06/02/2015

زندگي توکان سواٰءِ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نوجوان شاعر تاثير ناٿن شاهي چوي ٿو

زندگي توکان سواٰءِ

رکيل مورائي 
زندگيءَ ۾ جنهن کي چاهجي ۽ حاصل نه ڪري سگهجي ته ان کان سواءِ زندگي ڪيئن محسوس ٿئي ٿي، اهو احساس اسان جي نوجوان دوست/شاعر تاثير ناٿن شاهي جي ان ڪتاب مان ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو نالو آهي ”زندگي توکان سواءِ“. سندس پهرين سڃاڻپ طور سنڌي پڙهندڙن وٽ پهتو آهي، سندس هيءَ سڃاڻپ ڪيتري پائيدار هوندي، مضبوط ٿيندي، اهو سڀ ڪتاب جا نقاد ۽ پڙهندڙ ٻڌائيندا. هن تاثير جي پهرين ڪتاب تي کيس مبارڪ ڏيندي، فقط اهو چوڻو آهي ته شاعريءَ کي جيترو وقت ڏبو، شاعري به اوترو وقت ڏيندي.
ڪتاب مان محسوس ٿئي ٿو ته تاثير شاعريءَ کي وقت ڏنو اهي، موٽ ۾ شاعري سندس دوست بڻي آهي، پر ان دوستيءَ کي وڌيڪ پائيدار بڻائڻ لاءِ کيس وڌيڪ وقت جي گهرج آهي، پڪ اهي، تاثير شاعريءَ سان پنهنجي دوستاڻي تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.


تاثير جو گهڻو ڌيان غزل ڏانهن آهي، هو نظم ۾ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون به غزل ۾ ڪري ٿو. ظاهر آهي هو اهڙين حالتن جي پيداوار آهي، جن حالتن اسان کي چئني ڏسائن کان سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. ليکڪ سميت اسان سڀني جو ساھ مٺ ۾ آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان لاءِ جيئڻ جو سهارو محبوب جي اها مرڪ ئي آهي جيڪا اسان جي/تاثير جي روح ۾ رچي شعر جو رو پ ڌاري پني تي اچي ٿي ۽ اهڙا ڪيترا پنا تاثير جي هن ڪتاب جي جلد ۾ ڏنل آهن. هو سڄڻ ۽ ساڻيهه جي ڌيان ۾ هڪ ئي وقت غرق آهي ۽ پل به غافل نه آهي پر اهي سڀ دل جو ڳالهيون آهن، ڪجهه دماغ به گهرندو آهي، جنهن جون جون پنهنجون گهرجون آهن. ڌيان اوڏانهن به ڏيڻ گهرجي، هن کان سواءِ به جيئڻ سکي وٺجي پر شاعر جي وس ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪٿي آهي. تاثر به تڏهن ته چيو آهي، ”زندگي تو کان سواءِ“ سوال آهي اها ڪيئن آهي، اهو سڀ ڪتاب پڙهڻ وارا سمجهي سگهندا. جيڪو ڪتاب ٻه سئو چوڏهن صفحن جو آهي، تاثير پبليڪشن دادوءَ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ ان جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. تاثير جن ڪيفيتن مان گذري رهيو آهي اهي سڀ هن پنهنجي بنهه سادي اظهار ۾ هن ڪتاب ۾ ڏنيون آهن. اسان کي فقط محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي ۽ بس.

No comments:

Post a Comment