26/12/2012

تحفي جهڙو ڪتاب - ڪوثر ٻرڙو



تحفي جهڙو ڪتاب
رياضت ٻرڙي جي ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“ جو پيش لفظ
ڪوثر ٻرڙو
لفظ ڳالهائيندا آهن. لفظن کي پنهنجي صوتي تصوير ٿيندي آهي. لفظن کي پنهنجي شڪل ۽ صورت ٿيندي آهي. لفظ جڏهن اُچاريا وڃن ٿا، ڳالهايا وڃن ٿا ۽ خاص ڪري لفظ ريڊيو تي جڏهن ادا ڪيا وڃن ٿا ته انهن لفظن جو هڪ تاثير ۽ تاثر جُڙي ٿو. ميڊيا، خاص ڪري ريڊيو تي ڳالهائڻ لاءِ هڪڙا ضابطا، قاعدا مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ ڪجهه پابنديون مڙهيل هونديون آهن جن مٿان عمل ۽ انهن جي پابندي هر حال ۽ هر صورت ۾ ڪرڻي پوندي آهي. ريڊيو جو موٽو يا هڪ طَيءِ ٿيل اصول آهي جنهن کي ”قولو لِلناس حسنا“ ڪوٺيون ٿا، جنهن جو مطلب آهي ”سڀن سان سهڻي نموني سان ڳالهايو“. اهو ريڊيو پاڪستان جي مائيڪ تي ڳالهائڻ جو هڪ ”منشور“ آهي، هڪ ضابطهء اخلاق آهي، جنهن مٿان هر براڊڪاسٽر کي عمل ڪرڻ لازمي هوندو آهي. هونئن به اسان جڏهن ريڊيو تي ڪو پروگرام پيش ڪيون ٿا يا ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏيون ٿا ته اسان کي ڪجهه ڳالهين جي هر حال ۾ پڪ ڪرڻي پوي ٿي ته اهي پروگرام ۾ شامل آهن يا نه؟ يا ايئن چوان ته اسان جي ريڊيو پروگرام جا اهي چند بنيادي مقصد هوندا آهن، جيڪي آهن:
- اطلاع يا معلومات،
- تعليم يا ترغيب، ۽
- تفريح.

ڇو ته اسان اهو ذهن ۾ رکون ٿا ته هڪ ٻڌندڙ هن مصروفيت ۽ هڻ هڻان، وٺ وٺان جي دَور ۾ جيڪڏهن اسان کي ڪلاڪ يا اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏئي، نهايت توجهه سان پروگرام ٻڌي ٿو ته اسان تي لازم آهي ته ان جي وقت کي سجايو ڪيون ۽ موٽ ۾ اسان به ڪجهه ان جي دامن ۾ وجھون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا ئي براڊڪاسٽر گلابي ٻولي ڳالهائي، بي مقصد گفتگو ڪري پنهنجي اندر جي بڻاس ڪڍي وقت پورو ڪري هليا ويندا آهن. اهي ناڪام براڊڪاسٽر هوندا آهن. ڪامياب براڊڪاسٽر اهو آهي جيڪو ٻڌندڙ جي نبض تي هٿ رکي پروگرام پيش ڪري. موضوع جي حساب سان ان جو مسودو نهايت شاهوڪار هجي، معلومات ۽ تفريح سان مالامال ۽ ڀرپور هجي. سندس مسودو خالي لفاظي نه، پر حالات حاضره سان هم آهنگ هجي. مطلب ته سٺو براڊڪاسٽر پنهنجي ٻڌندڙ جي آڱر پڪڙي ان کي وقت سان گڏ گڏ وٺي هلڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
ريڊيو ڪمپيئرنگ کي ڪتابي صورت ۾ آڻي ان تحرير جو دائرو ٻڌندڙن کان وسيع ڪري پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو رواج پراڻو ڪونهي. ان سلسلي ۾ ٻه چار ڪتاب ئي مارڪيٽ ۾ موجود آهن. اسان جي دوست، نوجوان قلمڪار ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي باصلاحيت ڪمپيئر رياضت ٻرڙي جي قلم مان سرجيل هي ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“ ريڊيو ڪمپيئرنگ تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي طبع آزمائي ڪري ان موضوع سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب تفريحي تحرير سان گڏ معلومات سان به ڀرپور آهي. گلابي ٻوليءَ سان گڏوگڏ تحريرن ۾ تحقيق وارو پهلُو به نمايان نظر اچي ٿو. حالات حاضره سان تعلق رکندڙ موضوعن کي به ڪتاب ۾ پڙهي سگھجي ٿو ته تمام خوبصورت شاعريءَ جي چونڊ به ملي ٿي. مان دعوى سان چوان ٿو ته عام پڙهندڙ ۽ خاص ڪري ميڊيا جي مختلف چينلن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هي ڪتاب ڪنهن تحفي کان گهٽ ڪونهي.
اڄ ڪلهه جڏهن خاص ڪري پرائيويٽ آڊيو ۽ وڊيو چينل سنڌي ٻوليءَ سان جيڪا جُٺ ڪري رهيا آهن ۽ ان جو بگاڙ ڪري رهيا آهن، ان عالم ۾ رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب انتهائي معياري ۽ لاجواب آهي جنهن ۾ ٻوليءَ جي معيار ۽ ريڊيو جي فني ۽ فڪري گھرجن کي به پورو ڪيو ويو آهي. ريڊيو، خاص ڪري ريڊيو پاڪستان هڪ فيملي چينل آهي جيڪو گھرن ۾ والدين پنهنجي نياڻين سان گڏ به ٻڌن ٿا، ان ڪري ريڊيو پاڪستان جي پروگرامن ۾ ڳالهايل لفظن کان وٺي موسيقيءَ جي اسمن جي چونڊ نهايت خبرداريءَ سان، ذميداريءَ سان ڪئي وڃي ٿي. ريڊيو پروگرامن جي هڪ خوبي يا خاصيت اها به آهي ته پروگرام ۾ جيڪو ڪجھ ڳالهايو وڃي ٿو اهو لکيل صورت ۾ هوندو آهي ۽ پروڊيوسر جي نظرن مان به گذرندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ريڊيو پاڪستان جي ڪنهن به اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ پروگرام جو مسودو نهايت معياري هوندو آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو سنڌ جي ٻين ريڊيو اسٽيشنن کان ان لحاظ کان به ڪجهه منفرد آهي ته ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپيئرن جي اڪثريت اديبن ۽ شاعرن جي آهي جيڪي ٻوليءَ جا ڄاڻو به آهن، ته لفظن جي صحيح استعمال جا ڪاريگر به. رياضت ٻرڙو به ان سٿ جو هڪ ساٿي آهي. مان کيس هن سٺي ۽ معياري ڪتاب آڻڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو.

No comments:

Post a Comment