26/12/2012

آمريڪي سياسي تاريخ ۾ جهاتي



آمريڪي سياسي تاريخ ۾ جهاتي
اڳوڻي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي گهر واري جيڪولين ڪينيڊي جي تاريخي انٽرويوز تي ٻڌل ڪتاب 47 ورهين کان پوءِ منظرعام تي اچي چڪو آهي. اهي انٽرويو جان ايف ڪينيڊي جي تڏهوڪي صلاحڪار ۽ آمريڪا جي ناليواري تاريخدان آرٿر. ايم شيلنگر ورتا هئا. جيڪولين ڪينيڊي وصيعت ڪئي هئي ته اهي انٽرويو سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇاپيا وڃن. جيڪولين جي اڪيلي ڌيءَ ڪيرولين ڪينيڊي ماءُ جي وصيعت کي مانُ ڏيندي هاڻي شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ به ڪيرولين ئي لکيو آهي. ڪتاب جو نالو آهي:
Kennedy Jacqueline Kennedy: Historic Conversations on life with John- F K
اهي انٽرويو 1964ع ڌاري مختلف وقتن تي ورتا ويا هئا جيڪي هاڻي منظرعام تي اچي ويا آهن.

انٽرويوز ۾ جيڪولين ڪينيڊي ٻڌايو آهي ته سندس مڙس جان ڪينيڊي کي مطالعي جي عادت هئي. هو هلندي، انهي حد تائين جو ماني کائيندي به ڪتاب پڙهي وٺندو هو.
هن چواڻي هڪ ڀيري مون جڏهن ساڻس ويٽنام جو ذڪر ڪيو ته سندس منهن تي ناخوشگوار تاثر اڀري آيو ۽ پوءِ چيائين ته اها ڳالهه ٻيهر نه دهرائجان. آءٌ پاڻ کي ڏوهي ٿو محسوس ڪريان. ڪيوبا جي ميزائل بحران بابت جيڪولين ڪينيڊي پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته آءٌ جان ڪينيڊي سان جيئڻ مرڻ جو واعدو ڪري چڪي هيس. مون کيس ڪيوبا جي ميزائل بحران وقت چيو هو ته آءٌ ڪيمپ ڊيوڊ نٿي وڃڻ چاهيان، جيڪڏهن ڪجهه ٿئي ٿو ته مان تو سان گڏ هوندس، ڀلي پوءِ اهو وائيٽ هائوس ۾ بم شيلٽر روم ڇو نه هجي. مون کي ياد آهي ته ڪيوبا جي بحران ختم ٿيڻ کان پوءِ هن چيو هو ته جيڪڏهن ڪو مون کي مارڻ چاهي ٿو ته هي مناسب وقت آهي.
جيڪولين ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي بابت خيالن جو اظهار ڪندي کيس ناپسنديده شخصيت سڏيو آهي. جڏهن ته لنڊن بي جانسن ۽ سندس گهر واريءَ بابت سندس خيال منفي آهن. ايوب خان جي دور ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير والسٽر ميڪناگهي (ميڪنگهي) بابت جيڪولين جي راءِ سخت هوندي هئي. اهو ئي ڪارڻ هو جو هن لکت ۾ پنهنجي مڙس کي لکيو هو ته پاڪستان ۾ والسٽر ميڪنگهي جي آمريڪي سفير جي حيثيت سان موجودگي مناسب ناهي، ان ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي. ليڪن ڪن سببن جي ڪري اهو سفير نه هٽايو ويو ۽ ڪافي عرصي تائين ڪم ڪندو رهيو.
Arthur M. Schlesinger جان ايف ڪينيڊي ۽ سندس ڀاءُ رابرٽ ڪينيڊي جي زندگيءَ بابت پڻ ڪتاب لکيا آهن. کيس پولٽرز ايوارڊ پڻ مليو هو. هو ڪينيڊي ڪٽنب تي اٿارٽي سمجهيو ويندو هو. 22 نومبر 1963ع تي صدر ڪينيڊي جي قتل کان پوءِ جيڪولين ڪينيڊي پنهنجي گهر تي 1964ع ۾ انٽرويو رڪارڊ ڪرايا هئا. هوءَ چارلس ڊيگال سان پڻ پئرس ۾ ملي هئي ۽ کيس انا پرست ۽ ڪينه پرور شخص قرار ڏنو اٿائين.
ڪينيڊي حڪومت جي پنجاهين سالگره جي موقعي تي هن اهم ڪتاب جي اشاعت جو مقصد ڪينيڊي ڪٽنب جي يادن کي تازو ڪرڻ آهي، جيڪو مقصد هن ڪتاب سان پورو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هن ڪتاب کي آمريڪا ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ٿي آهي. جيتوڻيڪ جيڪولين پنهنجي آٽو بايوگرافي نه لکي سگهي پر هي ڪتاب به سندس پوري زندگيءَ جو احاطو ڪري ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انٽرويو ڏيندڙ جيڪولين جو موت 1994ع ۾ ٿيو ۽ انٽرويو وٺندڙ شيلنگر جو موت 2007ع ۾ ٿيو. جيڪولين ڪينيڊي جا اهي انٽرويو 47 سالن کان ”مهربند“ هئا. جيڪولين جا انٽرويوز ان ڳالهه جي نفي ڪندي نظر اچن ٿا ته جيڪڏهن جان ايف ڪينيڊي جو ڀاءُ جوزف جونيئر ٻي مهاڀاري جنگ ۾ مارجي نه وڃي ها، ته آمريڪا جو صدر ٿئي ها. هن جو چوڻ آهي ته رابرٽ ڪينيڊي اصول پسند انسان هو ۽ هن جان ايف ڪينيڊي کان سندس صدارت دوران ڪوبه عهدو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. سندس خيال هو ته عهدو وٺڻ جي صورت ۾ سندس ڀاءُ تي پنهنجا نوازڻ جو الزام لڳي پيو سگهي. جڏهن ته جان ايف ڪينيڊي جي ڀيڻ Eunice Kennedy پنهنجي سارجنٽ مڙس شريور کي ڊپارٽمينٽ آف هيلٿ ايجوڪيشن ۽ ويليز جو سربراهه بڻائڻ جي خواهشمند هئي، ته جيئن اعليٰ عهدو رکندڙ شخص جي زال هجڻ جي حيثيت سان سماج ۾ متعارف ٿي سگهي. رابرٽ ڪينيڊي جي اهڙي سوچ نه هئي.
جيڪولين پنهنجي انٽرويوز ۾ لنڊن بي جانسن جي عادتن ۽ روين تي ڇوهه ڇنڊيا آهن. هن چواڻي لنڊن بي جانسن کي جان ايف ڪينيڊي مجبوري ۾ 1960ع جي چونڊن ۾ نائب صدر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو هو ڇاڪاڻ جو لنڊن بي جانسن جو تعلق ٽيڪساس سان هو ۽ ڊيموڪريٽس جي خواهش هئي ته چونڊن ۾ ٽيڪساس کي به نمائندگي ڏني وڃي. هن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته جان ايف ڪينيڊي، بي جانسن کي بلڪل پسند نه ڪندو هو.
ڪتاب ۾ آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين وچ ۾ ڪيوبا جي ميزائل بحران وقت وائٽ هائوس جو منظر ڇا هو؟ ان بابت به احوال ڏنل آهن. هوءَ چوي ٿي ته ان وقت ٻنهي عالمي طاقتن وچ ۾ ايٽمي جنگ جو خطرو هو ۽ اهو محسوس ڪيو پئي ويو ته آمريڪا تي ايٽمي حملو ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب هو جو ڪيترن اهم آمريڪي عملدارن پنهنجا ڪٽنب محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيا هئا. ڇو ته ان وقت هر پاسي ڊپ جي فضا هئي، ليڪن جيڪولين ڪينيڊي ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ڪيوبا جي ميزائل بحران کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي. جيڪولين جي ڪيل انڪشافن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته ان وقت آمريڪا تي روسي ايٽمي هٿيارن جو حملو يقيني سمجهيو پئي ويو. جيڪولين خروشيف بابت به ويچار ونڊيا آهن.
وائٽ هائوس، جنهن بابت دنيا جي سوچ اها آهي ته اهو هنڌ نهايت پرسڪون هوندو، پر ان ۾ وقت گهاريندڙ جيڪولين جو خيال ٻاهرين دنيا کان مختلف آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن هن وائيٽ هائوس بابت پنهنجي يادگيرين جو ڪتاب لکيو ته ان جو نالو ”The poison of Presidency“ هوندو. هن آئزن هاور جي زال تي به ڪتاب ۾ تنقيد ڪئي آهي. هن جو موقف آهي ته ان خاتون روايتن جي ابتڙ کيس وائٽ هائوس ڏيکارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته وائيٽ هائوس جي اها پراڻي روايت رهي آهي ته ويندڙ صدر جي گهر واري ايندڙ صدر جي گهر واريءَ کي وائيٽ هائوس جا سمورا تفصيل ٻڌائيندي آهي.
جيڪولين ڪينيڊي جيئن ته خاتون اول هئي ۽ هن سڄي دنيا گهمي هئي ۽ وائيٽ هائوس اندر ٿيندڙ دعوتن ۾ به شريڪ ٿيندي هئي. ان ڪري سندس انٽرويوز تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن، سفيرن ۽ اهم شخصيتن بابت سندس راءِ موجود آهي. هن هر ماڻهو بابت کليل دل سان خيال ظاهر ڪيا آهن. شايد اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي زندگيءَ دوران اهو ڪتاب شايع نه پئي ڪرڻ چاهيو ڇو ته ايئن ٿيڻ سان سندس خانداني زندگي متاثر ٿي پئي سگهي.
انٽرويو وٺندڙ آرٿر ايم شيلنگر جيئن ته ڪينيڊي ڪٽنب جي تمام ويجهو هو ۽ جان ايف ڪينيڊي بابت سندس ڪتاب ”One Thousand days of J F K as a President“ کي سڄي دنيا ۾ نهايت اهم سمجهيو وڃي ٿو.
جيڪولين جي انٽرويوز تي مشتمل هي ڪتاب ڇاپيندڙ پبلشر جو چوڻ آهي ته ڪتاب کي آمريڪا ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. هاڻي جڏهن اڳوڻي سوويت يونين تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي، ماضي جي سرد جنگ به تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن ٿي چڪي آهي ۽ اڄڪلهه دنيا ۾ آمريڪا واحد سپر پاور آهي، جيڪولين ڪينيڊي جا انٽرويو سرد جنگ جي ڇڪتاڻ ۽ ان دور جي حقيقتن کي پڌرو ڪن ٿا. خروشيف ڊيگال سميت دنيا جي ڪيترن ئي سربراهن جا گڻ ۽ اوگڻ پهريون ڀيرو سامهون آيا آهن. ڪتاب ۾ ڪافي ڳالهيون اهڙيون به سامهون آنديون ويون آهن جيڪي هن کان اڳ ڪڏهن به پڌريون نه ٿيون هيون. ان ڪري ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندڙن کي هي ڪتاب نه رڳو پاڻ پڙهڻ گهرجي پر پنهنجي علم، ادب ۽ سياست سان چاهه رکندڙ دوستن کي به پڙهڻ جي صلاح ڏيڻ گهرجي.
ليکڪ: نامعلوم

No comments:

Post a Comment