06/12/2012

شعري مجموعو ’پيار، پن ڇڻ ۽ وفا‘ - مرتضيٰ سيال


وفا حاڪم وساڻ جو شعري مجموعو
’پيار، پن ڇڻ ۽ وفا‘
مرتضيٰ سيال
لفظن کي جڏهن سوچ جي سرهاڻ ۽ خيالن جي گهرائي ڇهي ٿي ته اهي خوبصورتيءَ جي رنگن ۾ رچي وڃن ٿا. احساس ته هر انسان وٽ موجود آهن، پر شاعر انهن احساسن کي لفظن جي زبان ڏئي ٿو. شاعري لفظن جي اهڙي مصوري آهي جنهن سان شاعر پڙهندڙن جي دل تائين پهچي ٿو. مصور پنهنجا خيال ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ برش ۽ رنگن جو سهارو وٺي ٿو، جڏهن ته شاعر پنهنجن خيالن کي خوبصورت لفظن جو لباس پارائي ماڻهن سان هم ڪلام ٿئي ٿو.
سنڌ ۾ ڪافي وقت کان نثر جي ڀيٽ ۾ شاعري وڌيڪ سرجي ٿي. سنڌ جي نوجوان شاعرن سنڌي شاعريءَ کي نوان لاڙا ۽ خوبصورت تشبيهون ڏيڻ جي حوالي سان به پاڻ ملهايو آهي. سنڌي شاعري هاڻ رڳو محبوب جي سحر ۾ وڪوڙيل هئڻ بجاءِ پنهنجي ديس ۽ ديس وارن جي درد جو اولڙو به آهي. هڪ سچي ۽ ڪميٽيڊ شاعر لاءِ اظهار جي جادوگري بجاءِ ڌرتي ۽ سماج سان واڳيل هئڻ ضروري آهي. محبوب ۽ پيار به پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ ضروري آهن پر ڌرتي جو عشق ۽ ان جي دردن جي ترجماني ڪنهن به سڄاڻ ۽ ڪميٽڊ شاعر لاءِ بنيادي گهرج آهي.
شاعرن جي ڊگهي قطار ۾ ’وفا‘ حاڪم وساڻ به بيٺل آهي، جنهن جا ٽي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. هڪ ’اجرا ڳوڙها، ميرا ڳل“ 2003ع ۾، ’چنڊ نيڻن ۾‘ 2005ع ۾، ۽ سندس ٽيون مجموعو پيار، پن ڇڻ ۽ وفا‘ منهنجي سامهون آهي.
وفا حاڪم وساڻ بناوٽي روين ۽ اجائي لفاظي کان پري بنهه سڌي، سادي ۽ عام فهم انداز ۾ پنهنجي خيالن کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ وارو شاعر آهي. هو پيار جو اظهار به نهايت نهٺائيءَ سان ڪري ٿو ته ساڳي وقت پنهنجي ديس، ثقافت، توڙي ٻوليءَ سان به واڳيل نظر اچي ٿو. سندس خيال نهايت سادا ۽ معصوم آهن.
دنيا ۾ مشهور ثقافت اسان جي،
ٽوپي اجرڪ آهي سڃاڻپ اسان جي.
اچو سنڌ واسيو وچن هي ڪيون.
ٽوڙي نه سگهندو ڪو طاقت اسان جي.
آئون شاعر ناهيان، جنهنڪري مون کي شاعريءَ جي فني گهرجن جي ڪا گهڻي خبر ناهي، پر هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان اهو چئي سگهان ٿو ته وفا حاڪم وساڻ ڪنهن به خوش فهميءَ ۾ مبتلا ناهي ۽ نه ئي وري پاڻ کي وڏي شاعر ثابت ڪرڻ جي اجائي ڪوشش ۾ رڌل آهي. هو اهڙو شاعر آهي، جيڪو نهايت سچائيءَ سان پنهنجا خيال جيئن جو تيئن پيش ڪري ٿو. سندس خيال سادا ۽ سوچ تمام گهڻي هاڪاري آهي. سندس هيءُ چؤسٽو پڙهي ڏسو:
آءُ ته دوست هيءُ اڄ وچن ڪريون،
دلين مان ڪڍي نفرت دفن ڪريون.
ڇڏي هي جهيڙا وير ۽ ڪِينا ’وفا‘،
سنڌ ڌرتيءَ تي سدا امن ڪريون.
شاعريءَ ۾ اظهار جو سادو انداز تمام گهڻو وڻندڙ هوندو آهي، پنهنجي ڳالهه بلڪل چٽائيءَ ۽ سادي انداز ۾ پيش ڪرڻ سان عوامي شاعر بڻجي سگهجي ٿو. وفاق حاڪم وساڻ به عوامي شاعر واريون گهرجون پوريون ڪري ٿو. سندس هي چؤسٽو پڙهي اندازو ڪري سگهجي ٿو:
ماريو تنهنجي موهه ميان!
منهنجو ڪونهي ڏوهه ميان!
ڪيئن سنڀاليان مان اڪيلو،
هي دردن جو انبوهه ميان!
وفا حاڪم جي هن ٽئين مجموعي ۾ رڳو چؤسٽا نه، پر ٽه سٽا، غزل، نثري نظم، وايون، بيت ۽ نظم به شامل آهن، پر سڀ کان وڌيڪ تعداد غزلن جو آهي. سندس شاعري جي فني پاسن تي ته ڪو نقاد ئي وڌيڪ راءِ ڏئي سگهي ٿو، پر مون کي ’وفا‘ جي غزلن سان گڏوگڏ نظم، نثري نظم توڙي چؤسٽا به وڻيا. هي پيار جو شاعر هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سماج سان به سلهاڙيل آهي. سندس شاعري ۾ سهڻي سوچ سان گڏوگڏ جذبن جي سچائي به موجود آهي، جنهنڪري کيس خوبصورت جذبن وارو سرت ڀريو شاعر چئي سگهجي ٿو.
وفا حاڪم وساڻ جي هڪ غزل جا ڪجهه بند پڙهي، توهان به منهنجي راءِ سان سهمت ٿيندؤ.
آس تو سان ملڻ جي رهي من ۾،
تڙپ توکي ڏسڻ جي رهي من ۾.
گفتگو فون تي ٿي گهڻي ئي مگر،
آس سامهون ٻڌڻ جي رهي من ۾.
وفا حاڪم پنهنجي ڪوتا ڪتاب ۾ ”پنهنجي پاران“ ۾ ڏاڍي سُٺي ڳالهه ڪئي آهي. هو لکي ٿو: پيار، پن ڇڻ ۽ وفا جي ڪنهن سٽ، ڪنهن پڙهندڙ جي دل تي مُرڪ آندي هجي يا ڪي پل هن کي منهنجو درد، پنهنجو محسوس ٿيو هجي يا ان کي ڪو نئون گس مليو ته اهو ڄڻ مون لاءِ وڏو اعزاز آهي.“ اها سوچ ۽ اهو احساس صرف اهل دل ۽ انسان دوست ماڻهو وٽ ئي ٿي سگهي ٿو. اڄ جڏهن هر پاسي کان نفرتن جي باهه ٻري رهي آهي ۽ ساڙ، ڪيني توڙي مفاد پرستي جو واسو هجي اتي اهڙي هاڪاري سوچ ۽ روين جي تمام گهڻي اهميت ئي نه، پر ضرورت به رهي ٿي. اسان قلمڪار لڏي مان اڪثريت پنهنجي ذات ۾ انجمن بڻيل آهي. واهه واهه ۽ شخصيت پرستي واري ٻوڏ اسان کي نه رڳو حقيقت پسنديءَ کان پري ڪري ڇڏيو آهي پر ادبي اوسر کي به ڇيهو رسايو آهي.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ ۾ تمام گهڻو ادب لکيو، ڇپيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، پر نورالهديٰ شاهه چواڻي اُن ۾ نج ادب ڪيترو آهي، اهڙو فيصلو ڪرڻو پوندو. اسان جا نوجوان قلمڪار سٺو لکن ٿا. سندن خيالن ۾ نوان سان گڏوگڏ ڪافي پختگي به آهي، پر سندن فني سگهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ مطالعي جي ضرورت آهي. واهه واهه وارو ڪلچر قلمڪارن کي وڌيڪ محنت ۽ مطالعي کان پري رکي ٿو. وفا حاڪم وساڻ سميت سڀني نوجوان تخليقڪارن کي منهنجي اِها ئي صلاح آهي ته مقدار بجائي معيار تي ڌيان ڏين ۽ پنهنجي تخليقي سگهه ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ مطالعي کي وسيع ڪن.
”پيار، پن ڇڻ ۽ وفا“ جي آخر ۾ ليکڪن ۽ دوستن جا رايا شامل ڪيا ويا آهن. اها ڳالهه سٺي نه لڳي. شاعريءَ جي ڪتاب ۾ شاعريءَ کان پوءِ رايا ڏيڻ بجاءِ اهي ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي مختصر طور شامل ڪجن ها، ته بهتر هو. وفا حاڪم لاءِ دُعا آهي ته ساڳي اتساهه ۽ جذبي سان پنهنجو فني سفر جاري رکي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ خوبصورت شاعري پڙهندڙ تائين پهچائي.

1 comment: