نادر ابڙي جو ترتيب ڏنل ڪتاب جو مھاڳ
”سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“
ڪامريڊ تاج
محمد ابڙو: سنڌ جو سُجاکو سڄڻُ
محمد ابراهيم
جويو
هن ڪتاب جو هيرو، ڪتاب جي لکندڙن جو ساهُه سُڌيرُ، دوست ۽
دلبندَ ساٿي، ميان تاج محمد ابڙو، پنهنجي ماءُ پيءُ جو هيڪلو سڪيلڌو پُٽ ۲ آگسٽ،
۱۹۲۴ع تي ڄائو ۽ ۱۰ مارچ، ۱۹۸۶ع تي وفات ڪيائين. پنهنجي عمر عزيز جا ۶۲ سال گذاري،
پنهنجي وطن پاڪ سنڌ کي خيرباد چئي، جا ڪجهه ڪمائي ڪيائين پوئتي ڇڏي، ڪجهه نه کڻي،
زمانَ ۽ مڪانَ جو اهڙو اڻ ڄاتو ”عالَم“ وڃي وسايائين، جنهن جو ڪنهن کي ڪو پَرو
پاندُ ڪونهي. حساس ۽ باشعور زندگيءَ جي هن حيرت ڀَـرئي مَنظر جي سبق آموز ۽ درديلي
اِها ”تقدير“، ٿوري گهڻي فرق سان، نوع انسانَ جي هر فرد لاءِ اٽل آهي.
مرحوم تاج محمد ننڍي کان ئي پيءُ جي سهاري کان محروم رهيو.
ڄمڻ کان ترت ئي پوءِ سندس نيڪنام، پنهنجيءَ هوند سوند وارو پيءُ، ميان قادر بخش
خان ابڙو گذاري ويو. هن پنهنجو سڄو ننڍپڻ پوءِ پنهنجي پڙهيل ڪڙهيل ڀيڻ، مائيءَ
فاطمه جي گهر گذاريو، جنهن کي (قدرت جي اها ڪارِ هئي!) پنهنجو اولاد ڪونه هو.
ننڍڙو ”تاج“ ان طرح پنهنجي راڄائتي، بامُروّت ڀيڻوئي ميان حاجي محمد عثمان خان،
جيڪو پنهنجي ڏينهنِ جو هڪ منصف مزاج، صلح پسند، عوام دوست پوليس آفيسر هو، تنهن جي
زيرِ تربيت رهيو. پيارَ ۽ پنهنجائپ واري اهڙي گهر جي ڇانوَ ۾ رهندي، زندگيءَ جي
ٿڌي ڪوسي سهندي، ڏسندي ٻڌندي، هن پنهنجي ابتدائي ۽ اعليٰ تعليم جا ڏاڪا پار ڪيا.
ننڍن وڏن تجربن مان گذرندي، مشاهدا ماڻيندي، سمجهندي ويچاريندي، نوجوانُ تاج محمد
ڪچَ مان ڪُندن بڻجي نڪتو. صاف ۽ سالم سکيا ۽ صحيح سوچ جي املهه زيورن سان سينگارجي
هن پوري اعتماد سان زندگيءَ جي ننڍين ۽ وڏين ذميدارين جا ڳرا بار کنيا ۽ پوري هيج
۽ همت سان نباهيا. نيڪ طبع، پورهيت ۽ دعاگو گهر ڌياڻيءَ، بيگم حاڪم زاديءَ مان پنج
پٽ ٿيس: مير نادر علي، حيدر علي، گوهر علي، مظهر علي ۽ ذوالفقار علي ۽ چار
سُلڇڻيون ۽ سُوڙيون ڌيئرون: خالده، عابده، شاهده ۽ زاهده، جن مان تقريبن سڀ ڌيئرون
۽ صالح ۽ سياڻا پٽَ اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل آهن. مير نادر علي ابڙو
۽ نياڻيون چارئي پنهنجي پنهنجي گهر تَڙ ۽ اولاد عيال سان خوش ۽ خرم آهن. سندن ننڍا
چار ڀائرَ به روزگار سان واڳيل آهن ۽ زندگيءَ جي پنهنجن پنهنجن نيڪ ارادن جي
ڪامياب کاهوڙپ ۾ دل ۽ جان سان مصروف آهن. سندن سَدگڻي ماءُ، جيڪا ساهَه سيباڻيندڙ
سندن پيءُ ۽ مٿن پاڻ گهوريندي رهي، پنهنجي صالح اولاد جي دعائن لاءِ حال حيات آهي.
سنڌ جو هيءُ سچو هيرو، تاج محمد ابڙو، جنهن جي سنگتين ۽
ساٿين، باوفا دوستن، سندس ارڙهين ٻارهئي تي پنهنجين محبتن ۽ پيارين يادگيرين جا ٻه
ٻه اکر ۽ عقيدت جا گُل ميڙي چونڊي هن ڪتاب ۾ آندا آهن (تن سان شامل راقم جو دلي
نذرانو به اندرين صفحن تي اوهين موجود ڏسندا).
تاج محمد ابڙو جيئن هو ۽ جيڪو هو، اسان سڀني جو دلبر يار
هو. هُو سنڌ جو سُجاکو سڄڻ هو، جيئن هن ڪتاب ۾ آيل احوالن مان اوهين ڏسي سگهندا.
هن ازل ۽ ابد جي ڪائناتي دنيا ۾ هن کي جو وارو مليو، سو پنهنجو وارو هُو خوب وڄائي
ويو. شاهه لطيف جي امر لفظن ۾ پاڻ سڀني مان ۽ اسان کان پوءِ جيڪي پنهنجي واري سان
ايندا، تن سڀني مان هڪ هڪ لاءِ ”هوڪار“ به اها ئي آهي: ”کٽين جي هارائين، هنڌ
تنهنجو هيءُ!“ وري فهمائش به اها ئي آهي: ”دلبر، هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!“
تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا سندس جهڙا ڀلمانس، جي کانئس اڳ پنهنجا
وارا وڄائي ويا ۽ پڻ اسين سڀئي جي پنهنجو پنهنجو وارو وٺيو بيٺا آهيون، وقت جي
ڊهندڙ واريءَ تي پنهنجن پنهنجن عملن جا نقشِ قدم ڇڏيون ضرور ٿا. اهي پونئيرن لاءِ
نقل ڪرڻ جهڙا آهن يا نه، اهميت ان ڳالهه جي آهي، تاج محمد ابڙي جي يارن، دوستن ۽
واقفڪارن هُن جي اِن ڪردار جي نشاندهيءَ جي ڪوشش ڪئي آهي. تاريخ، يعني اسين ۽ ٻيا
انهن نشانن کي پڙهڻ ۽ تورتڪ ڪرڻ وارا، اُنهن مان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا پِرايون،
انساني معاشري جو ماضي پنهنجي حال ۽ مستقبل جي تعمير ۾ حصيدار فقط ان انداز سان ۽
ان حد تائين ٿئي ٿو.
منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل
ڀلمانس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز
۾ رهيو: ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر
مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽمِنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب
ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان
پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.
سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو - محمد ابراهيم جويو
ReplyDeleteنادر ابڙي جو ترتيب ڏنل ڪتاب جو مھاڳ
”سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو سُجاکو سڄڻُ
هن ڪتاب جو هيرو، ڪتاب جي لکندڙن جو ساهُه سُڌيرُ، دوست ۽ دلبندَ ساٿي، ميان تاج محمد ابڙو، پنهنجي ماءُ پيءُ جو هيڪلو سڪيلڌو پُٽ ۲ آگسٽ، ۱۹۲۴ع تي ڄائو ۽ ۱۰ مارچ، ۱۹۸۶ع تي وفات ڪيائين. پنهنجي عمر عزيز جا ۶۲ سال گذاري، پنهنجي وطن پاڪ سنڌ کي خيرباد چئي، جا ڪجهه ڪمائي ڪيائين پوئتي ڇڏي، ڪجهه نه کڻي، زمانَ ۽ مڪانَ جو اهڙو اڻ ڄاتو ”عالَم“ وڃي وسايائين، جنهن جو ڪنهن کي ڪو پَرو پاندُ ڪونهي. حساس ۽ باشعور زندگيءَ جي هن حيرت ڀَـرئي مَنظر جي سبق آموز ۽ درديلي اِها ”تقدير“، ٿوري گهڻي فرق سان، نوع انسانَ جي هر فرد لاءِ اٽل آهي.
مرحوم تاج محمد ننڍي کان ئي پيءُ جي سهاري کان محروم رهيو. ڄمڻ کان ترت ئي پوءِ سندس نيڪنام، پنهنجيءَ هوند سوند وارو پيءُ، ميان قادر بخش خان ابڙو گذاري ويو. هن پنهنجو سڄو ننڍپڻ پوءِ پنهنجي پڙهيل ڪڙهيل ڀيڻ، مائيءَ فاطمه جي گهر گذاريو، جنهن کي (قدرت جي اها ڪارِ هئي!) پنهنجو اولاد ڪونه هو. ننڍڙو ”تاج“ ان طرح پنهنجي راڄائتي، بامُروّت ڀيڻوئي ميان حاجي محمد عثمان خان، جيڪو پنهنجي ڏينهنِ جو هڪ منصف مزاج، صلح پسند، عوام دوست پوليس آفيسر هو، تنهن جي زيرِ تربيت رهيو. پيارَ ۽ پنهنجائپ واري اهڙي گهر جي ڇانوَ ۾ رهندي، زندگيءَ جي ٿڌي ڪوسي سهندي، ڏسندي ٻڌندي، هن پنهنجي ابتدائي ۽ اعليٰ تعليم جا ڏاڪا پار ڪيا. ننڍن وڏن تجربن مان گذرندي، مشاهدا ماڻيندي، سمجهندي ويچاريندي، نوجوانُ تاج محمد ڪچَ مان ڪُندن بڻجي نڪتو. صاف ۽ سالم سکيا ۽ صحيح سوچ جي املهه زيورن سان سينگارجي هن پوري اعتماد سان زندگيءَ جي ننڍين ۽ وڏين ذميدارين جا ڳرا بار کنيا ۽ پوري هيج ۽ همت سان نباهيا. نيڪ طبع، پورهيت ۽ دعاگو گهر ڌياڻيءَ، بيگم حاڪم زاديءَ مان پنج پٽ ٿيس: مير نادر علي، حيدر علي، گوهر علي، مظهر علي ۽ ذوالفقار علي ۽ چار سُلڇڻيون ۽ سُوڙيون ڌيئرون: خالده، عابده، شاهده ۽ زاهده، جن مان تقريبن سڀ ڌيئرون ۽ صالح ۽ سياڻا پٽَ اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل آهن. مير نادر علي ابڙو ۽ نياڻيون چارئي پنهنجي پنهنجي گهر تَڙ ۽ اولاد عيال سان خوش ۽ خرم آهن. سندن ننڍا چار ڀائرَ به روزگار سان واڳيل آهن ۽ زندگيءَ جي پنهنجن پنهنجن نيڪ ارادن جي ڪامياب کاهوڙپ ۾ دل ۽ جان سان مصروف آهن. سندن سَدگڻي ماءُ، جيڪا ساهَه سيباڻيندڙ سندن پيءُ ۽ مٿن پاڻ گهوريندي رهي، پنهنجي صالح اولاد جي دعائن لاءِ حال حيات آهي.
سنڌ جو هيءُ سچو هيرو، تاج محمد ابڙو، جنهن جي سنگتين ۽ ساٿين، باوفا دوستن، سندس ارڙهين ٻارهئي تي پنهنجين محبتن ۽ پيارين يادگيرين جا ٻه ٻه اکر ۽ عقيدت جا گُل ميڙي چونڊي هن ڪتاب ۾ آندا آهن (تن سان شامل راقم جو دلي نذرانو به اندرين صفحن تي اوهين موجود ڏسندا).
تاج محمد ابڙو جيئن هو ۽ جيڪو هو، اسان سڀني جو دلبر يار هو. هُو سنڌ جو سُجاکو سڄڻ هو، جيئن هن ڪتاب ۾ آيل احوالن مان اوهين ڏسي سگهندا. هن ازل ۽ ابد جي ڪائناتي دنيا ۾ هن کي جو وارو مليو، سو پنهنجو وارو هُو خوب وڄائي ويو. شاهه لطيف جي امر لفظن ۾ پاڻ سڀني مان ۽ اسان کان پوءِ جيڪي پنهنجي واري سان ايندا، تن سڀني مان هڪ هڪ لاءِ ”هوڪار“ به اها ئي آهي: ”کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ!“ وري فهمائش به اها ئي آهي: ”دلبر، هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!“
تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا سندس جهڙا ڀلمانس، جي کانئس اڳ پنهنجا وارا وڄائي ويا ۽ پڻ اسين سڀئي جي پنهنجو پنهنجو وارو وٺيو بيٺا آهيون، وقت جي ڊهندڙ واريءَ تي پنهنجن پنهنجن عملن جا نقشِ قدم ڇڏيون ضرور ٿا. اهي پونئيرن لاءِ نقل ڪرڻ جهڙا آهن يا نه، اهميت ان ڳالهه جي آهي، تاج محمد ابڙي جي يارن، دوستن ۽ واقفڪارن هُن جي اِن ڪردار جي نشاندهيءَ جي ڪوشش ڪئي آهي. تاريخ، يعني اسين ۽ ٻيا انهن نشانن کي پڙهڻ ۽ تورتڪ ڪرڻ وارا، اُنهن مان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا پِرايون، انساني معاشري جو ماضي پنهنجي حال ۽ مستقبل جي تعمير ۾ حصيدار فقط ان انداز سان ۽ ان حد تائين ٿئي ٿو.
منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو: ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽمِنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.