10/02/2015

سجاد مهر جي روح جو رقص - محمد سليمان وساڻ (Muhammad Suleman Wasan)

سجاد مهر جي روح جو رقص
تحرير: محمد سليمان وساڻ
خوبصورت شاعر ۽ تخليقڪار سجاد مهر جي شاعريءَ جو ڇپيل پهريون ڪتاب ”رقص منهنجي روح جو“ منهنجي هٿن ۾ آهي. سجاد مهر جي شاعري هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا سان گڏ مختلف ادبي مخزنن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۽ سندس شاعريء کان متاثر ٿي انهن تي پنهنجا تعريفي رايا به لکندو رهيو آهيان. شاعريء جي ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ يا ان تي تنقيد لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، ان ڪري ته مان پاڻ ڪو شاعر ناهيان.
سجاد مهر سان پهرين ملاقات ۾ شاعري، ادب ۽ تعليم ئي گهڻو ڪري زير بحث رهيا هيا. وقت گهٽ هيو ۽ ڳالهيون گهڻيون، تنهنڪري ان محدود وقت ۾ اهو بحث اڻپورو ئي رهجي ويو. سجاد ڇو ته هڪ سٺو ڪالم نگار به آهي تنهنڪري سندس شاعريء ۾ سماجي انارڪي، ڏاڍ، محبت، عشق، پنهنجائپ، بي وفائي جهڙا موضوع نمايان نظر اچن ٿا. سجاد مهر شاعريءَ جي ڪهڪشان جو اهو اڀرندڙ ستارو آهي جنهن وٽ موضوعن جي گهڻائي ۽ سولي ٻولي جي استعمال ۽ لفظن جي جڙيل سهڻي مالا کيس چمڪ ڏني آهي.

هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدر آباد پاران ڇپايو ويو آهي جيڪو 152 صفحن تي مشتمل آهي. مهاڳ انور فگار هڪڙي لکيو آهي جڏهن ته ضياء شاهه، اد سومرو، اياز گل، منير پنهيار ۽ گوهر شيخ جا تاثر به ڏنل آهن. سجاد مهر جي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته هو تنقيد کي کُلي دل سان قبول ڪندو آهي. مون کي ياد آهي سندس هڪ غزل ڊزائن ڪري فيس بوڪ ۽ سنڌ سلامت تي شيئر ڪيو هيم ... ان تي انيڪ رايا آيا هيا، ڪجهه تنقيد به ٿي هئي، ڪجهه دوستن ان غزل کي روايتي غزل چيو هيو پر هن سڀني سوالن جا روايتي ۽ ادبي انداز سان ۽ جواب ڏنا هيا. سندس غزل ۾ عشق، محبت ۽ سونهن لاء تڙپ عيان آهي.
نقاب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
عذاب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
اڃا چپن کي نه چين آهي
شراب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
سجاد غزل جي گهاڙيٽي جو اهو شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ وڇوڙي جا آلاپ به آهن ته اداسيءَ جون آهون به آهن. 
درد ئي بس ديس ۾ آهن بچيا
هر خوشي گمنام ٿيندي ٿي وڃي.
يا وري سندس هڪ غزل جو هي بند
اجايو ڇو ڪئي آ تو
برهه جي بي چَسي موسم
سنڌ جون موجوده سماجي، سياسي ۽ معاشرتي حالتن تي شاعر جي دل روئي پوندي آهي، ڇو ته هو گهڻو حساس هوندو آهي. سجاد به پنهنجي شاعريء ۾ ڀَڄندي ۽ ڀُرندي محسوس پيو ٿئي:
ماڳ جي مالڪي نه ڪئي آ ڪنهن
ڀونءِ جي ڀيل ٿي وئي آهي
يا ور ٻئي هنڌ پنهنجا احساس هيئن بيان ڪري ٿو:
جي پڙهان ٿو سنڌ جي اخبار ڪا
هر خبر ٿي هانوَ ۾ هُرندي وڃي
پير تنهنجا غير ڏي ويندي ڏٺم
دل تڏهن دلدار ٿي ڪُرندي وڃي
سندس غزلن جي وزن، بحر، قافيي ۽ رديف تي ڪو شاعر ئي ڳالهائي سگهندو، باقي اسان جهڙن عام ماڻهن لاء سجاد جي سادي ۽ سڌي سنئي ٻولي وڏي غنيمت آهي. هو بغير ڪنهن لڪ لڪاءَ ۽ فلسفي جي پنهنجي دل جون ڳالهيون قلم جي نوڪ ذريعي سنواري ۽ سينگاري پيش ٿو ڪري. نه صرف پنهنجي ڳالهه پر سندس غزل اسان جي دل جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا.
سوالن جي وچ ۾ جوابن جي وچ ۾
هميشه رهياسين حسابن جي وچ ۾
پيو سوچي شاعر الائي ڇا ٿيندو
غزل جو پڙهيو آ، نقادن جي وچ ۾

هن دور ۾ شاعري ڪرڻ، شاعري سنڀالڻ ۽ وري ڪتاب ڇپائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اڄ جي دَور ۾ ڪجهه ادارا صرف نالي چڙهيل شاعرن يا ليکڪن کي ڇاپين يا وري سرڪاري فنڊن تي هلندڙ ادبي ادارا صرف من پسند يا سياسي پٺ رکندڙن جا ڪتاب ڇاپين. تنهنڪري نوجوان شاعر ڪتاب نه صرف پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ڇاپين ٿا پر انهن جي مارڪيٽنگ به نه هجڻ ڪري دوستن کي تحفي طور ڏين ٿا. پر سجاد جي غزلن جو هي ڪتاب ”رقص منهنجي روح جو“ پڙهڻ جهڙو ۽ پنهنجي ذاتي لائبرري ۾ سنڀالڻ جهڙو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود غزل دلين جا ترجمان آهن. هر غزل جو ڪونه ڪو بند ڄڻ اسان جي دل جو آواز ٿو لڳي. سندس هي ڪتاب اهو ثابت ڪندو ته سجاد مهر اسان جي ٽهي جي انهن نوجوان شاعرن مان آهي جن پنهنجي سندر احساسن، آسان ۽ سليس ٻوليءَ ۽ پختي شاعريءَ سبب نالو ڪمايو آهي.

No comments:

Post a Comment