17/02/2015

مقصود گل جي لاڏاڻي جي حوالي سان - ملهار سنڌي (Malhar Sindhi)

مقصود گل جي لاڏاڻي جي حوالي سان
تنهنجو حسين خيال وساري نه ٿو سگهان
ملهار سنڌي
محبتن جي موسم ۾ گذاري ويل هند ۽ سنڌ جي مهان شاعر مقصود گل سموري زندگي محبتون ورهايون، سچائيءَ جي راهه تي زندگي بسر ڪئي هئي، پيار ۽ امن جا گيت لکيا هئا، جنهن پنهنجي گيتن ذريعي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ انيائن خلاف ڀرپور آواز بلند ڪيو هو. سندس علمي، ادبي خدمتون ايتريون ته وسيع آهن جو انهن جي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻي وقت ۽ مطالعي جي ضروت آهي.
15 اپريل 1950 تي رتيديري جي مشهور تعليمي ماهر، شاعر ۽ اديب قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن خوبصورت شاعر 1975ع کان وٺي شاعريءَ جي شروعات ڪئي هئي ۽ سنڌي شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ هزارين شعر لکيا، جن سنڌ جي علمي، ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي. سندس پهريون شهري مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“ جي نالي سان ڇپيو هو. جنهن ۾ ٻارن لاءِ شاعري هئي بعد ۾ سندس رومانوي ۽ مزاحمتي شاعريءَ تي ٻڌل ڪتاب ”رت ڀنا رابيل“ ڇپيو هو جنهن کي تمام گهڻي مقبوليت ملي هئي جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”هٺيلي هرڻي“ پڻ انتهائي اهم آهي.

هن ڪافي اهم ڪتاب ترجما پڻ ڪيا هئا جنهن ۾ شيخ اياز جي شعري مجموعي ”هرڻ لکي ڪيڏانهن“ جو اردو ۾ ترجمو آهي ۽ ”چشم کدهر“ جي نالي سان، سچل سرمست جي مثنوين جو اردو ۾ ترجمو عشق سمندر جي نالي سان ۽ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ”زندگي ڏي موٽ“ جي نالي سان ترجما ڪيائين جيڪي پڻ ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه سندس ٻه شاعريءَ جا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپائيءَ هيٺ آهن جڏهن ته هُن رتوديرو مان ٻارن لاءِ سلسليوار رسالو گلدستو پڻ جاري ڪيو هو، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو. ”رتوديرو تاريخ جي آئيني ۾“ پڻ سندس اهم ڪتاب آهي.
ان کان علاوه سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌ جي اشوز تي هو لڳاتار ڪالم پڻ لکندو رهيو هو.
هو سموري زندگي متحرڪ رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ اڻ ڇپيل آهن، کيس ادبي خدمتن طور ”سچل سرمست ايوارڊ“، ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ، سچل چيئراچيومينٽ ايوارڊ، مهراڻ ايوارڊ، سنڌ چلڊرين اڪيڊمي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ هئا. هو استاد شاعر هو. اداري جي حيثيت رکندڙ عالم ۽ اديب هو. جڳ مشهور شاعر شاڪٽر عطا محمد حاميءَ کي پنهنجو استاد سڏيندڙ مقصود گل پڻ نرالي لهجي جو شاعر هو. سندس ڪيترن ئي گيتن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي جن ۾ سڄڻ سنڌيءَ جي آواز ۾ ڳايل غزل ”تنهنجو حسين خيال وساري نه ٿو سگهان“ غلام شبير سمون جي آواز ۾ ”وقت گذري نه ٿو“ ۽ ٻيا ڪافي ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيا، سندس هڪ غزل جون سٽون آهن ته:   لوڪ ساري ٿئي ڏٺو هي ديد جوڌو ڪونه هو/باهه ڏيندڙ باغ کي پنهنجو ته هو ڪيو ٻيو نه هو!  هُن چيو مذهب کپي پر مون چيو انسانيت/بس سمجهه جو ڦيرو هيو ۽ ٻيو ته ڪو  جهڳڙو نه هو!
مقصود گل روايتي انداز جو شاعر نه هو. هن سنڌي شاعري ۾ نوان لاڙا پڻ متعارف ڪرايا هئا، سرڪش سنڌي ۽ راشد مورائي جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌي ادب لاءِ سندس وڇوڙو تمام وڏو نقصان آهي، هو علم عروض جو وڏو ماهر هو. سنڌ سان کيس عشق جي حد تائين لڳاءُ هو تڏهن ته سندس شاعرِيءَ ۾ ڌرتيءَ جو پيار جھلڪا ڏيندي نظر اچي ٿو. سنڌڙي جي سينڌ جو اڄ مون کنيو آهي قسم/ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سچ تي کڻبو قلم.
مقصود گل هڪ وڏي شاعر سان گڏ ناميارو سماج سڌارڪ، اعليٰ تعليمي ماهر ۽ بهترين انسان پڻ هو، هو هڪ خوددار انسان هو. زندگيءَ جو ڪافي عرصو سخت بيماري ۾ مبتلا هجڻ باوجود هُنَ ثقافت کاتي يا ڪنهن ٻئي جي اڳيان مدد لاءِ هٿ نه ٽنگيو هو، افسوس! هڪ انتهائي وڏو شاعر، وڏو انسان اسان کان وڇڙي ويو آهي! رتوديرو شهر سوڳ ۾ ورتل آهي، لفظ نه ٿا ملن ته هيڏي وڏي شاعر کي ڀيٽا ڏيان! بس هڪ شاعر جو بيت ٿو ياد اچي ته:
ساڳي خوشبو ڏين ڇڄي گل گلاب جا

وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪين ڪي!

No comments:

Post a Comment