06/12/2012

هِندسه، مَهِندسِي ۽ مسلمان سائنسدان - ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي


هِندسه، مَهِندسِي ۽ مسلمان سائنسدان
ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي
جيئن ئي اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو، تيئن ئي مسلمان سائنسدان پيدا ٿيڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي، ته اهي سمورا خوش نصيب حضرات، جن کي ”مسلمان“ سان گڏوگڏ ”سائنسدان“ هوڻ جي تسليمي نصيب ٿي، اسان جي نصابي ڪتابن ۾ تن جي پيدائش پاڪستان جي قيام کان ڪيتريون ئي صديون اڳ جي ٻڌائي وڃي ٿي. اهڙيءَ ريت اسلام جو دائرو رڳو اسان جي ”سنڌي“ مضمون وارن نصابي ڪتابن تائين محدود ناهي، بلڪه ان جو احاطو انگريزي، اردو، تاريخ ۽ ويندي ”سائنس“ جي مضمونن تائين وسيع آهي. ڀلي اهو دنيا جي ان همئگير سوچ ۽ نظريي جي خلاف ئي ڇو نه هجي، جنهن موجب سائنس ۽ عقيدي جون راهون هڪ ٻي جي مخالف رخ ۾ هلنديون آهن.

جيتوڻيڪ سائنسي قاعدا ۽ نظريا سمجھائيندي سائنسدانن ۽ سائنسي تاريخ جو ذڪر اڻٽر آهي، پر پاڪستان کان ٻاهر باقي سموري دنيا ۾ ڪٿي به ”يهودي سائنسدان“، ”هندو سائنسدان“، ”عيسائي سائنسدان“ يا ”مسلمان سائنسدان“ وارو اصطلاح ناقابل تصور آهي، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان ڪنهن فرد جي پيشورانه صلاحيتن، قابليتن ۽ سماجي خدمتن کي عقيدي جي پيماني ۾ تورڻ جي غلط روايت جنم وٺي ٿي يا وري عقيدي جي بنياد تي ڪنهن فرد جي شخصي چڱاين تي ٻُڙي ڦيرڻ جو منفي رويو پروان چڙهي ٿو. عوام کي احسان فراموشي ۽ ناشڪرگذاريءَ جي ان منفي راهه تي هلائڻ لاءِ اسان جي نصاب نويسن کي انهن اڀ ڦاڙ ڪوڙن جو سهارو وٺڻو پيو آهي، جن جو تهذيب يافته معاشرن ۾ تصور به ناممڪن آهي. سنڌ کي سکر بيراج، ريل رستي آمد رفت، ٽپال خدمات، جديد تعليمي سرشتو، بجلي، ڏورليک (ٽيلي گراف)، ڏور وايو (ٽيلي فون)، ۽ گھرڙو وايو (سيل فون) توڙي انٽرنيٽ جهڙيون اڄوڪيون جديد ترين سهوليتون ڪنهن جي مهربانين سان نصيب ٿيون، اها ڳالهه ڪنهن کان به پوشيده ناهي. مغربي قومن جي ڏينهن رات جي محنت، انسان دوستي، علم دوستي، سائنسي سوچ، ۽ مذهب کان بغاوت جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ سائنسي ۽ سماجي ترقيءَ جو ثمر اڄ سڄي دنيا کائي رهي آهي. اڄوڪي دنيا ۾ ميسر سمورين سهوليتن ۾ مغربي سائنسدانن جي ڀاڱيداريءَ کي لڪائڻ لاءِ ”مسلمان سائنسدان“ وارو اصطلاح گھڙيو ويو آهي. ڳوليان ڳوليان مَ لهان .... سنڌي ماڻهو اڄ به ”مذهب“ جو اهو کوڙو ڳولڻ ۾ مشغول آهي جيڪو ”سائنس“ تي لڳي سگھي. مذهبي فلسفن جي ناڪاميءَ تي ڍڪ ڍڪڻ لاءِ ۽ مذهبي فڪر جي پاسداري ۽ بگڙندڙ سماجي حالت، وڌندڙ بدعنوانين توڙي معاشري ۾ پلجندڙ منفي قدرن درميان ظاهر ٿيندڙ سڌي نسبت کي گمان زده ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نئين نسل کي ”مسلمانن جو شاندار“ ماضي ڏيکاري اڀرندڙ سائنسي شعور کي ڌنڌلايو پيو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪوڙ پٺيان ڪوڙ ڳالهايو وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي آسماني ڪلمات کي به نئين معنيٰ سان پيش ڪيو وڃي.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڇپايل ڪتابن ۾ مسلمان سائنسدانن جو ذڪر تمام شد و مد سان ڪيل آهي. نائين درجي جي جياڀياس (بايولاجي) واري ڪتاب ۾ لکيل آهي ته 15هين صديءَ کان پوءِ يورپي ۽ ٻين جياڀياسدانن (biologists) اهم ڀاڱيداريون نڀايون آهن، تاهم ڏنل لسٽ 16هين صديءَ جي آخر کان شروع ٿئي ٿي. جڏهن ته مسلمان جياڀياسدانن جي لسٽ جو آغاز سن 722ع ۾ جابر بن حيان کان ٿي ٿو، جنهن ”النباتات“ ۽ ”الحيوان“ جي نالي سان ڪتاب لکيا. لسٽ ۾ عبدالمالڪ آسمائي (741ع)، علي بن ربن تربي (775ع کان 870ع)، ابو عثمان عمر الجاهز، الفرابي (870ع کان 950ع)، ابوالقاسم الضهراوي (936ع کان 1004ع)، ابن الهيثم (965ع کان 1039ع)، بو علي سينا (980ع)، ضياءُالدين ابن بيتار (13هين صدي عيسوي)، ابن النفيس (13هين صدي عيسوي)، ڪمالالدين ان دميري (14هين صدي عيسوي)، علي بن عيسيٰ، ابوالقاسم مجريتي شامل آهن. گھڻي گهرائيءَ ۾ وڃڻ کان سواءِ ۽ انهن نالن تي ڪا تحقيق ڪرڻ کان سواءِ ئي سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته اٺين صديءَ جي جياڀياسدان علي بن ربن تربيءَ جي ته پيدائش ۽ وفات جا سال ڄاڻايل آهي، پر 13هين ۽ 14هين صديءَ جي جياڀياسدانن جي نه ڄمڻ جي سالن جي ڪا خبر آهي نه وفات جي سالن جي. ابو عثمان نالي جياڀياسدان لاءِ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن ”الحيوان“ نالي ڪتاب لکيو ۽ جانورن جي 350 نسلن جون خصوصيتون سمجھايون. ان جيڀياسدان جو ڪو به سال يا صدي ڄاڻايل ناهي. ان صاحب به ان ئي عنوان سان ڪتاب لکيو جنهن سان جابر بن حيان لکيو. انهن مان ڪيترن نالن متعلق ڪٿان به معلومات نه ملندي. اهي ڪٿي جا هئا، ڪٿي ڪم ڪيائون ۽ سندن ڪتابن جا مسودا به نه ملندا. ابن الهيثم جي ڪارنامي ۾ ڄاڻايل آهي ته هن نظر يعني بصارت بابت يوناني نظريي کي درست ڪيو. مطلب ته پهرين اسان جو درسي ڪتاب اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته مسلمانن ئي سائنسي علمن جي ابتدا ڪئي ۽ يورپي توڙي ٻيا سڀ ته پوءِ ٻه ٽي صديون اڳ ۾ ئي ظاهر ٿيا آهن، ۽ پوءِ مسلمان سائنسدانن جا ڪارناما بيان ڪندي اسان جو درسي ڪتاب اڳ ۾ ئي موجود يوناني نظرين جو ذڪر ٿو ڪري. اها انتهائي شرمناڪ ڳالهه آهي ته اسان جو سائنسي درسي ڪتاب حقيقتن تي پردو وجھندي يونانين جي عظيم ڪارنامن جو ذڪر ئي ناهي ڪيو. سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ جي زندگيءَ جو ته سمورو احوال ملي ٿو، جيڪي قبل مسيح دور ۾ ٿي گذريا، پر مسلمان سائنسدانن متعلق ڪا به بنيادي ڄاڻ نه ٿي ملي. جيتوڻيڪ عام طور يقين ڪيو وڃي ٿو ته ارسطوءَ جون لکڻيون گھڻي ڀاڱي گم ٿي چڪيون آهن، پر اڄ به سندس ڪيترو ئي ڪم ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. مسلمان سائنسدانن جو ذڪر رڳو اڄوڪن مسلمانن جي ڇپايل ڪتابن ۽ ويب صفحن تي ملندو، جن ۾ متضاد ڳالهيون لکيل هونديون. مثال طور، ابن الهيثم جي تاريخ پيدائش و وفات به مختلف جاين تي مختلف ٻڌايل آهي، جن ۾ 15 سالن جو فرق نظر اچي ٿو.
يارهين درجي جي طبعيات واري ڪتاب ۾ اسلامي دنيا جون ڀاڱيداريون ٻڌائيندي لکيو ويو آهي ته قرآن مجيد مان متاثر ٿيڻ کان پوءِ مسلمانن قديم سائنسي ڪتابن جا ترجما شروع ڪيا ۽ پوءِ نائين صديءَ ۾ پنهنجي تحقيق شروع ڪئي. اهو بيان نائين درجي جي جياڀياس واري ڪتاب ۾ ڏنل تاثر کي رد ڪري ٿو ته سائنسي تحقيقن جو بنياد ئي مسلمان سائنسدانن وڌو. بهرحال يارهين درجي وارو ڪتاب مسلمان سائنسدانن جي (اوريجنل) پنهنجي ڪا به تحقيق ٻڌائڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي. ان جي بلڪل ابتڙ دنيا کي سائنس ۽ تجديد ٽيڪنيڀياسي سهوليتون ڏيڻ وارين يورپي قومون احسان فراموشي ۽ قدر فراموشيءَ جو مظاهرو ڪرڻ بدران ٻين جي چڱائيءَ کي ڳائيندا نظر اچن ٿيون. اهو ساڳيو درسي ڪتاب برٽرنڊ رسل جو حوالو ڏي ٿو، جنهن ۾ چيل آهي ته، ”منهنجي ڄاڻ ۾ عمر خيام واحد ماڻهو آهي جيڪو شاعر به آهي، ته رياضيدان به“. پر ساڳيو ئي ڪتاب رياضيءَ ۾ عمر خيام جي ڪا هڪ به ڀاڱيداري ڳڻائڻ کان قاصر ٿو نظر اچي. ساڳي درسي ڪتاب ۾ الراضي، ابو ريحان البيروني، يعقوب بن اسحاق القندي جا نالا ته ڳڻايا ويا آهن، پر سندن لاءِ صرف ايترو ئي ٻڌايو ويو آهي ته هنن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. اهو ڪٿي به ٻڌايل ناهي ته هنن ڪهڙو سائنسي قاعدو دريافت ڪيو يا ڪهڙي ايجاد ڪئي. ابن الهيثم لاءِ لکيل آهي ته هن روشنيءَ جي موڙ ۽ موٽ جا قاعدا ڏنا. سندس اهو ڪارنامو نائين درجي واري ڪتاب ۾ ٻڌايل ڪارنامي کان مختلف آهي. تاهم روشنيءَ جي موٽ واري قاعدو ابن الهيثم سان منسوب ڪرڻ انتهائي وڏو ڪوڙ آهي. روشنيءَ جي موٽ وارو عمل رومي سلطنت واري مصر جي شهر اسڪندريه ۾ پهرين صدي عسيويءَ دوران ”هيرون“ نالي سائنسدان ۽ انجنيئر ڳولي لڌو هو، جنهن جي ڇپايل ڪم جو ترجمو عربن ڪيو هو. پنهنجي ڪتابAristotelian References to the law of Reflection   ۾Carl B. Boyer   لکي ٿو ته ان ڳالهه جون مستند شاهديون موجود آهن ته ارشميدس (Archimedes ) روشنيءَ جي موٽ جو قاعدو ڳولي لڌو هو. ان لاءِ ليکڪ قديم ڇپايل مواد مان ڪيترا ئي حوالا پڻ ڏنا آهن. روشنيءَ جي موڙ جو قاعدو، جنهن کي (Snell's Law) ڪوٺيو ويندو آهي، سو Willebrord Snell (1591-1626) نالي يورپي سائنسدان سان منسوب آهي. مسلمانن جي متضاد دعوائن موجب اهو قاعدو ابن ساحل يا ابن الهيثم دريافت ڪيو آهي. اهي ٻئي سائنسدان ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريا ۽ ٻئي عراق جا هئا. ابن ساحل جي ڪم جو پڪو حوالو موجود آهي، جيڪو هن 984ع ۾ ڇپايو پر مسلمانن کي سندس تحرير 1990ع ۾ دريافت ٿي آهي. جيڪڏهن اها تحرير ڏهين صديءَ ۾ ظاهر ٿي به هوندي، ته به اها يقيناً اڳوڻن سائنسي مسودن جو ترجمو هوندي، جيڪي يونان ارسطوءَ واري دور ۾ يا ان کان پوءِ ڇپايا هئا. عربي ٻوليءَ تي يوناني ٻوليءَ جو اثر ظاهر ظهور آهي. ابن ساحل جي مسودي جي عنوان مان به اهڙي شاهدي ملي ٿي ته اهو اڳوڻي يوناني ڪم جو ترجمو آهي. يوناني ٻوليءَ مان عربي ٻوليءَ ۾ ڪيل ترجمن ۽ ان سان عربي ٻوليءَ تي پوندڙ اثرن تي الڳ مضمون جي ضرورت آهي.
يارهين درجي جي طبعيات واري ڪتاب ۾ ٻيون مسلسمان سائنسدان الخوارزمي آهي، جنهن سان الگوردم (algorithm) جو لفظ ۽ ڏهائي سرشتو منسوب ٿيل آهي. الخوارزمي (780ع کان 850ع) جي نسلي وابستگي، توڙي جاءِ پيدائش تڪراري رهي آهي. بلڪه سندس مذهب پڻ. ڪن موجب هُو بنيادي طور فارسي ڳالهائيندڙ هو، ته ڪي سمجھن ٿا ته هو عربي ڳالهائيندڙ هو. ڪي سمجھن ٿا ته هو عراق ويجھو ڄائو، ڪي سمجھن ٿا ته هو خوارزم جي علائقي ۾ ڄائو، ته ڪي سمجھن ٿا ته هو اڄوڪي ايران ۾ ڄائو. پر ان ڳالهه تي گھڻو ڪري اتفاق ٿي چڪو آهي ته هُو فارسي ڳالهائيندڙ هو ۽ شايد پارسي مذهب ڇڏي مسلمان ٿيل هو. الخوارزمي بغداد پهتو جتي هن يوناني ۽ سنسڪرت مان ترجما ڪيا. اڳتي هلي سندس تحريرن کي يورپين لاطينيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، تنهنڪري يورپ ۾ ”عربي انگ“ وارو اصطلاح رائج ٿيو. يورپ کي ڏهائي سرشتي جو استعمال الخوارزميءَ جي ليکن مان ئي مليو، تنهنڪري يورپ کي ڪيترو وقت اهو مغالطو رهيو ته ڪو الخوارزمي ئي ڪيترين ئي شين جو موجد آهي. يورپي ماڻهو ڪيتريون ئي صديون ڏهائي سرشتي تي آڌاريل انگن کي عربي انگ ڪوٺيندا رهيا، ڇاڪاڻ ته يورپي قومن ٻين جي ڪمن کي فراموش ڪرڻ جي روايت ۾ ڪڏهن به يقين ناهي رکيو. بهرحال الخوارزمي پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڏهائي سرشتي تي آڌاريل انگن کي هندستان جو عددي سرشتو ڄاڻايو آهي. الخوارزميءَ جي هڪڙي ڪتاب جو عنوان ”سندهند زيج“ آهي، جيڪو سنڌ ۽ هند ۾ اسريل نجميات (Astronomy) واري علم تي لکيل هو. اڄ سمورن محققن کي يقين ٿي چڪو آهي ته الخوارزميءَ جون سموريون تحريرون دراصل قديم سنڌ، هند ۽ يونان جي علمي ڪمن جا ترجما هيون.
سائنسي تاريخ جو ذڪر ڪندي سڄي دنيا جون قومون پنهنجي خطي جي سائنسدانن جي ڪردار کي اجاگر ڪن ٿيون، سائنس جي ميدان ۾ ٿيل پيش رفت ڪندڙ پنهنجي سائنسدانن کي پنهنجو قومي هيرو ڪري پيش ڪن ٿيون، ۽ انهن کي فخر ڪن ٿيون. ڪيترين قومن ۾ سائنسي دريافتن ۽ ايجادن جي مالڪيءَ تي تڪرار هلندڙ آهي، جيڪو يقيناً سندن جاگرافيائي حدن جي بنياد تي آهي. مثال طور، فرانس ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ايڊس وائرس جي دريافت تي مالڪيءَ جو تڪرار هلندڙ آهي. فرانسيسي سائنسدانن جي دعويٰ آهي ته هنن ايڊس وائرس جي دريافت آمريڪين کان اڳ ۾ ڪئي هئي. پر اسان جي ملڪ ۾ پاڪستاني قوميت جي ڳالهه ڪرڻ به گناهه بڻيل آهي. اسان جا درسي ڪتاب مسلمان قوميت جو پرچم بلند ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچن ٿا. عربستان هجي، آفريڪا هجي، انڊونيشيا هجي يا هندستان هجي، هر خطي جو مسلمان اسان جي لاءِ باعث فخر بڻيل آهي، ان ڳالهه جي قطع نظر ته ان فرد جو پاڪستان جي جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ ماڻهن سان رويو ڪهڙو رهيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جاگرافيائي حدن جي ڪا به اهميت ناهي، ڇاڪاڻ ته اڄ سوڌو اسان پاڪستاني قوميت بدران مسلمان قوميت جو پرچار ڪندا اچون. ان جي بلڪل ابتڙ، جيڪڏهن ڪو مسلمان سائنسدان سنڌي هجي، ته ان جو به اسان جي نصابي ڪتابن ۾ ذڪر ڪرڻ مناسب ناهي سمجھيو ويو. الخوارزمي، جنهن جا مثال ڏيندي اسان جا مسلمان قوم پرست راڳ ڳائيندي ٿڪجن ئي نه ٿا، تنهن سان گڏ ڪم ڪندڙ ”ابو راجه السندي“ جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ ڪٿي به نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ جو هُو سنڌي هو. الجبرا جو بنياد سمجھيو ويندڙ مشهور ڪتاب ”الڪتاب المختصر في حساب الجبر والمقابلة“ جو اڪيلو ليکڪ الخوارزمي نه هو. حقيقت اها آهي ته اهو ڪتاب الخوارزمي ۽ ابو راجه السندي جي گڏيل تخليق هئي. عربي ۽ فارسيءَ ۾ اڄ به انجنيئرڱ (Engineering) کي ترتيبوار ”هندسة“ ۽ ”مهندسي“ ڪوٺيو ويندو آهي. اهي لفظ ئي ٻڌائين ٿا ته عربن وٽ اهي رياضياتي علم ڪٿان پهتا، پر جيئن ته قديم وقتن ۾ پاڪستان جي اڄوڪي خطي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جو نالو وٺڻو ٿو پوي، ان ڪري اسان جي پاڪستاني ملسمان قومپرستن کي هن خطي جي مسلمانن جو ذڪر ڪرڻ به ناگوار ٿو گذري.
جيتوڻيڪ سائنسدانن جي تعارف ۾ اسان کي اهو ته ضرور پڙهڻ لاءِ ملي ٿو ته سندس واسطو ڪهڙي ملڪ سان هو، ڪٿي ڄائو، ڪٿي تحقيق ڪيائين، ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندو هو، ڪهڙي ٻوليءَ ۾ پنهنجو ڪم ڇپايائين، پر مذهب جي بنياد تي سندس قوميت جو تعين ڪرڻ وارو تصور صرف اسان جي درسي ڪتابن ۾ ئي ملي ٿو. عراق، مصر، ايران توڙي هندستان جي فردن کي ”مسلمان سائنسدان“ ڪري ڄاڻائڻ ملسمان قوميت وارو تصور  ويهارڻ جي سياسي ڪوشش آهي. اهڙيءَ ريت اسان جا سائنس جي مضمونن وارا درسي ڪتاب به سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ مسلمانن انيڪ يوناني ڪتابن جو عربي ترجمو ڪري لاڀ پرايو پر اسان جا ”مسلمان قومپرست“ هڪ اطالوي ليکڪ جي هڪ ليک کي بنياد بنائي يورپ کي ”اونداهي دَور“ جو طعنو ڏيندا رهيا آهن. ڪنهن اطالوي ڏاهي رومن سلطنت وارن ڏينهن جي نسبت وچولي دور کي چرچ جي اجاراداريءَ واري دور طور ڏٺو ۽ ان کي ”اونداهو دور“ ڪوٺيو ڇاڪاڻ ته يورپ ۾ عام تصور اهو آهي ته ان دور ۾ چرچ عوام کان اظهار جي آزادي وارو حق کسي ورتو هو. يورپ کي جنهن اونداهي دور (500ع کان 1300ع) جو طعنو ڏنو ويندو آهي، تنهن ۾ به يورپ، مسلمانن جي ڪنهن به دور کان ڪيترو ئي سڌريل هو. 700ع ۾ يورپ اندر تعليم کي عام ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش جاري هئي ۽ رياستن طرفان سيڪيولر اسڪول کوليا پئي ويا. ستين صديءَ دوران ئي يورپ ۾ هوا چَڪيون ۽ آبي چَڪيون عام ٿيون. مسلمانن آباديءَ وارن اڪثر ملڪن ۾ اڄ به اظهار جي ايتري آزادي ناهي جيتري ”اونداهي دور“ ۾ يورپ جي ماڻهن کي حاصل هئي. پر مذهبي بنيادن تي فوقيت واري ابهام سبب سمورن مثبت قدرن وانگي نياز نوڙت وارا قدر به اسان کان وڃائجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ آئين اسٽائين جي نسبتيت وارن نظرين سموري طبعيات کي هڪ نئون رخ ڏنو ۽ ناڀياتي طبعيات (Nuclear Physics) کي جنم ڏنو، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي ناڀياتي سائنس جو شهر يا ان جي دروازي جهڙو لقب ڪو نه ڏنو. بلڪه ان جي ابتڙ هن علم کي سمنڊ سان ۽ پنهنجو پاڻ کي سمنڊ ڪناري ويٺل واريءَ ۾ راند ڪندڙ ٻار سان تشبيهه ڏني. جڏهن ته سقراط چيو ته ”مون کي فقط اها خبر آهي ته مون کي ڪجھه به خبر ناهي“.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته عربي ۽ فارسي ٻولين ته انجنيئرڱ جي لفظ کي سنڌ يا هند سان منسوب ڪيو آهي، پر Engineering کي ”سنڌسا“ سڏڻ ۾ ۽ پنهنجي ٻولي توڙي قوميت تي فخر محسوس ڪرڻ ۾ اڃا اسان سنڌين کي ڪيترو وقت لڳندو.

No comments:

Post a Comment