13/02/2015

پيار جو ٽڪنڊو - ابو رافع (Abu Rafiu)

سنڌي ادب ۾ هڪ نئون تجربو

”پيار جو ٽڪنڊو“

ابو رافع 

اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ادب جون تخليقي صنفون، غير تخليقي صنفن جي آڏو هار مڃي رهيون آهن ۽ پوئتي پئجي رهيون آهن، پر چاليهه سال اڳ تخليقي صنفن ۾ ڪهاڻي ۽ ناول کي گهڻي اهميت هئي. ائين ناول دنيا جي ادب ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي بيٺو رهيو. ان ۾ به روسي ناول جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ بڻجي بيٺي. اها به واڌو ٻي ڳالهه آهي ته ان ناول جي ٻاهران اڳ ئي طئي ڪيل دائرو موجود رهيو. جنهن جي خلاف نه رڳو روس جي ڪن اديبن مزاحمت ڪئي پر روس کان ٻاهر ڪيترائي ناول اهڙا آيا، جن روسي پولٽ بيورو جي سختگتريءَ جي مخالفت ڪئي، خاص طور سولزي نسٽن جي ناول، ”ڪينسر وارڊ“ جو ذڪر عالمي ادب ۾ گهڻي اهميت وارو بڻيو.
ان بحث ۾ وڃڻ کان الڳ ٿيندي مان ان تجربي ڏانهن اچان ٿو جيڪو ناول جي صنف ۾ هند ۾ هڪ نئون اظهار کڻي آيو ۽ اهو به سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو تجربو، سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان جنون جي حد تائين پيار ڪندڙ دادا هري موٽواڻيءَ جي هند ۽ سنڌ کي جوڙيندڙ رسالي ڪونج جي پرچن ۾ قسطوار شايع ٿيو. هيءَ تجربو ڪيترو ڪامياب ويو ۽ ڪيترو ناڪامياب اهو سنڌ جي اڪثر اديبن جي علم ۾ نه آهي ڇاڪاڻ ته هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ ڪتابن جي مٽاسٽا لاءِ هميشه بندش رهي آهي. تنهن هوندي به ڪونج جا اهي پرچا سهڻي جي سرواڻ طارق اشرف جي معرفت ڪن اديبن تائين پهچندا هُئا. ائين اهو تجربو هاڻ گڏيل صورت ۾ سنڌ ۾ هڪ ناول جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. جنهن جو نالو آهي ”پيار جو ٽڪنڊو“.

هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، ۽ اهو گڏيل ڏهن سنڌي اديبن جو لکيل آهي، ڏهن قسطن ۾ ڇپيل هيءُ ناول هڪ اهڙو تجربو آهي، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ دل چوي ٿي ته سنڌ ۾ به ٿيڻ کپي.
پيار جو ٽڪندو ناول جي پهرين قسط/باب ناول سمراٽ گوبند مالهيءَ جو لکيل آهي ۽ آخري قسط/باب موهن ڪلپنا جو لکيل آهي. وچ ۾ جيڪي نالا آهن، انهن ۾ اڌ لکندڙ ادب جي ترقي پسند ڌارا سان واڳيل آهن ۽ اڌ رومانوي/ماڊرن ازم سان جڙيل آهن. جيڪي سڀ اڄ هن دنيا ۾ موجود نه رهيا آهن، پر سندن سهڪاري ناول چاليهن کن سالن کان پوءِ سنڌ ۾ ڇپيو آهي، جيڪو سنڌي ادب لاءِ نئون تجربو ته آهي پر بيحد خوشي ڏيندڙ پڻ آهي.
ناول ۾ الڳ الڳ ادبي ڌارائن جا جڙيل اديبن جي ادبي وابستگي سندن بابن مان به ظاهر ٿي پئي آهي. ڪردارن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ واري جدوجهد مان به ظاهر آهي. ورهاڱي کان پوءِ ستت ئي پاڻ ڀرو ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ چار ڪردار آهن. هن ناول ۾ سُشي، منوهر، نرملا ۽ گنو.
چئين ڪردارن جي اندر ۽ ٻاهر ڦرندڙ هي ناول هڪ رومانوي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي ۽ باقي هڪ نئين جاتيءَ جي آس پاس جا مسئلا ڪجهه ننڍا ۽ ڪجهه وڏا پر هڪ ئي ناول ۾ الڳ الڳ ويچارن ۽ الڳ الڳ ادبي ڌارائن جا ڏهه ليکڪ هڪ ناول جي سرحد ۾ قيد هوندي به هر ٻئي جي ويچار کي فتح ڪرڻ جي لڪل خواهش، هن ناول کي بيحد خوبصورت بڻايو آهي. ناول جا لکندڙ، گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن راهي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منوتولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاڻي، گنوسا متاڻي ۽ موهن ڪلپنا. سنڌي ادب پڙهندڙن لاءِ سڀ نالا پنهنجي پنهنجي اهميت سان موجود رهڻ وارا آهن. ممڪن حد تائين گم ٿيڻ کان بچي ويل هن ناول سهيڙڻ لاءِ نه رڳو اسان پڙهندڙ پر سنڌي ادب به اسان جي مانائتي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس بيدل مسرور بدوي صاحب جو ٿورائتو رهندو، ڇاڪاڻ جو جنهن ڌرتيءَ تي هن ناول جنم ورتو ان ڌرتيءَ تي به هيءُ بچي نه سگهيو آهي ۽ زري گهٽ اڌ صديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ محفوظ ٿيو آهي. جنهن لاءِ بحرحال بيدل مسرور بدوي صاحب گهڻو گهڻو احترام لهڻي ۽ ڳالهه اها به خوشي ڏيندڙ آهي ته هن ناول ڇپجڻ وارن پلن، اسانجي دوست پبلشر انعام عباسيءَ کي به تسڪين ڏني هوندي، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپيل هن ناول جي سنڌ ۾ ڪيتري آجيان ٿيندي اهو ڏسڻ باقي آهي، پر ادب ۾ هي نئون/جيڪو شايد سنڌي ادب ۾ اڄ به نئون آهي، تجربو خوشي ڏيندڙ آهي، پڪي جلد سان، گوپال ٺڪر جي لاجواب تبصري سان هڪ سئو سٺ صفحن جي ناول جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي ۽ ڪتاب دادا هري موٽواڻيءَ جي نالي منسوب ٿيل آهي.

No comments:

Post a Comment