08/12/2012

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا-5 - رکيل مورائي


سنڌي لينگوئيج اٿارٽي سنڌ پاران ڇاپيل
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا-5
رکيل مورائي
گمان اهو آهي ته سنڌ جا ادبي ادارا اڄ ڪلهه پنهنجي حصي جو ڪم چڱي ئي نموني ڪري رهيا آهن ۽ اهو ڏسڻ ۾ به اچي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، اسان ٻاهر ويٺل آهيون ۽ اهو سڀ پري کان ئي ڏسي رهيا آهيون. ان حد تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. جيڪو ٺيڪ نه آهي، ان تي اهي نقاد لکندا، جيڪي انهن ادارن کي باريڪيءَ سان ڏسي رهيا آهن ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ تي نظر رکي ويٺا آهن. منهنجي آڏو هن گهڙيءَ سنڌي لينگوئيج اٿارٽي جو اهو بي بها ڪم آهي، جنهن لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ۽ شايد هيءُ پنجون ڀيرو مان ساڳيا لفظ اظهاري رهيو آهيان ته غريب سنڌ کي علمي طور شاهڪار ڪندڙ هڪڙو ڪم هن اداري جو اهو آهي، جنهن جي هر جلد جي مٿان لکيل آهي، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ ۽ مان پنهنجي ايمان جي سلامتيءَ ۽ ادبي اعتماد سان اڄ به اهو چوڻ ۽ لکڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿو ڪريان، ته سنڌ پنهنجي سموري ادب کي ته عمومي ياد رکندي، پر جن ٻن ڪتابن کي خصوصي طور ياد رکندي، اهي آهن ثقافت کاتي پاران حميد آخوند جو ڇپايل ”شاهه جو گنج“ ۽ سنڌي لينگوئيج اٿارٽيءَ پاران ميڊم فهميده حسين جي ڇپايل ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا!

اهو سچ آهي ته ٻنهي ادارن وٽ پئسا سرڪاري آهن، عملو آهي ۽ ٻنهي ڪتابن تي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جو نور نچويل آهي، پر ادارن ۾ شخص ته ايندا ئي رهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن ادارن ۾ ائين به ٿيندو آهي، جو ڪنهن جي پورهئي جو کٽيو ڪو ٻيو کائيندو آهي، پر مٿين ٻنهي ڪتابن سان اهڙو ڪجهه به نه آهي. ٻين حوالن ۾ گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو پر انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي هن پنجين جلد کي ڏسي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي لفظن ۾ ته هر نئون سنڌي ڪتاب پاڻ سان گڏ اهو پيغام کڻي ايندو آهي ته ”سنڌي ادب جو مستقبل روشن“ آهي، ڇاڪاڻ ته هن جلد پاڻ گڏ اهڙو پيغام آندو آهي ۽ لڳ ڀڳ هر جلد اهڙي پڪ ڏياريندو آهي. ڪل ڇهن اکرن د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ تي جڙيل هي پنجون جلد 1930 داخلائن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ”د“ جون 851 داخلائون، ”ڌ“ جون 123 داخلائون، ”ڏ“ جون 254 داخلائون، ”ڊ“ جون 199 داخلائون، ”ڍ“ جون 72 داخلائون، ”ذ“ جون 38 داخلائون شامل آهن، گڏوگڏ هن جلد ۾ 788 تصويرون پڻ ڏنل آهن، جنهن کان پوءِ اصولي طور ڪي رهجي ويل اسم شامل آهن، ڪي وضاحتون آهن. ببليوگرافيءَ جا ڪجهه صفحا آهن.
چمڪدار ڪاغذ تي چئن رنگن ۾ ڇپيل هن جلد ۾ ڪي نقشا آهن ۽ ضروري داخلائون آهن. وضاحتون آهن ۽ پورهئي جو تفصيل آهي. خوبصورت ڇپائي جو نمونو هيءُ جلد پڙهڻ تائين ممڪن آهي ته ڇهون جلد به اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته اڄ هن اداري ۾ ميڊم فهميده حسين ۽ تاج جوئي جهڙا ٻه برجستا اديب ۽ جذبي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ شخص موجود آهن. اسان جون نيڪ خواهشون ساڻن گڏ آهن ان اميد سان ته جيئن هو ايندڙ سال تائين پنهنجو هيءَ تيرهن جلدن جو ڪم مڪمل ڪري سگهن. اٿارٽي انسائيڪلوپيڊيا سان گڏ پنهنجو وهنواري ڪم ڪار به جاري رکيو ٿي اچي ۽ ڪيترائي ڪتاب اداري پاران اچي ويا آهن ۽ اچي رهيا آهن، پر اهو ڪم ٻيا ادارا به ڪري سگهندا، جيڪو ڪم ٻيا ادارا نه ڪري سگهندا اهو ڪم اٿارٽي ئي ڪندي، جنهن جو ذمو به آهي ته اهو ڪم اٿارٽيءَ کي اوليت جي بنياد تي ڪرڻ کپي ۽ اهو هاڻ شايد ان کي چوڻ جي ضرورت نه رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اٿارٽي پنهنجي حصي کان شايد وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي. 616 صفحن تي ٻڌل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پنجون جلد، راڪيٽ سائيز ۾ نهايت خوبصورت ڪاغذ تي پڪي جلد سان ڇپيل آهي ۽ هن جلد جو ملهه 1600 رپيا رکيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment