12/12/2012

ڪتاب ”هليو آ هليو آ .... ملائيشيا“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”هليو آ هليو آ .... ملائيشيا“
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب سنڌي ۾ پڪ سان ۽ دنيا ۾ اڌ پڪ سان رڪارڊ سفرناما لکندڙ اسان جي مانواري ليکڪ الطاف شيخ جو ملائيشيا جو سفرنامو آهي. ادبي طور اهو اعزاز الطاف شيخ ڏانهن وڃي ٿو ته هن سنڌي ٻوليءَ کي مُنو سَو کن سفرناما ڏنا آهن. اهي اهڙا سفرناما آهن جيڪي نه رڳو بار بار پڙهيا ويا آهن پر انهن مان هڪ کان وڌيڪ نسلن گهڻو گهڻو پرايو آهي، خاص طور ٻاهر ويندڙن، پوءِ ڀلي انهن جي ٻاهر وڃڻ جو سبب ڪهڙو به هجي. اڄ جيتري ڄاڻ ڪمپيوٽر ڏيئي رهيو آهي، اوتري ڄاڻ 20 سال اڳ اسان کي انهن ملڪن بابت الطاف شيخ جا سفرناما ڏيندا هئا. سنڌي نثر ۾ امر جليل وانگر الطاف شيخ کي به اڄ تائين مسلسل پڙهيو ويو آهي، ۽ سندس هڪ هڪ ڪتاب هڪ ڀيري کان وڌيڪ پڙهيو ويو آهي. ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“ سندس نئون سفرنامو آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته الطاف صاحب اڃا لکڻ مان ٿڪو نه آهي يا چوڻ گهرجي ته هن قلم ڦٽي نه ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هيءُ سفرنامو ڇپائي هڪ سٺو تفريحي ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب سنڌ کي ڏنو آهي. هيءُ ڪتاب نهايت خوبصورت ٽائيٽل ۽ سٺي پني سان ڇپيل آهي. پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ ڪجھه رنگين تصويرون پڻ آهن. 396 صفن جي هن ڪتاب جو ملھه 400 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment