پيار پن ڇڻ ۽ وفا
دريا خان شنباڻي
جنهن ديس ۾ محبتون نيلام ٿينديون هجن. چاهتون قتلام ٿينديون هجن....
۽ جڏهن هڪ قلمڪار پنهنجي قلم ذريعي هن سماج جي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائڻ جي ڪوشش ڪري
ته يقيناً تبديلي جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هي دؤر جيڪو ڌوڪي ڪوڙ ۽ ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو دؤر
آهي، تنهن دؤر ۾ هڪ حساس طبيعت انسان جو جيئڻ ڪيترو نه ڏکيو هوندو! انهن حساس
طبيعت انسانن ۾ هن دؤر جا شاعر اڪثر پنهنجي قلم جو سهارو وٺي معاشري کي آئينو
ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن شاعرن ۾ اسان جو هڪ سادڙو شاعر وفا حاڪم وساڻ به آهي، جنهن ٿورڙي عرصي ۾ چڱو نالو ڪمايو آهي ۽ انهيءَ ٿورڙي عرصي
۾ شاعري جي دنيا کي ٽي ڪتاب ڏنا آهن. تازو وفا حاڪم جو ٽيون ڪتاب ”پيار، پن ڇڻ ۽ وفا“ مارڪيٽ ۾ آيل آهي. هن جي اڳين ڪتابن وانگر هن ڪتاب ۾ به دل جون
ڳالهيون ڏاڍي سادائپ سان ڇپيل آهن.
چاهتون
قتلام ٿي رهيون آهن،
محبتون
نيلام ٿي رهيون آهن.
هن
ڪوڙ ۽ فريب جي دور ۾ يا خدا!
چڱايون
بدنام ٿي رهيون آهن.
ڪوٽن
اندر قيد ڪي نياڻيون اڄ ڀي،
جوانيءَ
جي شام ٿي رهيون آهن.
سادي سلوڻي ٻولي سان سرشار وفا حاڪم وساڻ جي شاعري ادب جي سمنڊ ۾ هڪ
اهڙي لهر آهي، جيڪا بيچين آهي، ڪنهن ڪناري سان ٽڪرائڻ لاءِ.... جڏهن سفيد راتين ۾
اُجري من وارا.... دلين ۾ محبت پالڻ وارا... اکين ۾ محبوب لاءِ آشيانا اڏڻ
وارا.... پنهنجن پيرن ۽ پنبڻين سان ڏونگر ڏورڻ وارا.... پنهنجي خوابن جون ساڀيائون
سينگارڻ وارا عاشق وفا حاڪم جي شاعري پڙهندا ته پنهنجي دل جي رهنمائي ٿيندي محسوس
ڪندا.... اهي عاشق جن لاءِ دولت سڀ ڪجهه ناهي... انهن لاءِ درد به سوکڙيءَ وانگر
آهن.... اهي عاشق ڪيئن به آهن ٺيڪ آهن....
غلط
يا درست آهيان،
مان
حسن پرست آهيان.
جڳ
چيو دولت سڀ آ،
عشق
چيو امرت آهيان.
حاڪم جي شاعري ۾ چڀندڙ درد ۽ سڪون ڏيندڙ لمحا به آهن ته محبوب جي هٿن
۽ ڳلن جي لمس به آهي ته شاعري ۾ گرم ساهن جي ٿڌاڻ به آهي. سندس شاعري ۾ ڪائنات
جيتري وسعت رکندڙ مسڪراهٽ به آهي ته هلڪن ٽهڪن جا پڙاڏا به آهن.... ڪٿي وري جلندڙ
سڏڪا ۽ پايل جي ڇن ڇن جهڙي جهنڪار به آهي. سندس شاعري ۾ مينهوڳي مند ۾ ڪوئل جي
ڪُوڪ به آهي ته کليل فضا ۾ اڏامندڙ پکين جي چهچهاهٽ به آهي.... محبوب جي ٽلڻ جون
ڳالهيون ۽ مُرڪڻ جون باتيون به آهن.
تون
ٽلين ته رستا چارا چمڪن،
تون
مُرڪين ته ٻنيون ٻارا چمڪن.
دل
۾ تنهنجون ائين سنڀارون هن،
جيئن
اُڀ ۾ چنڊ ستارا چمڪن.
جيڪڏهن پاڻ شاعري جي اصولن جي تارازي کڻي وفا حاڪم جي شاعري کي تورڻ
ماپڻ لڳنداسين ته يقينن ڪيتريون خاميون سندس شاعري ۾ هونديون، پر پوءِ به سندس
شاعري ۾ دل جي ڳالهه سمايل هوندي ۽ لفظن جا ڪنڊا هو پنهنجي اندر ۾ چڀندي به محسوس
ڪري ٿو. تڏهن ته هن جي دل جي آڳنڌ مان شاعري اڀري نڪري ٿي.
پيار
جي راهه تي پير کڻبا،
ڪونه
ويهي سدا خار ڳڻبا.
ڪنڊا
لفظن جا هن گهرا ٿيندا،
سي
حرف ئي زخم نيٺ بڻبا.
وفا حاڪم جتي عشق محبت جون ڳالهيون ڪري ٿو، اتي هن وٽ ڌرتيءَ جي به
ڳالهه آهي.... اتي سنڌ سان به عشق ۽ محبت جي به ٻولي آهي.... اتي سنڌ جي نعري جو
جوش و جنون به آهي. اتي ڌاڙيل، ڌارئي ۽ وڏيري سان نفرت جون سٽون به آهن.
جيئي
سنڌ جي نعري سان خون ٿو تپي،
جو
اک ميري کڻي ڌرتيءَ ڏي دوستو!
ڇڏيون
هيڪر ان جو ڪنڌ ڪپي،
هو
ڌاڙيل هو ڌاريو هو وڏيرو،
نه
کپي، نه کپي ،حاڪم هرگز نه کپي.
انهيءَ سنڌ جي ريتن رسمن لاءِ به هُو سٽون سرجي ٿو. هو انهن ريتن
رسمن کي لِڪي ڇپي لفطن جي چادر اوڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.... جنهن چادر هيٺان ڪارو
ڪاري رسم به آهي ته عشق سان دشمني واري ريت به آهي.... انهيءَ محبت جي ڳالهه به
آهي ته جيڪا روز جيئي ٿي ۽ روز مري ٿي.... انهيءَ چاهت جي به ڳالهه آهي جيڪا
خوفزده آهي.... جيڪا محبت ڄڻ مري رهي آهي.... جيڪا لِڪي لِڪي ساهه کڻي رهي آهي....
انهيءَ محبت جي ڳالهه آهي.... انهيءَ چاهت جي خوشبوءِ جي ڳالهه آهي.
گلابن
کي ٽڙڻ ڏيو، او پن ڇڻ جا حامي!
پيار
پيار ڪرڻ ڏيو، او پن ڇڻ جا حامي!
حسرتن
جا سڀ وڻ ساڙيو نه ظالمو!
محبتن
کي وڌڻ ڏيو، او پن ڇڻ جا حامي!
منصوري
منشور کڻي نڪتو آهيان،
سچ
سولي چڙهڻ ڏيو، او پن ڇڻ جا حامي!
دُعا آهي ته اسان جي هن سادي سٻاجهي شاعر جي شاعري وارو قلم سدا تحرڪ
۾ هجي. منهنجي دل جي قريب هجڻ سان گڏ وفا حاڪم مفاصلي جي لحاظ کان به منهنجي قريب
رهندو آهي... اسان هڪٻئي کي تمام ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ پرکيو آهي... انهيءَ پرک ۾
وفا اُجري من وارو آهي... سدا مرڪندڙ چهرو پنهنجي اندر ۾ ڪيترائي غم ۽ ڏک کڻي
گهمندو رهندو آهي، تڏهن ته هن جي اندر مان هڪ آهه جهڙي دانهن نڪتي آهي ته:
عمر
گذرندي ٿي وڃي، ڪک جيان اڏرندي ٿي وڃي
يا
خدا! تنهنجي ٻاجهه گهرجي، هر خوشي وکرندي ٿي وڃي.
No comments:
Post a Comment