12/12/2012

ڪتاب ”رنگ، موسيقي، خوشبو“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”رنگ، موسيقي، خوشبو“
رکيل مورائي
سنڌي موسيقي تي گهڻا نه ته به اڌ درجن کن ڪتاب سنڌي ۾ ضرور آهن، جن مان هڪ ڪتابُ هن ڪتابَ جي لکندڙ جو آهي. اهو لکندڙ آهي، استاد امير علي خان.
سنڌي گائڪيءَ ۾ امير علي خان هڪ اهڙو نوجوان آهي، جنهن پنهنجي حوالي ۾ راڳ کي جيڪو مانُ بخشو آهي، اهو سندس نالي سان ئي سڃاپي ٿو. پر هن جيڪو واڌُو ڪم ڪيو آهي، اهو ڪتاب لکڻ آهي. سندس هيءُ ڪتاب ”رنگ موسيقي، خوشبو“ ٻارن کي موسيقيءَ جو علم سيکارڻ جي نيڪ عمل کي آڏو رکي لکيو ويو آهي ۽ سچ پچ هيءُ ڪتاب اهڙو سولو لکيو ويو آهي جو موسيقيءَ سان ٿوري  دلچسپي رکندڙ ٻارڙو به جيڪڏهن پهريون ڀيرو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو ته اهو سر سان ئي شروع ڪندو، جيئن منهنجي ڌيءُ روماسا پڙهڻ شروع ڪيو هئو. استاد امير علي هيءُ ڪتاب لکي راڳين جي برادريءَ  تان اهو الزام به گهڻي حد تائين لاٿو آهي ته اهي علم ڪنهن کي به نه ڏيندا آهن. هيءُ ڪتاب هڪ اهڙو علم آهي، جيڪو گهر ويٺي به پرائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪتاب ۾ راڳ جي آوازن سان گڏ شاعريءَ جون سٽون پڻ گڏ ڏنل آهن ته جيئن ٻارڙا اهي نظم پڙهن ته انهن لفظن جي هيٺيان ڏنل سرن جا اُچار به استعمال ڪري سگهن ۽ ائين ڪرڻ ۾ کين ڪا به تڪليف نه ٿئي ۽ هو اها سکيا دلچسپيءَ سان حاصل ڪري سگهن، جنهن لاءِ هنن کي گهڻا ڪشالا ڪڍڻا نه پون.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ موسيقي جي علم بابت نهايت سهنجائيءَ سان انگ اکر ڏنا ويا آهن. ائين هيءُ 128 صفن تي ٻڌل لاجواب ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو ملھه 165 رپيا آهي.
هي ڪتاب ڇپائي سنڌي ادبي بورڊ بورڊ جي سربراهن، ان کي گهڻ رخو علمي ادارو بڻائڻ ڏانهن هڪ وڌيڪ وک کنئي آهي.

No comments:

Post a Comment