01/02/2015

مراد صاحب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

پياري نصير مرزا جو سهيڙيل
مراد صاحب
رکيل مورائي 
دنيا ۾ عالمن، اديبن ۽ شاعرن بابت ڪيتريون ڪٿائون/جيونيون لکيون ويون آهن، ساڳي طرح الڳ الڳ لکندڙ جا ڪنهن به هڪ اديب/شخص بابت ليک سهڙي پڻ انهن شخصن/ اديبن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي. ايئن سنڌي ادب ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪتاب اچي چڪا آهن.
تازو ئي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ ويس سائين مراد علي مرزا بابت هڪ اهڙو لاجواب ڪتاب اسان جي پياري نصير مرزا مرتب ڪيو آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي ”مراد صاحب!“ هيءَ ڪتاب اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جي انهن رٿائن مان آهي جنهن تحت ادارو مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن بابت ڪي اهم ڪتاب مرتب ڪرائي رهيو آهي.


هن ڪتاب ۾ مراد علي مرزا صاحب بابت مڪمن حد تائين اها سموري ڄاڻ آهي، جنهن کي سامهون رکي کيس بابت ڪا تحقيق ڪري سگهجي ٿي. ڪتاب کي الڳ الڳ بابن ۾ ورهايو ويو آهي. شروعات ۾ مرزا صاحب جا ٻه  انٽرويو آهن، ٻئي حصي ۾ سندس اٺ ڪهاڻيون آهن، ٽئين حصي ۾ سندس هڪ اڻپوري ناول جا ٽي بابت آهن، جنهن کان پوءِ سندس ٽي ڊراما ۽ ان کان پوءِ هڪ سفر نامو، جنهن بعد ڪجهه خط ۽ آخري حصي ۾ الڳ الڳ اديبن شاعرن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن جا مراد علي مرزا صاحب بابت مضمون،  مقالا ۽ اڀياس آهن، ايئن  سڀ کان وڏي هڪ عاليشان ڪتاب ”مراد صاحب“ جوڙيو  ويو آهي  پياري نصير مرزا  ڪتاب ۾ مرزا صاحب جون ڪي يادگار تصويرون به شامل ڪيون آهن، جنهن ڪتاب کي وڌيڪ اهم ۽ خوبصورت بڻايو آهي، ٻن رنگن جي پرنٽنگ سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ 416 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 410 رپيا رکيو ويو آهي، هيءُ سانڍڻ جهڙو ڪتاب پياري نصير جو ذوق جو شاهد آهي. ساڳي وقت سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ پبلشر واري ساک به وڌائي ٿو. ڪيئن به هيءُ ڪتاب پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙو آهي.

No comments:

Post a Comment