17/12/2012

رڻ تي چانڊوڪي - رکيل مورائي


رڻ تي چانڊوڪي (ڪتاب)
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب رڻ جي درد کي محسوس ڪندڙ ۽ ساڳئي وقت رڻ جي رات مٿان چنڊ تي وڇايل چانڊوڪيءَ کي پنهنجي روح ۾ اوتيندڙ، سنڌ جي نوجوان ۽ اڄ جي شعري ادب جي حوالي ۾ خاص مرتبو ماڻيندڙ اسان جي دوست ايوب کوسي جي تخليقي شعرن جو مجموعو آهي. ايوب کوسو. بنهه ٿوري عرصي ۾ جيڪو سنڌي ادب کي پنهنجي شاعري جي وسيلي ڏنو آهي، ڀايان ٿو ته سندس همعصر ڪنهن به شاعر نه ڏنو هوندو. مان هوند هيئن به چوڻ چاهيان ته ايوب کوسو جيترو تيزي سان لکي رهيو آهي، اوتري تيزي سان سندس تخليقي جوهر نکارجي رهيو آهي. سندس هيءُ تازو ڪتاب ان جو اڄ تائين بنهه نئون حوالو آهي، ائين به لڳي ٿو ته هو اڄ تائين تعريف جي پٿرن سان زخمي نه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ سندس شعري پورهئي کي اڃا تائين تنقيد جي هارن پارائڻ کان به الڳ رکيو ويو آهي. ممڪن آهي ته اڄ جو نقاد سندس مسلسل سفر ڏسڻ چاهيندو هجي ۽ اڳتي هلي ان سفر تي تفصيلي اڀياس لکي، جنهن اڀياس جي اڄ جي سڀني نوجوان لکندڙ کي سخت ضرورت آهي جن ۾ ايوب کوسو به شامل آهي. ايوب جو هيءُ ڪتاب ”رڻ تي چانڊوڪي“ پڙهندڙن ۽ ويچاريندڙن وٽ ڪيئن پرکيو ويندو ان لاءِ اوسيئڙو ڪرڻو آهي، کيس به ۽ اسان سڀني کي به، پر هڪ ڳالھه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته ايوب پنهنجي عمر ۾ ۽ وقت ۾ پنهنجي حصي کان ڪجھه وڌيڪ ئي سنڌي ادب کي ڏنو آهي ۽ ڏيندو رهندو. سندس هن ڪتاب ۾ ڪجھه نظم، غزل ۽ ڪجھه وايون آهن پر ان ۾ شاعري آهي، جيڪا گهڻي حد تائين صنفن جي محتاج نه هوندي آهي. 144 صفحن جي هن پڪي جلد ۽ خوبصورت ٽائيٽل واري ڪتاب جو ملھه 200 رپيا آهي، ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي مانواري شاعره گلشن لغاريءَ جو لکيل آهي ۽ ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرايو آهي.

No comments:

Post a Comment