رياضت ٻرڙي جي ڪتاب
”واءُ وکيريا خيال“ جو مهاڳ
وکريل خيالن جي سهيڙ
احسان دانش
انسان تبديلي ۽ تغير پسند آهي. هو
سدائين ڪا نه ڪا نواڻ چاهي ٿو. جدت جو نئون جهان جوڙڻ جي اها جستجو ئي زندگي جي
ارتقائي عمل جو دليل آهي، پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ماڻهو پنهنجي روايتن
کان ناتو ٽوڙي ڇڏي. اها جدت جيڪا زندگيءَ جي بنيادي اصولن، رشتن، تعلقن، اخلاقي
قدرن ۽ روايتن کي ڇيهو رسائي، ان کي جدت بدران جبر چوڻ کپي. اڄ جڏهن اسين سائنس ۽
ٽيڪنالاجي واري دور ۾ زنده آهيون ۽ شيون
ڊجيٽلائيز ٿي چڪيون آهن. جڏهن اسين گلوبل وليج جي صحيح تصور کي سمجھڻ شروع
ڪيو آهي ۽ سيل فون وسيلي جهڙوڪر دٻليءَ ۾ دنيا بند ڪري ڇڏي آهي، ته هاڻي احساس ٿئي
ٿو ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ دنيا گھڻو تبديل ٿي چڪي آهي. جَڳُ انهن تبديلين جي مثبت
اثرن تي سوچي ٿو پر ترقي پزير ملڪن ۾ انهن تبديلن جا به منفي اثر ظاهر ٿين ٿا. اصل
۾ هر تبديليءَ پٺيان متحرڪ هوندي آهي سوچ. اهڙي طرح شين جي منفي ۽ مثبت استعمال
پٺيان به انساني سوچ ئي ڪم ڪري ٿي.
سڄي دنيا ۾ هر شعبي اندر تبديليون
اچي رهيون آهن، هڪڙيون تبديليون انقلابي ثابت ٿينديون آهن ته ٻيون وري پنهنجي اصل
سان ڳنڍيل ۽ هڪ وک اڳتي وڌڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿينديون آهن. ادب جي دنيا ۾ به گذريل
ڪيترين صدين کان اهڙيون ڪيئي تبديليون رونما ٿيون آهن. اهي تبديليون ڪن ادبي
تحريڪن جي صورت ۾ هجن يا فني، فڪري ۽ تخليقي لاڙن جي روپ ۾، پر ساهت جي سنسار ڪنهن
نه ڪنهن طرح سان انهن جا اثر ضرور قبول ڪيا آهن. سنڌي ساهت به اهڙين ادبي تبديلن
جي سدا آجيان ڪئي آهي.
مان پنهنجي محدود مطالعي جي آڌار
تي ڏٺو آهي ته سنڌي ادب جتي لوڪ ادب، اساسي شاعري، جديد شاعري ۽ افساني جي خزاني
سان مالامال آهي، اُتي ڪيترين ئي ادبي صنفن ۽ موضوعن کي اڃا ڇهيو ئي نه ويو آهي.
جيئن اسان وٽ تنقيد جو پاسو جهڙوڪر خالي آهي. ايئن انشائيو به نه ٿو لکيو وڃي،
ڪالم لکجن ته جام ٿا پر ڪالمن جا ڇپيل مجموعا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. ساڳيو حال
مضمونن جي ڪتابن جو آهي. دراصل منهنجو انهن موضوعن تي ڪتابن جي اڻاٺ ڏانهن اشارو
ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي سرمايي جي ڪٿ لاءِ ڪتاب ئي
بنيادي سورس مٽيريل ٿئي ٿو. ۽ هونءَ به ڪنهن به ليکڪ جي علمي ۽ ادبي شناخت جو
سگھارو حوالو ڪتاب ئي ٿئي ٿو، جنهن ۾ سندس سالن جو پورهيو هڪ ئي هنڌ گڏيل طور مطالعي
لاءِ ميسر هجي ٿو ۽ انهي بنياد تي سندس تحرير ۽ فڪر جو
اڀياس ممڪن ٿئي ٿو.
جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته سنڌي
ٻوليءَ ۾ برجستن ڪالم نگارن ۽ بهترين مضمون نويسن جي ڪائي ڪمي نه آهي، پر سندن
ٽڙيل پکڙيل مواد سهيڙجي پڙهندڙن جي سامهون نه اچڻ سبب سنڌي ادب جي هڪ باب تي ٻاٽ
جو پردو چڙهيل محسوس ٿئي ٿو ۽ جڏهن ان ٻاٽ ۾ ڪا ننڍڙي لاٽ به ٻري ٿي ته اندر ۾
اطمينان جي سَهائي جو ساهس پيدا ٿئي ٿو. خوبصورت ليکڪ رياضت
ٻرڙي جو هي ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“، جيڪو هن وقت اوهان جي هٿن ۾
آهي، اِهو به مون کي ڪنهن اهڙي ئي لاٽ وانگر محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هي ڪتابُ نه ته
مڪمل طور مضمونن جو آهي ۽ نه ئي وري سڄو سارو ڪالمن جو، پر تنهن جي باوجود هن ڪتاب
۾ اوهان کي ڪٿي ڪنهن مضمون وارو لطف ايندو ته ڪٿي ڪنهن سهڻي ڪالم جو چَسُ. حقيقت ۾
مان رياضت جي هن ڪتاب کي انهيءَ تغير پسندي جي پس منظر ۾ ڏسان ٿو، جنهن جو هن کان
اڳ ۾ آئون ذڪر ڪري آيو آهيان.
رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب ”واءُ
وکيريا خيال“ ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن انيڪ انڊلٺي
موضوعن کي يڪجا ڪيو آهي. اهو هڪ انوکو تجربو ضرور آهي، پر اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو
پهريون تجربو به نه آهي، ڇو ته ٻه سال اڳ رياضت جي ئي ذات ڀائي مشهور براڊڪاسٽر ۽
ليکڪ ڪوثر ٻرڙي جو انهيءَ نوعيت جو هڪڙو ڪتاب ”اڏاڻا احساس“ منظرِ عام تي اچي چڪو آهي. هتي ٻنهي ٻرڙن جي ڪتابن جي
ڀيٽا ڪرڻ مقصد نه آهي، البته ايترو چوڻ مناسب ٿو لڳي ته ٻنهي ڪتابن ۾ جدا جدا رنگ
۽ الڳ الڳ هڳاءَ آهن.
رياضت، هونءَ ته منهنجي دل جي
ويجھو رهندڙ دوستن مان هڪ آهي ۽ اسين ڌرتتين ۽ چانڊوڪين ۾ گڏ گھميا آهيون. ڪينجھر
جي ڪناري کان گورک جي چوٽيءَ تائين سدا سنگ سنگ رهيا آهيون، پر مان هُن جي تخليقي
جهان کي هميشه جدارو محسوس ڪيو آهي. مون کي هُن جون تخليقون به هُن جي مزاج وانگر
لڳنديون آهن ۽ هن جو مزاج سنڌوءَ وانگر. سنڌو جيڪو ڇُلي ته بيابان به سيراب ڪري
ڇڏي، نه ته ماٺار ۾ وهندو ئي وڃي. رياضت به ايئن ئي ماٺار ۾ به وهندو رهندو آهي.
ڇُلي پوي ته ڪارنامن جهڙا ڪم ڪندو. ”قنبر ــ هڪ اڀياس“ هن جو اهڙو ئي هڪ ڪارنامو آهي. ڪجهه سال اڳ چيائين ته شاعريءَ جو ديوان آڻڻو
آهي. ان ڪري روزانو هڪ ٻه غزل لکان ٿو. چيومانس، ”يار اهو وري ڪيئن؟“ چيائين،
”ائين ئي ڪم ٿيندو.“ سال کن ۾ ”ديوانِ رياضت“ پڌرو ٿيو، پر سندس من جي سنڌوءَ کي ماٺار نه آئي. قلم کي دل جو لهو ڏيندو
رهيو ۽ تخليق جو سفر جاري رهيو. مون کي لڳندو آهي ته رياضتُ، جيمز رسل جي ان اصول تي ڪاربند آهي ته ”ذاتي
پريشانيءَ کي دور ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي، ته ماڻهو پاڻ کي ڪنهن تعميري ۽ مفيد
ڪم ۾ مشغول رکي.“ مون کيس ائين ئي سدا مصروف ڏٺو آهي. زندگيءَ جي اذيتن ۽ تڪليفن
مان گذرندي به هو پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي ڌن ۾ مصروف هوندو آهي. اسين رياضت کي چوندا
آهيون ”يار تون ماڻهو آهين يا مشين؟“ سدائين مرڪي چوندو آهي ”وقت نه وڃائڻ کپي، نه
ته وقت ماڻهوءَ کي وڃائي ڇڏيندو آهي.“ اسين وقت جي وهڪري ۾ وڃايل ماڻهو رياضت کان
وقت جي رفتار سان هلڻ جو ڍنگ اڃا نه سکي سگھيا آهيون. ساروڪن
چيو هو ته ”زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾، مون کي فقط ٽي شيون هٿ آيون آهن. اِهي
ٽي املهه شيون سدائين مون سان گڏ رهنديون: پهريون ته منهنجو هيءُ عقيدو آهي ته
زندگيءَ ۾ ڀل ته ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ ڪيترائي ڪَشٽ اچن، پر زندگي تڏهن به بيحد
سُندر ۽ بيحد حيرت انگيز چيز آهي؛ ٻيو ته پنهنجو فرض سڃاڻڻ ۽ ان کي نباهڻ، زندگيءَ
کي سُکي ٿو بنائي؛ ۽ جيڪا ٽين ڳالهه مون سِکي آهي سا هيءَ آهي ته ظلم، نفرت، تشدد
۽ بي انصافيءَ سان دنيا ۾ ڪڏهن به روحاني، اخلاقي يا مادي خوشحالي ڪانه آڻي سگهبي:
سُک ڏانهن صرف هڪ ئي شاهي واٽَ آهي - پيار جي!“ رياضت مون کي سدائين ساروڪن جي
انهن ئي حسين خيالن جو مظهر محسوس ٿيندو آهي.
هڪ تخليقڪار جتي به هجي پر ان
تخليقي جوهر سان ضرور سلهاڙيل رهي ٿو، جنهن سان سندس وجود روشن هجي ٿو. رياضت
هونءَ ته فزڪس جو پروفيسر آهي پر سندس سڃاڻپ جو بنيادي ۽ سگھارو حوالو هڪ تخليقڪار
وارو ئي آهي، پوءِ اها تخليق تحقيقي ۽ سائنسي مضمونن جي صورت ۾ هجي، ڪهاڻي جي روپ
۾ هجي، شاعريءَ جي شڪل ۾ هجي يا وري ريڊيو اسڪرپٽس جي رنگ ۾. رياضت ٻرڙي ٻه سال اڳ
جڏهن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر طور ڪم شروع ڪيو ته ڪجھ هفتن بعد ئي هن مون کي
چيو، ”يار منهنجو ايندڙ ڪتاب ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل هوندو.“ چيم، ”اسڪرپٽس ۾ اهڙيون
ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي ڪتابي شڪل ڏجي؟“ چيائين، ”توهان منهنجا پروگرام ٻڌو.“
مون ڪجھ پروگرام ٻڌا ته لڳو ته رياضت ريڊيو جي مائڪ تي به پنهنجي تخليقڪار واري سڃاڻپ ناهي وڃائي. جيتوڻيڪ مون کي ذاتي ڄاڻ
آهي ته ڪجھ براڊڪاسٽرس کي تخليقڪار ڪمپيئر پسند نه هوندا آهن، پر تخليقڪار ماءُ جي
روپ ۾ هجي يا ڪنهن ليکڪ جي شڪل ۾ منهنجي لاءِ سدائين عزت لائق رهيا آهن.
ريڊيو تي سدائين هڪ وڏو بحث اهو
رهيو آهي ته ”ڪمپيئر کي ٻڌندڙ جي ذهني سطح تي اچي ڳالهائڻ کپي.“ ان ڳالهه کي آئون
هڪ حد تائين درست سمجھندو آهيان، يعني ڪمپيئر جو فرض آهي ته هو جيڪا ٻولي استعمال
ڪري سا ٻڌندڙن کي آساني سان سمجھ ۾ اچي وڃي. باقي رهيو سوال ٻڌندڙن جي ذهني سطح تي
اچڻ جو ته، پهريان ته ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته ريڊيو ڪهڙي ڪهڙي ذهني
سطح جا ماڻهو ٻڌن ٿا. جيڪڏهن ان جو جواب اهي فرمائشي خط ۽ فونون آهن جيڪي گھڻو تڻو
ٻهراڙين مان اچن ٿا، ته اهو به ڪو اطمينان بخش جواب نه آهي. انيڪ اهڙا به ٻڌندڙ
هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن به خط نه لکندا آهن، فون نه ڪندا آهن، تنهنڪري ٻڌندڙ جي ذهني
سطح جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. پر جيڪڏهن فرض ڪجي ته ريڊيو ٻڌندڙن جو هڪ وڏو انگ
گھٽ پڙهيل، اڻ پڙهيل ۽ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙن جو ئي آهي، ته ڇا ڪمپيئر کي فڪري
طرح به انهن جي ئي ذهني سطح تي اچي ڳالهائڻ کپي؟ جيڪڏهن ريڊيو ڪمپيئر جو اهو ئي ڪم
آهي، ته اهو ٻڌندڙ ته ڪوبه لاڀ حاصل نه ڪري سگھندو، جنهن جِي ريڊيو ٻڌڻ بعد به
ذهني سطح ساڳي رهندي!
ريڊيو جا ٽي بنيادي مقصد آهن.
پهريون تعليم (Education)، ٻيو معلومات (Information) ۽ ٽيون تفريح (Entertainment). تفريح ڊرامن، لطيفن، خاڪن ۽
موسيقي وغيره وسيلي مهيا ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته تعليم ۽ معلومات لاءِ ٻيا پروگرام
ترتيب ڏنا ويندا آهن. اسان جا ڪي دوست ’ٻڌندڙ جي ذهني سطح تي اچي ڳالهائڻ‘ واري
فارمولا تحت ريڊيو جي مائڪ تي تعليم ۽ معلومات جي نالي ۾ ڪڏهن اگھوتري پيش ڪندا
آهن، ته ڪڏهن مهانگائي، لوڊشيڊنگ، پاروٿين ڀاڄين ۽ لُنڊا جي اگھن تي ڳالهائيندا
آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪو تخليقي ذهن محبت، حسن ۽ زندگيءَ جي موضوعن تي گفتگو
ڪندو آهي ته ڪجھ ماڻهن بقول ’اها ٻڌندڙن جي ذهني سطح کان اتاهين‘ ٿي پوندي آهي.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سينئر پروڊيوسر عابد ڪاظمي اهڙي
اتاهين گفتگو کي ئي هميشه عوامي گفتگو سمجھيو آهي. هو چوندو آهي ته ”جيڪڏهن اسين
پنهنجي ٻڌندڙ کي زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کان آشنا ڪرڻ بنا، کين اونداهي کڏ ۾ ئي جيئرو
گذارڻ تي راضي آهيون ۽ اسين کين اتي ئي ڏسڻ چاهيون ٿا ته شايد پنهنجو ڪم پوريءَ
طرح سان نه ٿا ڪريون.“
رياضت ٻرڙي کي جڏهن عابد ڪاظمي جي
ئي پروڊڪشن ۾ پيش ٿيندڙ پروگرام ”لاڙڪاڻو اسپيشل“ مليو ته ڄڻ گڏ و گڏ کيس
اهي حق به ملي ويا ته ”ٻڌندڙن جي ذهني سطح تي نه اچڻو آهي، پر تعليم ۽ معلومات
وسيلي سندن ذهني سطح بلند ڪرڻي آهي.“ رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب اصل ۾ انهي پس منظر ۾
پڙهڻ کپي. رياضت جا هن ڪتاب ۾ موجود اسڪرپٽس 6 فيبروري 2011 کان 22 جنوري 2012
تائين جا لکيل آهن. ٻين لفظن ۾ هي ڪتاب سندس ٻارنهن مهينن جي محنت جو نتيجو آهي.
هن ڪتاب ۾ ڏنل اسڪرپٽس ليکڪ ڇپائڻ جي خيال کان بعد ۾ ايڊٽ به ڪيا آهن ۽ ڪجھ اهڙي
معلومات جيڪا رڳو ريڊيو جي مائڪ لاءِ ئي مناسب هئي، پڻ هن ڪتاب مان خارج ڪئي آهي،
پر اسين جڏهن سندس هن مجموعي تي نگاهه وجھون ٿا ته اسان کي ان ۾ اهي سمورا رنگ نظر
اچن ٿا، جيڪي دراصل زندگيءَ جا رنگ آهن. رياضت ٻرڙي جا هي اسڪرپٽ پڙهندي وڪٽر
هيوگو جو اهو جملو ذهن ۾ تازو ٿي وڃي ٿو ته ”هر چيز هڪ عنوان آهي، ۽ ڪنهن صاحب نظر
جي منتظر آهي.“ هنن اسڪرپٽس ۾ رياضت ايئن ئي ننڍين ننڍين شين ۽ احساسن کي عنوان
بڻايو آهي.
رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب اصل ۾ آواز جي لهرن تي هوا ۾ وکريل
خيالن جي سهيڙ آهي. رياضت جي هن ڪتاب ۾ هونءَ ته ڪيترائي موضوع شامل آهن پر انهن
مان زندگي، سچ، پيار محبت، دل، درد، خوابَ، خواهشون، رشتا، دوستي، وڇوڙا ۽ ميلاپ،
حسن، منظر، برسات، ننڍ وڏائي، نرم دلي، بدمزاجي، خوش مزاجي، مصروفيت، خاموشي،
واعدو، ماضي، حال، مستقبل، آزادي، غلامي ۽ ريتون رسمون قابلِ ذڪر آهن. اهي سڀ اهڙا موضوع آهن، جن جي
باري ۾ هر ماڻهو وٽ پنهنجي تشريح آهي. رياضت به پنهنجي مخصوص لب ۽ لهجي ۾ انهن
موضوعن تي لکيو آهي، پر ڇوته هي سموري لکت ريڊيو اسڪرپٽس جي شڪل ۾ پڙهي وئي آهي
تنهنڪري لکڻ وقت ليکڪ ٻوليءَ جي سلاست تي خاص ڌيان ڏنو آهي ۽ ڪيترن ئي ڳورن موضوعن
کي اهڙي ته سولي ۽ سهڻي نموني پيش ڪيو آهي جو اهي نه رڳو آسانيءَ سان سمجھ ۾ اچي وڃن
ٿا پر دل تي اثر به ڇڏين ٿا.
هن ڪتاب ۾ رياضت جا اهڙا اسڪرپٽ
به موجود آهن جيڪي پڙهندڙن/ ٻڌندڙن ۾
جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي خيال کان لکيل آهن، جيئن ٻولي، تعليم ۽ گھر شماري وغيره جي
موضوعن تي لکيل اسڪرپٽس. انهي سلسلي ۾ سندس اهي اسڪرپٽ به اهم آهن جن ۾ هُن مختلف
عالمي ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ رياضت محبتن، مزدورن، ڪٽنب،
مائرن، ماحول، ٻارن جي پورهيي خلاف، نشي جي استعمال خلاف، ٽارچر يا ڏنڀ جو شڪار
ٿيلن سان ساٿ ڏيڻ وارن عالمي ڏينهن تي روشني وڌي آهي. رياضت جي هنن اسڪرپٽس کي شاهه لطيف، شيخ اياز،
استاد بخاري، وفا
ناٿن شاهي ۽ ٻين شاعرن جي چونڊ شعرن به خوبصورت بڻايو آهي. رياضت انهن
شاعرن جي شعرن کي وڏي هنرمنديءَ سان برمهل استعمال ڪيو آهي. ساڳي ريت خاص خاص
موضوعن تي هُن دنيا جي ڏاهن ۽ ڏاتيارن جا ڪوٽيشن به ڏنا آهن. انهن سڀني شين هن
ڪتاب کي چار چنڊ لڳايا آهن.
رياضت هن ڪتاب ۾ جيڪي اسڪرپٽ شامل
ڪيا آهن، اهي سچ ته دل سان لکيا آهن، ۽ دل جي ڳالهه دل تائين ضرور پهچندي آهي ۽
اثر به ڪندي آهي. اقبال به ته اهو ئي چيو هيو
ته:
دل سي جو بات نکلتي هي اثر رکهتي
هي
پَر نـهـيـن، طاقـتِ پـرواز مـگـر
رکهـتـي هي
هن ڪتاب ۾ شامل 34 عنوانن ۾
رياضت، جيڪي دل جون ڳالهيون ڪيون آهن، اهي ڳالهيون پڪ سان اوهان جي دل جي دوار تي
به دستڪ ڏينديون. رياضت جي هن اسڪرپٽس بُڪ ۾ انيڪ اهڙا جملا ۽ پيراگراف آهن، جيڪي
پنهنجي سلوڻي انداز باوجود دل وري وري پڙهڻ تي چوي ٿي. هتي اهڙا ڪجھ مثال ڏيڻ به
ضروري سمجھان ٿو. جيئن:
· زندگي آب حيات آهي يا زهر جو پيالو، زندگي ٻالڪَ جي مُک تي
لازوال مرڪ آهي يا سالِڪ جي گَهرِي سوچ... زندگي مسلسل جدوجهد جو سفر آهي يا
خودڪَشيءَ جي فيصلي ۾ وڃائجي ويل جواني...
· جيڪي ڀاڳوَندَ پيار جي ڪَڙن ۾ قابو هوندا آهن، تن کي چڱيءَ
پر سُڌ آهي ته پيارُ آنند جو ٻيو نانءُ آهي، پيارُ پُرسُڪونيءَ جي وَٿ آهي، پيار حياتيءَ جي سونهن ۽ سُک جو سنديس آهي، پيار اُفق ۾ پرهه ويل پکڙجندڙ سهڻا رنگَ ۽ شَفق ويل اُلهندڙ رنگين شام جي حسناڪي
آهي. پيارُ پنهنجائپ جو پيغام آهي جنهن ۾ پوئيل اکر، لفظ ۽ جملا گيتن جي روپ ۾ فضا
کي سرمستي بخشيندا آهن. پيارُ اُهو رشتو آهي جنهن ۾ جيڪو ڳنڍبو آهي سو سدا لاءِ
سوگھو ٿي ويندو آهي.
· درد تڪليف ته ڏيندو ئي آهي، ماڻهوءَ کي پيڙا مان گذاريندو
ته آهي ئي آهي، پر دردُ ماڻهوءَ کي سُرور به ڏيندو آهي. دردَ مان ماڻهو مزو به
وٺندو آهي... درد جو سرور، درد جو مزو ڪو ڪو ماڻهو ئي وٺي سگھندو آهي، ان سور کي
ڪو ڪو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگھندو آهي... اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي... اوهان
سوچيندا هوندا ته ڀلا دردَ مان سرور ڪيئن ملندو؟... پر، درد واقعي به مزو ڏيندو
آهي، ان مان سچ پچ به سرور ملندو آهي، جيڪڏهن اهو درد ڏيندڙ ڪو پرين پيارو هوندو
آهي ته ان درد مان سُڪون ملندو آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ هٿ ريشم جهڙا نرم هجن، ته ان
درد جي لذت روح کي نرم بڻائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ نيڻ خماريل هجن ته رات
جا سڀ سپنا خمارن ۾ وٺجي ويندا آهن.
· امڙ جي محبت جِي ڪَٿَ ڪري ئي نه ٿي سگھجي.... ماءُ جي محبت
جو پُورو احساس ان ماڻهوءَ کي ئي هوندو آهي، جنهن کان ماءُ ننڍي وهيءَ ۾ ئي وڇڙي
ويندي آهي ۽ پوءِ اهو ماڻهو سڄي ڄمار ماءُ جي محبت لاءِ تڙپندو رهندو آهي. جيڪڏهن
اسان پنهنجي زندگيءَ جو پل پل امڙين کي ارپيون تڏهن به سندن لاثاني محبت جي موٽ نه
ٿا ڏئي سگھون.
· اسان جا احساس، اسان جا جذبا، اسان جا اُڌما ۽ اسان جا
ارمانَ، اسان جا سُک ۽ ڏکَ انهيءَ وقت کي، اڃا به چئجي ته وقت گذرڻ جي رفتار کي
گھٽ ۽ وڌ ڪندا رهندا آهن. ايئن حقيقت ۾ ته ناهي هوندو، پر وقت جي احساساتي ماپ ڪجھ
اهڙا ئي انومان ڏيندي رهندي آهي. مثال طور ڪڏهن ته خوشيءَ ۽ سرمستيءَ جي احساسن ۽
اُڌمن هيٺ وقت ايئن اڏامي ويندو آهي، ڄڻ پَر لڳل هجنس، ته ڪڏهن وري وقت ڏک ۽ تڪليف
توڙي وڇوڙي جي مرحلن ۾ ايئن رڙهندو آهي ڄڻ جُونءَ پير گذري رهيو هجي، اڃا به بيهجي
ويو هجي....
· فطرت جو صبح جيڪي افق ۾ رنگ وکيريندو آهي، تن جا اکڙين ۾
جيڪي رنگ رچندا آهن، اهي صرف ڏسڻ سان ئي تعلق رکن ٿا، ساڳيءَ طرح پکين جون لاتيون
ڪنن ۾ امرت گيت اوتينديون آهن، ته ڪائنات جا حسين نغما ڄڻ ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندا آهن، ۽
هن سنسار تي بي اختيار ۽ بي پناهه پيار ايندو آهي. صبح سمي جي دنيا هڪ نئين دنيا
هوندي آهي، جنهن کي منجھند تائين سمهندڙَ ڪڏهن به پَسي نه سگھندا ۽ نه ئي ان جي
احساس کي لفظن منجھان سمجھي سگھندا....
· ماڻهو هر روپ ۽ رنگ، عمر ۽ انداز ۾ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ
هستي آهي.... ڀلا، ٻار جي لاغرض پيار ۾ ڪيڏو نه وڏو سنسار سمايل هوندو آهي! ٻار جي
مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڪهڙي نه ڪَنن ۾ ماکي اوتيندڙ مٺاڻ هوندي آهي! ٻار جي ٽهڪن ۽ مُرڪن ۾
ڪهڙي نه پنهنجائپ هوندي آهي ۽ ٻار جي رُسامي ۾ اڻ مَئي معصوميت.
· ملڻ ۽ وڇڙڻ، زندگيءَ جي هلچل جا لازمي جزا آهن. ڪڏهن ملڻ،
ته ڪڏهن وڇڙڻ، سلسلو هلندو رهندو آهي. ڪجھ ماڻهن سان اسان ڪڏهن چاهيندي به ملي نه
سگھندا آهيون، ته ڪڏهن ڪن ماڻهن سان اتفاقي طور ايئن ملي ويندا آهيون، جو يقين ئي
نه ايندو آهي. اهي وارداتون ڏاڍيون عجيب آهن. ملڻ ۽ وڇڙڻ جون وارداتون عجيب ۽ لذت
ڀريا احساس من ۾ پيدا ڪنديون آهن. ڪڏهن ملڻ سان وڇوڙو ياد ايندو آهي، ته ڪڏهن وري
وڇوڙي سان ملڻُ. ڪڏهن ملڻ ۾ وڇوڙو سمايل هوندو آهي، ته ڪڏهن وڇوڙي ۾ وري ملڻ سمايل
هوندو آهي.
اهڙي ريت هن ڪتاب ”واءُ
وکيريا خيال“ ۾ اوهان کي اهڙا ٻيا به ڪيترائي جملا پڙهڻ لاءِ ملندا،
جيڪي اوهان جي من تي دستڪ ڏيندا. حقيقت ۾ رياضت جو هي ڪتاب مختلف خيالن ۽ احساسن
جو هڪ اهڙو گلدستو آهي، جنهن جي هر گل ۾ اوهان کي پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي خوشبو
ملندي. رياضت اڃا به اهڙن خيالن ۽ احساسن جا گل گڏ ڪري رهيو آهي، هُن کي هڪ گَسُ
ملي رهيو آهي، اهو گس اهو ڏس ڏئي ٿو ته هو اڳتي به اسان کي اهڙا ڪتاب ارپيندو
رهندو. هتي مون کي ايمرسن جا اهي لفظ ياد ٿا اچن ته ”انسان جي واسطي سڀ کان وڏي
خوش قسمتي ۽ حياتيءَ جو سڀ کان وڏو انعام اُهو آهي ته هو پنهنجي پاڻ ۾ ڪنهن اهڙي
خاص ڪم ڪرڻ جو لاڙو پيدا ڪري ڇڏي، جنهن سان هن کي پورو پورو شوق هجي ۽ ان ڪرڻ سان
کيس دلي خوشي محسوس ٿئي.“ سو منهنجي دعا آهي ته منهنجو پيارو دوست رياضت ايئن ئي
پنهنجن خوبصورت لفظن سان خيالن ۽ احساسن جي انڊلٺ ٺاهيندو رهي ۽ پنهنجي تخليق جي
جوهر سان هن نوعيت جا ڪتاب تخليق ڪندو رهي.
No comments:
Post a Comment