08/12/2012

ڪتاب: ”وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس“


ڪتاب: ”وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس“
سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران ڇپايل هن ڪتاب جو ليکڪ اسرار شام آهي، جنهن کي ڀوڳ چرچي ۾ آئون ”پراسرار شام“ چوندو آهي، جيتوڻيڪ هو پراسرار بلڪل ناهي، سنئون سڌو ماڻهو آهي، ”سڌي راند سونٽي“ جي ڄاڻندو آهي ۽ سندس دل ۾ ڪنهن لاءِ به ٻيائي ناهي هوندي. سندس شخصيت جي باري ۾ ڪجهه نه لکندس، جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته هو ڪنهن تعارف يا تعريف جو محتاج ناهي. ٻيو ته اسرار شام ايترو ته گهڻ رخو ماڻهو آهي جنهن تي تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو. اهڙي شخصيت کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي. ”وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس“ ٻاراڻي مذاحيه ۽ اصلاحي ناٽڪن جو ڳٽڪو آهي، جنهن کي سولي سنڌي جو ويس ڍڪائي ٻارن جي پڙهڻ جهڙو بڻائڻ سندس ئي قابليت آهي. هن غير شادي شده هوندي به ٻارن لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين جي چوڻ موجب هنن ناٽڪن کي اسٽيج ڪري انهن جون سي ڊيز پڌريون ڪيون وينديون، جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪارائتيون ٿينديون. اسرار شام پاڻ ”ناٽڪ ۾ ناٽڪ“ جي عنوان سان لکي ٿو ته ”عالمي ادب جي حوالي سان خاص ڪري سڌريل ملڪن ۾ هن صنف تي وڌيڪ ڪم ٿيو آهي، ٻارن لاءِ ڪارٽون ٺاهيندڙ والٽ ڊزني ۽ ڊراما سيريز ”هيري پوٽر“ جو رڪارڊ ٽوڙ بزنس، ان جو کليو ثبوت آهي.“
ڪتاب جي مهڙ ۾ خالد آزاد ”سنڌي ۾ ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جي ارتقا هڪ جائزو“ جي عنوان سان ٻارن لاءِ لکيل ۽ اسٽيج ڪيل ناٽڪن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي. اسرار شام نهايت خوبصورت ناٽڪڙا لکيا آهن ۽ ٻولي ايتري ته سولي آهي جون مون جهڙو سٺ سالن جو ٻار به آسانيءَ سان پڙهي حاصل مقصد ڪڍي سگهي ٿو. ڪتاب خوبصورت ڪاغذ تي ڇپايل آهي ۽ ٽائٽل ڪور به تمام سهڻو آهي.
”تعارف“ وفا مولا بخش قمبراڻيءَ لکيو آهي، جنهن جي چواڻي اسرار شام گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي پر سندس تعارف جو حوالو ٻارن جي ليکڪ وارو آهي. ٻاراڻي ادب سان سندس وابستگي اسڪول واري زماني کان آهي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران غير سماجي سرگرمين ۽ حصي وٺڻ ۽ ٻارڙن جي تنظيمن ”ٻارڙن جي ٻاري“ ۽ ”بزم گلشن سنڌ“ سان لاڳاپيل هئڻ ڪري سندس لاڙو ٻاراڻي ادب طرف ٿيو. هن جي پهرين ڪهاڻي ”ڪتو ۽ بگهڙ“ جي عنوان سان ۱۹۷۴ع ۾ ”گل ڦل“ ڇپي. اڄ تائين سندس لاتعداد لکڻيون، ڊراما، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ فيچر مختلف روزانه ۽ هفتيوار اخبارن جي صفحن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. آخر ۾ آئون اهو انڪشاف ڪندو هلان ته ڪجهه سال اڳ ملهايل ”ناٽڪ صدي“ جي نشاندهي ڪري ملهائڻ ۾ اهم ڪردار اسرار شام جو هو، جيڪو ڪريڊٽ ٻيا کڻي ويا.

No comments:

Post a Comment