پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقي جائزو (ڪتاب)
رکيل مورائي

ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جو پورهيو هر صفحي تي نمايان ٿي بيٺو آهي، ۽ اهو به
سچ آهي ته اٿارٽيءَ هي ڪتاب ڇپائي ڊاڪٽر صاحب جو نه فقط قدر ڪيو آهي، پر ڄڻ مڃتا طور
ئي هيءُ ڪتاب ڇپايو آهي. هيءُ ڪتاب ڏسي گمان ٿئي ٿو ته اسان جي يونيورسٽين جي ريسرچ
وارن شعبن ۾ ٻيا به ڪي اهڙا ٻوليءَ بابت ڪتاب رکيل هوندا جيڪي اٿارٽي هٿ ڪري ۽ انهن
کي سهڻو ڪري ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي.
”پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقي جائزو“ ۱۸۴۳ع کان ۱۹۶۰ع تائين هڪ اهڙو جائزو آهي،
جيڪو نئين پيڙهيءَ کي نه رڳو تحقيقي ڪم ۾ مدد ڪندو پر هڪ وڏي معلومات پڻ فراهم ڪندو،
خاص ۱۸۴۳ع کان ۱۹۴۷ع تائين جا درسي ڪتاب، جيڪي
اسان جي نسل ڏٺا ئي نه آهن انهن بابت ڄاڻ اڄ گهڻي ڪارائتي آهي. اٿارٽيءَ جو هيءُ ڪتاب
سندس ڪم ۾ هڪ تعريف وارو آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 334 صفحا آهن. پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل
هن ڪتاب جو ملھه 300 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment