، مسوهي، لهرح، بانيته، پنجاتري، سدوسان ۽ رور شامل آهن انهن ماڳن مڪانن سان گڏ سنڌ جي تهذيبي ۽ تمدني، سياسي ۽ سماجي حالتن جو مفصل ذڪر به ڪيو آهي.
استخري سنڌ جي شهرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”رور (اروڙ) ملتان جيڏو شهر آهي. ان ۾ ٻه فصل ٿيندا آهن. سنڌونديءَ جي اولهه ۾، سمنڊ جي ڪناري تي ديبل، هڪ وڏو واپاري مرڪز آهي ۽ انهن علائقن جو وڏو بندرگاهه پڻ آهي. هتي گهڻي پوک ۽ وڻ ڪونهن. سارو علائقو بنجر ۽ ويران آهي ماڻهن جو اصل ڪاروبارو واپار آهي“.
منصوره لاءِ لکي ٿو ته ”منصوره جو شهر هم چورس ميل کن ۾ آهي. سنڌو درياهه جي هڪ ڇاڙهه سندس چوڌاري ڦري اچي ٿي. هن شهر جا رهواسي مسلمان آهن، سندن ويجهو اوڏو کارڪون ۽ ڪمند جام ٿيندو آهي منصوره جي علائقي ۾ هڪ ميوو ٿيندو آهي، جيڪو صوف جيترو ٿيندو آهي سواد ۾ کٽو آهي. هتي انبح (انب) به ٿئي ٿو. ان جو ذائقو انتهائي مٺو آهي. ڏاڍو سستو ميوو آهي ۽ ٿيندو به جام آهي. هتان جي ماڻهن جو لباس عراق جي ماڻهن جهڙو آهي. سندن حڪمرانن جو ويس وڳو هند جي راجائن جهڙو آهي، انهن جيان چٽا، ڊگها تلهڙ ڇڏيندا آهن ۽ ڊگها چولا به انهن وانگي ڍڪيندا آهن“.
ملتان لاءِ لکي ٿو ته ”ملتان جو شهر منصوره جي اڌ جيترو ٿيندو. اتي هڪ بت آهي، جنهن جي هندو گهڻو عزت ڪندا آهن، هر سال اوري پري کان ڪهي اچي ماڻهو هن بت جي ياترا ڪندا آهن“. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”ملتان ۾ بادشاهه رهندو آهي، هو نسلي طرح قريشي آهي ساس بن لوئي خاندان مان آهي، جنهن ملتان شهر تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ منصوره جي امير يا ڪنهن ٻئي جي هو تابع ناهي. صرف خليفي جي نالي جو خطبو پڙهندو آهي. هو ملتان ۾ هاٿي تي سوار ٿي جمعي نماز لاءِ ويندو آهي. ملتان جي امير جي آمدنيءَ جو خاص ذريعو هتان جو بت خانو آهي“.
سنڌودرياهه لاءِ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ هڪ درياهه آهي، جنهن کي مهراڻ سڏيو ويندو آهي. چيو ويندو آهي ته اهو درياهه هڪ جبل مان شروع ٿئي ٿو، جتان جيحون جون ٻيون ڀرتي ڪندڙ شاخون نڪرنديون آهن. مهراڻ درياهه، سمنڊ ۽ الروز (الور) جي وٽ ڏئي وهندو آهي ۽ وڃي ملتان جي سرحدن ۾ پهچندو آهي. اتان وهندو منصوره جو پاسو ڏيندو، آخر ديبل جي اوڀر ۾ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هن درياهه جو پاڻي مٺو آهي. منجهس نيل درياهه جي واڳن جيڏا واڳون ٿيندا آهن. هي درياهه به نيل درياهه وانگر ڇاڙهه ڪندو آهي ۽ هيٺاهان علائقا ٻوڙي ڇڏيندو آهي. پاڻيءَ جي سڪي وڃڻ کان پوءِ آبادي به ائين ٿيندي آهي جيئن اسان نيل جي پاسي وارين زمينن بابت ذڪر ڪري آيا آهيون“.
هو سنڌ جي هڪ قوم لاءِ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ميد قوم مشهور آهي، جيڪا دراڻ کان وٺي ملتان تائين پکڙيل آهي. مهراڻ ۽ قامهل جي وچ وارن ميدانن ۾ سندن چراهه گاهه ۽ زمينون آهن. انهن علائقن ۾ سندن اڪٿريت آهي قامهل ۽ جسمور ۾ جامع مسجدون آهن هت ناريل، ڪيلا، انب ۽ ٻي پوک ٿئي ٿي. ماکي به گهڻي ٿئي ٿي. هت جت به رهن ٿا، جن جي مڪران ۾ اڪثريت آهي. انهن وٽ ٻن ٿوهن وارا اٺ آهن، جن جي نسل مان نجائي اٺ ٿيندا آهن، جيڪي خراسان ۽ فارس رستي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا آهن“.

استخريءَ سنڌي زبان، سنڌ جي سڪن، لباس، رسم رواج، سياسي، سماجي ۽ ملڪي حالتن تي به ڪافي روشني وڌي آهي. هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکي ٿو ته ”منصوره” ملتان ۽ انهن جي پسگردائي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي. مڪران وارن جي ٻولي وري مڪراني ۽ فارسي آهي.“

No comments:

Post a Comment