20/12/2012

جي تون سرجڻهار، جيءُ انوکو جَڳَ ۾ - امداد حسيني




امداد حسيني
Shaikh Ayaz
’هو توکي لوئي رهيا آهن ۽ تون چپ آهين! پٿر کي چوٽيءَ تان هيٺ ڌڪبو آهي، ته ان ۾ جان پئجي ويندي آهي.‘ (’پتڻ ٿو پورو ڪري‘ ص – ۱۴۶)
هن ڌرتيءَ تي نبين ۽ اوتارن جي آمد جو سلسلو ڪڏهوڪو ڪپجي چڪو آهي، آسماني صحيفن جي نزول جو به ڪڏهوڪو خاتمو اچي چڪو آهي، اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن به ڪنهن قوم تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ۽ اُها نگهوسار ٿيڻ تي هوندي آهي، تڏهن، انهيءَ قوم ۾ اياز جهڙا شاعر پيدا ٿيندا آهن ـــــ جيڪي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان، هر انياءُ، جبر ۽ پرماريت سان، اڪيلي سر مهاڏو اٽڪائيندا آهن.

آءٌ اڪيلو سامهون سَٿَ،
خنجر خنجر ڪيئي هَٿَ.
اياز، هڪ اهڙي دور ۾ جنم ورتو، جڏهن اَنا جي انڌ ۾ ورتل سياستدان، سنڌي قوم کي، پنهنجي انڌي سياست جي اُگهاڙي ترار سان، پوري وچ تان ٻه اڌ ڪري چڪا هئا. اديبن ۽ شاعرن جو حال انهن کان به ابتڙ هو. اُهي نه رڳو تاريخ جي بدترين غلاميءَ جو ڳٽ سنڌين جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ واري سازش ۾، سياستدانن سان ٻٽ هئا، بلڪ انهن کان به ٻه رتيون ڪسر هئا. مون کي ان ڳالهه تي سخت اچرج ۽ ڏک ٿيندو آهي ۽ ڏاڍا جک کائيندو آهيان، ته ان دور جي رجعت پرست سياستدانن ۽ اديبن ۾، مستقبل ۾ صدين تائين گهورڻ ته پري رهيو، پر ايندڙ پنجن ڏهن سالن تائين گهورڻ جي سگهه ڪانه هئي ۽ انهن اسان کي هڪ اهڙي گهاٽي اونداهي جهنگ ۾ آڻي ڦٽو ڪيو هو، جتي جيڪڏهن ڪا روشني هئي به ته رڳو بکين بگهڙن جي اکين ۾ هئي. اهڙي اُگري صورتحال ۾، اسان کي پنهنجي انهن سرجڻهارن ۽ ڏات – ڌڻين ڏانهن ئي رجوع ڪرڻو پوندو آهي، جيڪي اسان جا سونهان بڻجي، پنهنجي ڏات – ڏياٽيءَ سان، اسان کي انهيءَ گهاٽي اونداهي جهنگ مان پار اُڪاري سگهندا آهن. انهيءَ پد تي پهچي، شاعر هڪ مصلح بڻجي ويندو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي شعور جي روشني بخشيندو آهي ۽ اسان کي سنئين دڳ لائي، مومل جهڙي ماڳ ماڻڻ لاءِ مسلسل اتساهيندو رهندو آهي. اياز، هڪ سچي شاعر جي انهيءَ بنيادي ڪردار کان نه رڳو آگاهه آهي، پر هن پوري سرت ۽ ساڃاهه سان، ۽ ڀرپور سگهه سان، انهيءَ ڪردار کي تخليقي توڙي عملي سطح تي نڀايو به آهي:
سگهه ڏي اهڙي سچ، منهنجي جڪڙيل جيءَ کي،
ڳچي ٿئي ڳچ، ته به چوان جو چوڻو هجي. 

ڇڪيءَ ساڻ ڇني، ڪڙيون تنهنجي ڪوٽ جون،
چڙهي پوري چوٽ تي، ڏٺم ڀيڄ ڀني،
مون کي ڏات ڏني، اهڙي سگهه سرير ۾.
(’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ص - ۶)
ڌرتتيءَ ڌرتيءَ تي اياز جي شاعري هڪ اهڙي گهاٽي سائي بڙ وانگر آهي، جنهن جون پاڙون انت – پاتال تائين پيهي ويل آهن ۽ جنهن جا ڏار اوچ – آڪاش تائين پکڙيل آهن ۽ انهيءَ گهاٽي سائي بڙ جي ڇانوَ پوري پرٿويءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو بيٺي آهي.
اياز دنيا جو اُهو واحد شاعر آهي جنهن شاعريءَ جي سڀ کان گهڻين صنفن ۾ لکيو آهي. انهن صنفن ۾ لوڪ، ڪلاسيڪل ۽ جديد ترين صنفون اچي ٿيون وڃن. اياز، روايتي دور جي صنف ’غزل‘ کي به ورتايو آهي:
اي اسيرانِ شب ٻڌو مون کان،
ڪنهن جي زلفن جو داستان هان مان.

دامنِ ترتي وڃ نه اي واعظ،
چشم فطرت جو رازدان هان مان.
(’ڀونر ڀري آڪاس‘ ص – ۲۳۵)
اياز وٽ انهيءَ روايتي غزل اڳتي هلي ’گيڙو ويس غزل‘ جو روپ ڪيئن ڌاريو، يا اياز جي شروعاتي ’وائي‘، جيڪا عربي - فارسي بحر تي آڌارڪ هئي:
اي زمانن جا ضمير!
تنهنجي ڪهڙي منزلِ مقصود آ؟
انهيءَ هاڻوڪي صورت اختيار ڪرڻ ۾ ڪهڙا مرحلا طئي ڪيا؟ اهو هڪڙو الڳ ۽ ڀرپور موضوع آهي. اياز جي سرجيل صنف تي الڳ سان لکڻ جي بيحد ضرورت آهي، پر اهو ڪنهن ٻئي ڀيري. مان رڳو اهو ٿو ٻڌائڻ گهران، ته اياز نه رڳو سڀ کان گهڻين صنفن تي لکيو آهي، بلڪ هن ڪيترين مرده ۽ متروڪ صنفن کي نئين سر جيئاريو، رائج ڪيو ۽ مقبول پڻ بڻايو آهي. گيت، دوهو، بيت، وائي ..... سنڌي شاعريءَ جون بنيادي ۽ اهم صنفون آهن – اياز، انهن کي ٻيهر اُهو رتبو عطا ڪيو، جنهن جون اهي حقدار آهن ۽ اياز جي هٿ – ڇهاءُ ۾ اُها پارس واري خاصيت آهي، جيڪا لوهه کي سون ڪري سگهندي آهي. ان سان گڏوگڏ اياز نيون صنفون، نوان گهاڙيٽا ۽ نئون ردم به سنڌي شاعريءَ کي عطا ڪيو آهي. مثال طور، ’روح رهاڻ‘ (اپريل ۱۹۶۷ع) ۾ ڇپيل سندس شعري مجموعي ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ جي هيءَ صنف/گهاڙيٽو:
طرو وڏو اَبا جو،
ڇُرو وڏو ابا جو.
’مزدور ٻار جو گيت‘ جي عنوان سان اها اسان جي لوڪ - ردم تي آڌارڪ آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ صنف هيٺ نوٽ ۾ انهيءَ کي ڇند ۽ فارسيءَ جي چئن بحرن تي پورو ڏيکاريل آهي، پر انهيءَ صنف جو بنيادي بحر وري به ڇند ئي آهي، يعني هر سٽ يارهن ماترائن جي. بهرحال، ان مان اسان کي عربي - فارسي عروض ۽ ماترڪ - ڇند بابت اياز جي گهري ڄاڻ ۽ انهن تي اياز جي مضبوط گرفت جو قائل ٿيڻو پوي ٿو.  لوڪ - ردم، ڪلاسيڪل - ڇند ۽ روايتي دور جي عربي - فارسي عروض جي گهري ڄاڻ جي ڪارڻ ۽ انهن جي صحيح اپيوگ سان ئي اياز ايڏا سندر،  سرل، سجل ۽ سڦل تجربا ڪري سگهيو آهي. ’طرو وڏو ابا جو‘ واري صنف کي ئي جيڪڏهن کڻجي، ته ان ۾ چار عربي – فارسي بحر ۽ هڪ هندي - سنڌي ماترڪ ڇند، ڪل پنج بحر ڪتب آندا ويا آهن. انهن پنجن ئي بحرن جو ردم ساڳيو آهي، ۽ اياز انهيءَ ردم ۾ سٽن کي اهڙي ته جڙاءُ سان جڙيو آهي، جو اصل جيءَ ۾ جڙجيو وڃن:
هٿ چڱا اَبا جا
نٿ چڱي امان جي
ڳيچ چڱا اَمان جا
چيچ چڱي ابا جي
پيٽ برو سيٺ جو
پيٽ برو سيٺ جو
(’روح رهاڻ‘ اپريل ۱۹۶۸ع ص ۳۹)
انهن  ٻولين ۾ ناچ - ڌن واري ڪيفيت آهي.
اياز پنهنجي پوري شاعريءَ ۾ ’ردم‘ کي ايڏي ته مڌرتا سان اسان جي آڏو پيش ٿو ڪري، جو اُن کي پڙهندي، تحت اللفظ توڙي ڳائيندي ٻڌندي، اسان جي پوري آتما اُن مڌرتا سان ليس ٿي ٿي وڃي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته اياز وٽ جيڪو سٽن جو سٽاءُ، لفظن جو جڙاءُ ۽ ليءِ جو لڳاءُ آهي، اهو سڀ کان اول پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي پنهنجي منڊ ۾ منڊي ٿو ڇڏي. جيئن جوئي صاحب ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ جي مهاڳ ۾ چيو آهي ته:
’ايتري قدر جو ٻڌڻ سان ڪلام جي فڪري مواد ڏانهن پهرين ڌيان ئي نٿو وڃي.‘
(’روح رهاڻ‘ اپريل ۱۹۶۷ع ص – ۱۰)
پر ان جي معنيٰ اُها نه آهي، جيڪا لعل پشپ ورتي آهي ته:
’اياز جي شعر ۾ ويچار گهٽ آهي. ڀاونا وڌيڪ آهي. ترنم ۽ انداز بيان گهڻو آهي. لفظن جو جادو گهڻو آهي ....‘ (‘چيتنا‘ ص -۶۱)
مان تڏهن به لعل سان ان تي سهمت نه ٿيو هئس. جهرڻي تائين پهچڻ کان پهريائين، توهان کي جهرڻي جي جهانءِ تائين اوس پهچڻو پوندو آهي - ۽ جيئن جيئن توهين جهرڻي کي ويجها پوندا ويندا آهيو، تيئن تيئن اها جهانِ وڌيڪ چٽي ٿيندي، گونجندي، ٻرندي، نيٺ گجگوڙ ۾ تبديل ٿي، توهان جي وجود جي اندر توڙي ٻاهر پڙاڏجندي رهندي آهي. اياز به انهيءَ ’ساڳي جهرڻي جي پاڻيءَ تي انگورن جون وليون پوکي، اُن جي رس مان هيءَ ميءِ جوڙي آهن. تون انهيءَ مان چُڪي چکي ڏس شايد اها توکي امر ڪري ڇڏي.‘۱۰ ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۱۹۶۷ع)
ڪنهن به اعليٰ شاعريءَ ۾ سُر ۽ معنيٰ ’سڏ - پڙاڏي‘ وانگر ئي آهي. ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. اصليت وري به ’سڏ‘ (معنيٰ) کي ئي آهي. ان ڏس ۾ خود اياز جي راءِ اسان لاءِ املهه ۽ اهم آهي:
’مون شاعريءَ ۾ فن کي اوليت ڏني آهي، پر منهنجي شاعري مقصد کان ڪڏهن به خالي (عاري) نه رهي آهي.‘ (ٽي – وي پروگرام ’شهرِ وفا ۲۹۱۲۱۹۸۹ع)
آ گدري جي ڦار، امان!
اياز وٽ فن ۽ فڪر، سُر ۽ معنيٰ جو حيرت انگيز سنگم آهي. اندروني قافئي، تجنيس، مختلف بحرن جي آميزش، ٻولن جو ورجاءُ، سٽن کي ننڍي – وڏي ڪرڻ سان، هونئن ردم/گهاڙيٽي جو سرجڻ ٿو ڪري:
آگدري جي ڦار، امان!
اڄ پورو ناهي چنڊ – اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
ڪالهه ڏٺا ڀوتار
مڇن جا وار
ته ٻه ٽي اڇا ها!
ڏاڍي جو ڏهڪار، ته هن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!
هونءَ وڏيري ڌَپ ڙي!
ڪنهن نه ڪچهريءَ ۾ ايندو الائي سرهي لپ ڙي!
پنهنجي ريٽي راندڙي!
لال جهنڊي جي اڳتان ڏاڍو مڇري ٿو هو ڏاند ڙي!
انهن ڪوتائن ۾ جيڪو مقصد آهي، ردم اُن تي حاوي نه، پر ان سان رلمل آهي ۽ ان کي وڌيڪ گهري بڻائڻ ۾ ٿو ڏئي. ’آ گدري جي ڦار....‘ ۾  جيڪو ’بک‘ جو احساس آهي، انهيءَ کي اسين لنوائي نٿا سگهون. ’ڪالهه ڏٺا ڀوتار....‘ ’طُرو وڏو ابا جو‘ ۽ ’هونءَ وڏيرو هِل ....‘ ۾ پرماري قوتن سان شديد بڇان ۽ ڌڪار جو جيڪو اظهار آهي، اُن کان ڪن لاٽار ممڪن ئي نه آهي.
’هونءَ وڏيري هل ڙي‘ جي آخر ۾:
پنهنجي ريٽي راندڙي،
ڇو ته وڏيرو ڏاندڙي.
جو ورجاءُ ان ڪوتا کي وڌيڪ با معنيٰ ٿو بڻائي.
مٿي مون عربي – فارسي بحر تي اياز جي مضبوط گرفت جي ڳالهه ڪئي آهي. عربي – فارسي بحر ۾ جتي ڪجهه رعايتون مليل آهن، اتي انهيءَ ۾ کوڙ پابنديون به آهن، انهيءَ ۾ سڀ کان وڏي پابندي آهي، رڪنن جو پورائو. مثال طور ’فاعلاتن‘ آهي، ان ۾ رڪنن پٽاندر ئي لفظ فٽ ڪرڻا آهن: ’جوڙو - اڪي - جوڙو جوڙو‘ ان کان ٻاهر ناهي نڪرڻو. انهيءَ پابنديءَ هي شعوري/لاشعوري طور تي ڪافي گو شاعرن ٽوڙيو. ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعريءَ جو مزاج سريلو آهي، تنهن ڪري ڪافيءَ ۾ انهيءَ بحر کي به سنڌي شاعريءَ جي سريلي روايت پٽاندر ئي ورتايو ويو – پر انهيءَ بحر کي مڪمل طور تي سنڌي مزاج سان ٺهڪائڻ لاءِ جس وري به اياز لهڻو. اهو صحيح آهي، ته مُهڙ ۾ خود اياز جي شاعريءَ ۾ انهن رعايتن جو واهپو ملي ٿو:

’ڳاءِ پيارا ڳاءِ! هيءَ درو ديوار ناهي پائدار
ڪهڙي پياري رات آ!
(’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۱۹۸۹ع ص – ۹۱)
’ترس اي حسنِ ازل!
اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!‘
(’ڀونر ڀري آڪاس‘ ص – ۹۲)
عربي - فارسي بحر جي انهن رعايتن جي واپي کي اياز جائز پڻ سڏيو آهي:
’مان وائي، نظم، آزاد نظم، نظم، قطع ۽ غزل ۾ زير اضافت، همزه اضافت..... جو محدود استعمال اعتراض جوڳو نٿو سمجهان.‘ (’ڀونر ڀري آڪاس‘ پيش لفظ ص – ۳)
۽ ان جو ڪارڻ ٻڌائيندي، اياز ساڳئي صفحي تي ’سنڌي زبان ۾ شعر تي فارسي ۽ اڙدو زبان ۽ شعر جي ڪافي اثر‘ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪر ٻن سون سالن تي محيط آهي. مون پهرين به چيو آهي، ته عربي – فارسي بحر ۾ اهي جائز رعايتون آهن ۽ اياز جي ٽهيءَ کي ويجهي ۾ ويجهي شعري روايت به اهائي هئي، ۽ اياز انهن رعايتن کان منحرف ٿيڻ کان ’اسان جي ٻوليءَ ۾ شعر لاءِ مضر‘ ٿو سمجهي، پر خود اياز پهرئين ئي شعري مجموعي ’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾، شعوري/لاشعوري طور تي انهن شعري رعايتن کان منحرف ٿيڻ لڳو آهي:
وري ڪونج ڪرڪي
وري جوت جرڪي
وري ڄاڻ ڄرڪي
اُٿي ميت، ڪرڪي! (’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ ص – ۱۲۴)
اهو نج سنڌي لهجو آهي، ۽ اتان ئي اياز جي پنهنجي اصل ڏانهن موٽ جو پتو پوي ٿو. ائين هو هڪ اهڙي اعليٰ ترين ڪارنامي سرنجام ڏيڻ لاءِ مستعد ٿي ٿو وڃي، جيڪو نه رڳو هن جي پنهنجي دور کي متاثر ٿو ڪري، بلڪ ايندڙ زمانن (مستقبل جي مستقبل) کي به متاثر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو، ۽ اهو اعليٰ ترين ڪارنامو آهي:
’پنهنجي اتهاسڪ - پرمپرا سان پاڻ کي جوڙي رکڻ.‘
ماضيءَ جي ماضيءَ سان رشتو جوڙڻ ڪو سؤکو ڪم به ڪونه هو. انهيءَ جاکوڙ جي راهه ۾ انيڪ خطرا هئا. سڀ کان وڏو خطرو ته اها روايتي بي تعلق دور جي کاهي ۽ ان جا رجعت پرست رکوال هئا، جيڪي انهيءَ اڌاري ۽ اوپري روايت جي بيٺل ۽ سينواريل تلاءُ ۾ پٿر اڇلائڻ کي ڪفر ٺهرائي چڪا هئا، سنڌ جي، سنڌين جي ۽ سنڌ جي اتهاس جي ڳالهه ڪرڻ واري کي واجب القتل قرار ڏئي چڪا هئا:
سنڌڙي تنهنجو ناءُ ورتو،
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
اياز وٽ فن ۽ مقصد کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري پرکڻ کي ڪابه معنيٰ نه آهي، پر هتي مقصديت يا افاديت جي اها عام معنيٰ نه آهي جيڪا پوري ترقي پسند شاعريءَ تي ٿاڦي ويندي آهي.
اياز جي شاعريءَ ۾ جنهن ردم جو ذڪر مون ڪيو آهي، اُهو لوڪ - ردم اسان جي خمير ۾ ڳوهيل سوهيل آهي. اياز، انهيءَ ردم، يا اڃا به وسيع معنيٰ ۾، ته شاعريءَ جي انهيءَ لوڪ - گڻ کي روايتي دور جي صنف غزل تي به اپلاءِ (Apply) ڪيو آهي، توڙي جو اُهي عربي - فارسي بحر تي آڌارڪ آهن:
جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اَڻاسي!

جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناهي،
ڏونگر ڏري پيو آ، ساهس ته ڌار ساسي! (’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ص – ۳۲۰) 
اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متان ائين سمجهي، مُئا مور سارا!
عربي - فارسي بحر جي  انهن رعايتن مان لاڀ يقينن پرائي سگهجي ٿو، پر اڳتي هلي اياز پاڻ به انهن رعايتن کي ٿڏي ڇڏيو آهي. لتاڙيل پيچرن تي پنڌ ڪرڻ بدران، اياز پنهنجا نوان گس گهڙيا آهن:
تون پر جهندين نه پانڌي، جا لوڏ آ لڪن ۾،
سا راهه راهه ناهي، جا آ سڌي سنواٽي. (’ڪلهي پاتم ڪينرو!‘ ص – ۷۱)
’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۾ اهو هڪڙو ئي غزل آهي، جيڪو عربي - فارسي عروض تي چيل آهي ۽ ان ۾ عروض کي سنڌي مزاج پٽاندر ورتايو ويو آهي. انهيءَ ساڳئي مجموعي ۾ اياز، ’غزل‘ کي ’گيڙو ويس‘ پهرائي، نج سنڌي صنف جو رتبو عطا ڪيو آهي.
’وائي‘ جيڪا سنڌي شاعريءَ جي اهم ۽ منفرد صنف آهي ۽ جنهن لاءِ اياز پنهنجي پهرئين مجموعي ’ڀونر ڀري آڪاس‘ (۱۹۶۲) ۾، عربي – فارسي بحر جي استعمال ۽ ان جي جائز هئڻ جو جواز ٿو پيش ڪري، اُها ئي ’وائي‘ هڪ سال جي وٿيءَ کان پوءِ ڇپجندڙ سندس ئي مجموعي ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (۱۹۶۳ع) ۾ گهاڙيٽي ۽ موضوع جي لحاظ کان هڪ بلڪل مختلف وائي آهي: 
ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ،
روز وڪاڻي، هاءِ نماڻي، وينگس وچ بزار،
پٺتي موڙ مهارَ. الو ميان، پٺتي موڙ مهار،َ
ڪافر مومن ناهيان وو، ڪافر مومن ناهيان وو،
بادل ڙي، بادل ڙي، منهنجا نيڻ نٿا بس ڪن. 
’اياز‘ بحر وزن، ردم جو نرماڻ آهي:
’عظيم شاعر بحر وزن ٺاهيندا آهن، بحر وزن عظيم شاعر ٺاهي نه سگهندو آهي.‘
(اياز: ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ص – ۴۱)
’اتهاسڪ - پرمپرا سان پاڻ کي جوڙي رکڻ‘ وارو اعليٰ ترين ڪارنامو، اياز جي ڏات جو ئي ڪرشمو آهي ـ ان جو ڏس اسان کي سڀ کان پهرين سڳن آهوجا ڏنو آهي. نارائڻ شيام جي شعري مجموعي ’روشن ڇانورو‘ تي هڪ ڀرپور مهاڳ لکندي، سڳن انهي اعليٰ ترين ڪارنامي جو کوج لڳايو آهي. سڳن انهيءَ مهاڳ لکڻ جي جوابداري پاڻ تي ان لاءِ کنئي هئي، ته جيئن:
’شيام کي سندس قوتن جو آئينو ڏيکاري سگهان.‘
۽ ڇاڪاڻ ته نارائڻ شيام جي شاعري وقت جي دائري ۾ محدود نه آهي ۽ شيام سنڌي شاعريءَ جو نهايت شاندار، روشن ۽ لازوال باب رقم ڪيو آهي، ان ڪري به سڳن انهيءَ جوابداريءَ کي محدود نه رکي سگهيو آهي، ۽ جوابداريءَ جي انهيءَ دائري کي هو لطيف، بيوس، اياز ۽ شيام جي حوالي سان، جديد کان قديم نئين کان ڪلاسيڪل – اڄ کان ڪالهه تائين وسيع ڪري ويو آهي. انهيءَ آئيني ۾ سڳن اهڙا عڪس ۽ اولڙا پسائي ويو آهي، جيڪي ان کان اڳ اسان جي نظرن کان اوجهل هئا. سنڌي شاعريءَ ۾ اياز جي جيڪا دين آهي. ان کي سڳن ’ٻي سجاڳي‘ سڏيو آهي:
’هن (اياز) سنڌي شاعريءَ کي نئون ذهن، نئون شعور ڏنو، نئين انفراديت، نئين آفاقيت ڏني، سڀ کان وڌيڪ هن پنهنجي بيگاني فن ۾ شخصيت سان سنڌي شاعريءَ کي نئين ليءِ، نئون لوچ، نئين تاثر ڏنو.‘ (’روشن ڇانورو‘ ص - ۲)
اُهو مهاڳ سڳن ۱۹۶۱ع ۾ لکيو آهي. اهو ئي دور آهي، جڏهن نئين سنڌي شاعريءَ جو اُهاءُ ٿي رهيو هو. ان دور جا حقيقي شاعر، فارسيت زده اڌاري ۽ اوپري روايت کان بغاوت تي آماده ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجي لوڪ – ڪلاسيڪل اتهاس سان رشتي جوڙڻ لاءِ شعوري/لاشعوري طور تي جاکوڙي رهيا هئا، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين رنگ – رتا گيت گونجڻ لڳا هئا:
سنڌڙي ساري ڳاڙهو کنهبو ٿي ويندي تيسين
۽ جي ان تي منهنجي ڦلڙيون ڏات ڏسين. (’روح رهاڻ‘ ۱۹۶۸ ص – ۱۸)
     سڳن انهيءَ دور کي ’نئين  سجاڳي‘  (RENAISSANCE) سڏيو  آهي،
’هن نئين سجاڳي جو سرچشمو اسان جي ان پاڪيزه جذبي ۾ آهي، جنهن جذبي جو راس اچڻ سنڌيت کي قائم دائم رکڻ ۽ ان جي ڦلڻ – ڦولڻ جي هم معنيٰ آهي.‘ (’روشن ڇانورو‘ ص – ۴)
۽ ڇاڪاڻ ته ’سنڌيت‘ جو اهو پاڪيزه جذبو زمان ۽ مڪان جي حد بندين کان آجو آهي، ان ڪري اهو نئين سجاڳيءَ جو دور به ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي، تائين پکڙيل آهي، ۽ اياز انهيءَ پوري دور جو سرواڻ شاعر آهي. اهو اياز ئي آهي، جنهن اسان ۾ ’سنڌيت‘ جو اهو پاڪيزه جذبو ٻيهر جاڳائي، اسان کي جيئڻ جو ساهس بخشيو آهي:
هي جي پٿر پَٽِ، جن ۾ چُر پُر ناهه ڪا،
جي تون چورين چنگ کي، جاڳي اٿن جَهٽِ،
گونج نه ڀانئج گَهٽِ، ڀڙڪي ته ڀنڀٽ ٿئي.

پُرجهي هر پرڏيهه ۾، ڏات کنيم ڏيهي،
پيڙا جي هر پور ۾، ڏيهه ڏٺم پيهي،
سنڌڙي تو جيهي، ڌُنِ نه آ ڪنهن ديس ۾. (ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ۱۹۸۶ - ص - ۲۳۵)

هي جو ڏؤنرن ڏيهُه، مون کي مليو ڏاج ۾،
اهڙو ڪو ساڻيهه، آءٌ نه ڀانيان ڀُونءِ تي. (’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ۱۹۸۶ع ص - ۱۷۰)
سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ نئين ۽ سڀاويڪ لاڙي کي، ’نيون ڌارائون يا رجحان‘ جي عنوان هيٺ، سڳن آهوجا:
’نئين ڪلاسيڪل Neo – classical شاعري‘ جي اصطلاح سان اجاگر ٿو ڪري:
’مذڪوره نئين سجاڳيءَ جي ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ رجحان آيو آهي: وقت جي تقاضائن مطابق ڦير گهير ڪرڻ سان، پنهنجي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي نئين سر جاڳائڻ.‘ (’روشن ڇانورو‘ ص – ۱۶)
پر ان ڏس ۾، جيستائين اياز جو تعلق آهي، ته انهيءَ اصطلاح کي، اڃا به وسيع پسمنظر ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪندي، مون انهيءَ کي ’نئين- لوڪ - ڪلاسيڪل Neo - Folk - classical شاعري‘ جي اصطلاح سان اجاگر ڪيو آهي. سڳن آهوجا سنڌي شاعريءَ جي اُجري آئيندي جا سپنا ڏٺا هئا، ڪاش! اسان جي دور جو اهو اهم شاعر ۽ سنڌي شاعريءَ جو اهم نقاد، اڄ اسان ۾ موجود هجي ها، ته اياز جي پوکيل ’سپني – ول‘ تي ساڀيان جا ٽڙيل رنگا رنگ ڦول پسي، ڪيڏو نه اتساهه ماڻي ها.
اياز جي شاعريءَ ۾ هڪ مخصوص ردم، ليءَ ۽ سُر آهي. اياز جي بيت جو ئي جيڪڏهن مثال وٺجي جنهن لاءِ خود اياز جا پنهنجا لفظ آهن ته:
’بيت سنڌي زبان جي منفرد صنفِ سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ مقفيٰ شعر ۾، هم - قافيا لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن.‘ (’ڀونر ڀري آڪاس‘ ص – ۲)
ته اياز جي بيت جو گهاڙيٽو به اهو ئي آهي، جيڪو ڪلاسيڪل بيت جو آهي، يعني ڇند تي آڌارڪ، پر بيت جي هر پد ۾ اکرن جي گهڙت ۽ جڙت هڪ مخصوص ردم کي جنمي ٿي: 
سدا ڪويل ڪنٺ ۾، سرجي ٿو ساوڻ،
برکا رُتِ جي باک ڪا، جرڪي پئي ڄڻ،
ويٺا ٿي وڻ وڻ، جهوميو جنهن جي جهانءِ ۾. 
بيت نه رڳو سنڌيءَ جي مزاج وٽان هڪ آڳاٽي ۽ اهم صنف آهي، پر اها هڪ ڏکي صنف پڻ آهي. ان صنف کي صحيح نموني نڀائڻ لاءِ وسيع مشاهدي، مطالعي جي ضرورت آهي، ان سان گڏوڏ ٻوليءَ تي قدرت لازمي آهي، جيئن اياز چيو آهي:
’دراصل سٺي سنڌي بيت، جي تخليق نهايت مشڪل آهي، ۽ سٺو بيت اهو ئي ٿو لکي سگهي، جنهن کي روح ۾ رواني ۽ ٻوليءَ تي به انتها قدرت هجي. سنڌي بيت الهامي شعر آهي، آيت آهي.‘ (’ڀونر ڀري آڪاس‘ ص – ۲)
اياز، سنڌي شاعريءَ جي بنيادي، اهم، منفرد صنف ’بيت‘ کي تصوف جي ڍير مان ڪڍي، اُجاري، نون موضوعن سان آشنا ڪري، جيڪا وسعت بخشي آهي، اُهو وڙ – سوڙ اسين ڪڏهن به وساري نٿا سگهون:
هو جو اخبارون، ساجهر سانجهيءَ آئيون،
ڪارنهن ۾ ڪارون، لڪي ويون لوڪ جون. (ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ص -۲۷۰)
گهگهو وڳو گهگهه ۾، ڏني جهپ جهاز،
ڦاٽا وڏي ڦاٽ سان، بمن مان آواز،
هي آزاديءَ راز، اک نه ڇنڀن آدمي!

مٿن پاٻوڙا ٻڌي، جهاڳين پيا جهنگ،
اڳ نه واسينگن ڏٺا، ڪڏهن هيئن نسنگ،
وڻن وجهي ونگ، ٽارين تي کسڪي ويا. (’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ ص -۲۷۷) 

چمنيءَ مٿان چنڊ، موهي ماڻهوءَ هينئڙو
وسڪيءَ وچ گلاس ۾، سٽو، ساٽو، ريس
جهرمر شامَ، ماڻهو پاڇا موت جا
اونهي اونداهه لحد، اندر ماڻهوءَ هانوَ،
ٻاهر ناتا، نانو، جَڙ نه ڪائي جيءَ جي.

ڊيزل دونهون بس جو، چنڊ، ڪراچيءَ رات،
رڪشا روڪي وئشيا، سوچي گاهڪ گهات،
ڪئفي .... شاعر .... بات، ڪافيءَ ڪوپ، مشاعرو.

هو سڀ لينن واد جي، ڪفن ۾ ڪيڙا،
هو ڇا ڄاڻن سنڌ جا آڌيءَ اوسيڙا؟
پيڙهين جي پيڙا، ڪوٽَ ڪڙا ۽ ماريون!
(’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ ص – باب: ڪراچيءَ جا ڪُن) 
سنڌي شاعريءَ ۾ ’قافئي‘ کي هڪ نرالي سونهن آهي. اياز جي هونئن ته پوري شاعريءَ ۾، پر خاص طور تي ’بيت‘ ۾ ’قافئي‘ جي اَمئي سونهن آهي: 
مُهريءَ مٿان هَٿَ، لٿي اُس آکاڙجي،
پگهر ڦڙو نرڙ تان، لهي پڳو نَٿَ،
موتي ڪهڙي وَٿُ، اُن ۾ مهڪ نه منڌ جي. (’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ص – ۱۶۵)
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته ’بيت‘ جيڪو ڪلاسيڪل دور کان پوءِ سگهڙن جي اڻ گهڙين هٿن ۾ هليو ويو هو، اُن کي اياز، نئين سونهن، سوڀيا ۽ گهرائي عطا ڪئي ۽ انهيءَ املهه ورثي کي هميشه هميشه لاءِ گم ٿي وڃڻ کان بچائي ورتو. پيڙهين جي پورهئي کي وئرٿ وڃڻ نه ڏنو:
’ڪير ڄاڻي ته پيڙهيءَ پيڙهيءَ جي رت ۾ اُهو،
ڇا پلجندو اچي ٿو، جو اوچتو ڪنهن انسان،
مان اُڀري لفظ، رنگ يا پٿر کي زندگي بخشي ٿو.‘ (’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ ص - ۵۳)
۽ اياز اسان جو اهو ڏات ڌڻي آهي، جنهن وٽ صدين کي سٽ ۾ سموهڻ جي ڏات آهي، ۽ اياز جهڙي امراتهاسڪار، جنهن لاءِ ’وڏو، مهان ۽ عظيم‘ جهڙا لفظ به ڏاڍا ننڍڙا ٿا ڀاسن، تي هي ليک لکندي، مون کي اهو شدت سان احساس ٿيو، ته اياز جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي مسلسل ۽ پوري ڌيان – گيان سان لکڻ جي بيحد ضرورت آهي. اياز جي سنگيت - ۾ ٻولي، اکر – ڀنڍار، موضوع، گهاڙيٽا، صنفون، لهجو، تشبيهون، ڪردار، اصطلاح، جدت، قدامت، آفاقيت ..... اهي سڀ اياز جي شاعريءَ جا مختلف عنوان ڀن ڀن وشيه آهن. جن تي ڀرپور انداز سان لکي، اسين پنهنجي امر اتهاس جي اُجري آنهريءَ ۾ پنهنجو روپ – سروپ پسي سگهون ٿا:
مان ئي ٿر جي ريت هان، مان آئي هان آڪاس،
مان ئي ماڪ ملير تي، تارن هيٺان تَلَ. (ڪپر ٿو ڪُن ڪري ص – ۱۷۸) 
ڳهيليون پائن ڳهه، مون تي هَسڻ ڪياوَ جو،
جڏهن ڳاتو مون، وڻ ٽڻ موريا ماڪ ۾. (’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ ص – ۱۷۵) 
وينديس سج سمانَ، موٽي ملڪ ملير ڏي،
جئن جئن تنهنجي جاڙ، تيئن مان سرسي سونهن ۾،
ڏسي ڦول ڦڪو ٿئي، مان جي کڻان مُنهن،
سَتُ سدائين سج سِجَ جان، جرڪائي ٿو جيءُ. (’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ص – ۱۷۳) 
اياز، مقدار ۽ معيار جي لحاظ سان، اهڙو ۽ ايترو ڪجهه ڏنو آهي، جيڪو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سگا پاران ملهايل ’سچل ڪانفرنس‘ ڀيري جڏهن اياز سان اسين ملڻ وياسين، تڏهن اياز پنهنجي نئين رچنا ’الوداعي گيت‘ بابت ٻڌايو هو. ’الوداعي گيت‘ پهريون ڀيرو ’سهڻي‘ جي ’اياز نمبر‘ ۾ اسين پڙهي سگهنداسين. ڇا ’الوداعي گيت‘ اياز جي آخري تخليق هئي؟ ’وڇوڙي جو گيت‘ پر نه اياز انهيءَ کان پوءِ به سوين صفحا لکيا آهن، جيڪي سنڌي ادب جا صحيفا بڻجڻا آهن. زندگي ڪيڏي به مختصر آهي! اياز انهيءَ مختصر زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه لکڻ ٿو چاهي. وقت تي سوڀ پائڻ ٿو چاهي:
’مون کي گهڻو ڪجهه لکڻو آهي، سوچ ته مون اڃا ڪجهه لکيو ئي ڪٿي آهي!‘ 
تارا ڪجهه ترسو اڃا، اڃا ڪجهه لکان،
جي تون سرجڻهار، جيءُ انوکو جڳ ۾،
واري پنهنجي جندڙي، جوڙ اُهو جنسار،
توکان پوءِ سنسار، سرس ٿئي ڪجهه سونهن ۾. 
اياز جي جندڙي ڪلا لاءِ آهي ۽ ڪلا جو ڪو ڇيهه نه آهي. نئين جنسار جوڙڻ وارو اياز، پوري سنسار کي جندڙي واري به سرس سونهن ڏيڻ جي چاهنا رکڻ وارو اياز، پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي امرتا ماڻي چڪو آهي:
’...... ماءُ کي چئجانءِ ته بابا به ته آهي. سنڌ کي ڪوئي ماري نٿو سگهي.‘
(ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ص – ۱۸) 
اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،
اڄ رات لهوءَ جي ڇوليءَ ۾،
ڪجهه آهن منهنجون رتُ ڦڙيون،
جي گيت لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.
(سهڻي: اياز نمبر ۱ تان ورتل)

No comments:

Post a Comment