اوريانا فلاسي ڇا ٿي سوچي:
اولهه جا ملڪ ۽ انتها پسندي
سلام ڌاريجو
اٽلي جي شهر فلورينس ۾ جنم وٺندڙ اوريانا فلاسي 1929 ۾ پيدا
ٿي. ننڊي عمر ۾ ئي هن کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ حصو وٺڻو پيو ۽ اهڙي طرح 1967 کان وٺي
هندستان-پاڪستان، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ٿيندڙ جنگين جي رپورٽنگ ڪيائين.
اوريانا فلاسي نه رڳو ميدان جنگ جي رپورٽنگ ڪئي آهي پر دنيا جي
مڃيل سياسي انٽرويو ڪندڙن ۾ سندس نالو ڳڻجي ٿو. امام خميني کان وٺي ياسر عرفات،
ڀٽو، قذافي ۽ ٻين ڪيترن سياسي شخصيتن جا هن انٽرويو ڪيا. اڄڪلهه نيو يارڪ ۾ سياسي
جلاوطن جي حيثيت سان رهندڙ اوريانا جو هي ڪتاب اٽلي جي مشهور اخبار ۾ شايع ٿيو.