26/12/2012

رياض عمراڻي جو نڪور ڪتاب ”سلام يا حسين عه“ - پير نويد شاهه



رياض عمراڻي جو نڪور ڪتاب
”سلام يا حسين عه“
پير نويد شاهه
ڪو زمانو هوندو هو ته اسان وٽ ڪتاب جو وڏو مانُ هوندو هو، ڪتاب کي وقتي وندر چئجي يا ڪجهه تربيت ڪرڻ جو ذريعو اهو ته پڙهندڙ تي دارومدار رکي ٿو ۽ ان جي سوچ تي پر ٻنهي صورتن جي باوجود هتي ڪتاب جو گهڻو اثر رهيو، ڪتاب شايع ٿيندا رهندا هئا ۽ سُٺي انداز ۾ وڪرو ٿيندا هئا، هاڻي هتي اٽي ۾ لوڻ برابر ڪتاب جو شائق وڃي رهيو آهي.

رياض عمراڻي، جنهن 6 اپريل 1968ع ۾ ٽنڊي ڄام شهر جي هڪ غريب پورهيت محمد دائود عمراڻي جي گهر ۾ جنم وٺي ٿو، غريباڻن گهر ۾ ڇا ڇا هوندو آهي ۽ ڇا ڇا نه هوندو آهي، ان جو بهتر اندزو اهي ماڻهو ئي ڪري سگهندا جن ڪڏهن غربت جو ڪڙو زهر پيتو هوندو، اهڙي گهراڻي ۾ اک کوليندڙ رياض عمراڻي، والدين جي سُهانن خوابن جي ڏاڪڻ جي سهاري وکون کڻي ٿو، مٿي.... مٿي.... مٿي ۽ تمام مٿي پهچي وڃي ٿو، هڪ اهڙي هنڌ جتي پهچڻ کان پوءِ هيٺ موجود لوڪ جي رهنمائي جو وسيلو بڻجي سگهبو آهي. رياض عمراڻي علم جي روشني کي رهنما بڻائي، سنڌ ڌرتي کي مثبت تبديلي ۽ نئين فڪر جو پيغام ڏيڻ شروع ڪيو ۽ سندس اهو مشن اڄ تائين جاري آهي. هُو 25-20 ورهين کان لکندو پيو اچي، چاهي هن کي ڪير پسند ڪري يا نه پر هو ڪنهن جي روڪ، ٽوڪ تي بيهڻ وارو مڙس آهي ئي ڪونه!
ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي
آئون جو ئي آهيان، سو ئي آهيان!
هو سچل جي ان بيت جي راهه تي گامزن آهي، لکندو پيو اچي، روز جون سنڌي اخبارون جاچيو ته جيڪو ليکڪ تقريبن سمورين اخبارن ۾ شامل اشاعت هوندو اهو آهي رياض عمراڻي! ممڪن آهي ته رياض جي شخصيت جو ايترو بيان ڪيل لاشعوري رياض ڪنهن دوست کي خوش آمد يا چاپلوسي محسوس ٿئي يا وري ذاتي دوستي ۽ ثناءَ گوئي! ته عرض اهو ڪبو ته جيستائين تخليقڪار کي نه، سمجهو تيستائين تخليق جي اهميت ۽ منزلت جو اندازو نٿو ڪري سگهجي، هن قلمڪار تخليقڪار جي نئين ڪتابي تخليق ڏانهن اچون ٿا.
ملڪ مان شايع ٿيندڙ هڪ مشهور اخبار جي هڪ رپورٽ جي مطابق جيڪو نالو سڄي دنيا ۾ سڀ کان گهڻو استعمال ٿئي ٿو، سو آهي لفظ ”حسين“! جي ها! دنيا ۾، 18 ڪروڙ ماڻهن جي نالن/اسمن ۾ لفظ ”حسين“ شامل آهي، هر سال 80 لک کان مٿي ماڻهو حضرت مولا حسين عه جي روضي جي زيارت ڪن ٿا، 24 ڪلاڪن ۾ لفظ ”حسين“ 56 ڪروڙ ڀيرا ڳالهايو توڙي لکيو وڃي ٿو! هر هڪ منٽ جي دوران حضرت مولا حسين عه تي 93 هزار ڀيرا صلواة پڙهي وڃي ٿي، سڄي دنيا جي اندر 82 مختلف ٻولين ۾ حضرت مولا حسين عه جو ذڪر ٿئي ٿو، هر هڪ منٽ جي دوران سڄي دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي گهٽ ۾ گهٽ 3 مجلسون منعقد ٿين ٿيون، جن ۾ حضرت مولا امام حسين عه جو ذڪر ٿئي ٿو، آهي نه حيرت جهڙو انڪشاف!
حضرت مولا امام حسين عه جهڙي عظيم شخصيت ئي رياض عمراڻي جي نڪور ڪتاب جو موضوع آهي ۽ عنوان پڻ! عقيدت، محبت، عشق، راز ۽ نياز، رياض ليکڪ ڪائنات جي عظيم ترين محسنِ اسلام، شهيد ڪربلا حضرت امام حسين عه جن کي ۽ سندن عزيزن ۽ رفيقن کي جنهن جو عنوان آهي ”سلام يا حسين عه“. حضرت مولا حسين عه جي روضي مبارڪ، رت جي علامتي ڳاڙهاڻ ۽ تصوير سان هن ڪتاب جي ٽائيٽل کي سجايو ويو آهي، جيڪو خصوصن حبدار اهل بيت عه طبقي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. رهيو سوال اندرين مواد جو ته اهو مواد، محض مواد هڪ تاريخ آهي، جنهن جو زباني تذڪرو ئي ڪرڻ ليکڪ جي حق تلفي چئبي، ان ڪري جو اها تاريخ هڪ علمي شيدائيءَ کي پنهنجي نيڻن ۾ سانڍڻ جو درجو رکي ٿي. حضرت مولا امام حسين عه جي رت جي فضيلت، حضرت علي عه عظمتِ ولادت کان منزل شهادت تائين، خاتونِ جنت حضرت بيبي فاطمته الزهريٰ جي حيات، حضرت مولا حسين عه جي شهادت، حضرت مسلم بن عقيل عه ۽ حالات ڪوفه، غازي عباس عه علمبردار، شهزادو قاسم عه، حضرت بيبي زينب عه، حضرت بيبي اُم رُباب عه، حضرت بيبي سڪينه عه، شاعر ولي محمد ملاح جا 6 روح پرور نوحا، عالم خطيب علامه امدد بن حيدري جي گفتگو، ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي ڄام جي عزادارين جو ذڪر. نوٽ ڪجو ته هي ڪهڙا نه مقدس مذهبي موضوع آهن، جن تي رياض عمراڻي قلم کڻي عبادت مثل ڪم ڪيو آهي. ان ڪارِ خير جي آغاز کان ان جي تڪميل يعني ڪتاب جي اشاعت تائين هن ڪيترو سَرچ ڪيو؟ ڪهڙيون تڪليفون سٺيون؟ ۽ اڳتي هلي ڪتاب وڪرو ٿي هن کي ڪيترو مالي فائدو ڏيندو؟ اهو هر اهل قلم سمجهي سگهي ٿو، جنهن اهڙا مرحلا ڏٺا هوندا. عام ماڻهو راءِ به عام ئي ڏيندو، جنهن تي کلي سگهجي ٿو. بس، ان ڪري جو هتي ڏٺو ويو آهي ته هر هن کي فقط پنهنجي ذات ئي ڀلي لڳندي آهي ۽ ٻيا عيب نظر ايندا آهن. جيئن بڪ اسٽال تي بيٺو هئس ته هڪ ٽي وي آرٽسٽ دوست اوچتو مليو. اسٽال تي رياض صاحب جو ڪتاب ڏسي منهن ڦٽائي ورق گرداني ڪيائين، پوءِ شڪايت ڪيائين ته ٽائيٽل تي ليکڪ کي پنهنجي تصوير نه ڏيڻ گهرجي ها، ڪتاب جي قيمت گهڻي آهي وغيره. دوست جي شڪايت پنهنجي جاءِ تي پر مون هن کي سمجهايو ته هتي اديب کي نه ڏوڪڙ ملن، نه موٽ ۽ وري پنهنجي سُڃاڻپ خاطر پنهنجي تصوير به نه ڏئي! اهو ڪهڙو انصاف چئبو! قيمت گهڻي بابت البته آئون رياض صاحب کان ٻُڌڻ چاهيندس جو اها مون کي به گهڻي لڳي ٿي. اڄوڪي غير ادبي معاشري ۾ ڪتاب جي فروغ خاطر اسان کي ڪتابن جي قيمت گهٽ کان گهٽ رکڻ گهرجي ته جيئن ڪو دانهن ڪُوڪ نه ڪري. ”سلام يا حسين عه“ ڪتاب ۾ 68 صفحا آهن، هن جو هديو 100 رپيا آهي. پروف جي ڪن غلطين باوجود ساراهه جوڳي مقدس ڪاوش آهي. هر مومن کي هيءَ علمي سوکڙي خريد ڪري رياض عمراڻي جي علمي پرواز کي هٿي ڏيارڻ جي نيڪي ضرور ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment