12/12/2012

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پراجيڪٽ جي ٻيڙي ٻڏڻ نه گهرجي - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پراجيڪٽ جي
ٻيڙي ٻڏڻ نه گهرجي
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اسان سنڌي ڪيترين ڳالهين ۽ روين ۾ ’عجيب مخلوق‘ لڳندا آهيون. پاڻ کي تاريخ جي ڪيترن دورن ۾ ذريعن، وسيلن ۽ موقعن تي رسائي نه رهي آهي ۽ اڄ به اهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون، ان ڪري اسان جي نفسيات بڻجي وئي آهي ته جڏهن ۽ جتي به پاڻ کي موقعا، ذريعا ۽ وسيلا ملي وڃن ته انهن تي هڪدم هڪ-هٽي قائم ڪري، پنهنجي گروهه ۽ سنگت ساٿ سان ته ونڊ ڪبو، پر ڪم ۽ مقصد  سان انصاف ڪرڻ بدران، ان جي ڀينگ ڪبي. اسان مان ڪيترن ماڻهن جي ذريعن، وسيلن ۽ موقعن تي جائز حقداري ڪا نه هوندي آهي، ان ڪري هر ڪو ڪم ڪار رازداريءَ سان به ڪبو ۽ ايڏي تڪڙ سان ڪبو، ڄڻ پڪ هجي ته سڀاڻي جو سج اڀرندو ئي ڪو نه. انهيءَ صورت حال اسان جي ادارن جي قيام، ڪارڪردگي ۽ طريقهء ڪار کي وڏو ڇيهو رسايو آهي. ادارا نظر ايندي به ’الله کي پيارا‘ ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجي اغراض و مقاصد کان هٽي وڃن ٿا. انهن جي منتظمين کان اهو وسري وڃي ٿو ته هنن کي ڇو ڪرڻو آهي، ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي؟

سنڌيءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم ٿيڻ جي گهرج ۽ ضرورت گهڻي وقت کان هئي. اڳ ۾ انهيءَ پراجيڪٽ تي سنڌالاجي وارن غور فڪر ڪيو، پر سنڌالاجيءَ وارا سمجهي ويا ته هن پراجيڪٽ لاءِ قارون جو خزانو ۽ تربيت يافته عملي جي ضرورت آهي، ان ڪري انهن هن پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. سنڌالاجيءَ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ هن پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو چاهه ڏيکاريو پر سنڌي ادبي بورڊ ته انتظامي حوالي سان وهندڙ درياهه آهي. پاڻيءَ جا وهڪرا ايندا آهن ۽ وهي هليا ويندا آهن، ان ڪري اتي ڪتابن ڇپرائڻ کان سواءِ ٻي ڳالهه ٽڪاءُ نه ڪري سگهندي آهي.
ڳالهه پئي هلي انسائيڪلوپيڊيا جي پراجيڪٽ جي، سو ويچاري جا نصيب ڦِٽا، جو نيٺ وڃي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي ڪڻي ۾ پيو. هنن همراهن به ڪئي هم نه تم، ٺڪاءُ ڪري پنج ڇهه جلد ڪڍي ويهي رهيا ۽ ڪم اڃا به جاري آهي. جيئن چڱي ڪم جي واکاڻ نه ڪرڻ بخل برابر آهي، تيئن چڱي ڳالهه نه چوڻ به اجتماعي غلطي ۽ گناهه جي پاس خاطري ڪرڻ برابر آهي. اسان کي ڪيترن الڳ ۽ منفرد ادارن جي ضرورت آهي، انهن مان انسائيڪلوپيڊيا جو ادارو به هڪ آهي. ان کي ڪو به ادارو جيڪڏهن ’ڀرتي ڪندڙ‘ ’ثانوي‘ يا ’شوقيه‘ پراجيڪٽ طور کڻندو ته انهيءَ جو ايئن حشر ٿيندو، جيئن اسان هاڻي ڪري رهيا آهيون. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ کي پنهنجي اغراض و مقاصد تي نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کي فقط ۽ فقط هر اهو ڪم ڪرڻو آهي، جنهن جو سڌو واسطو سنڌي ٻوليءَ سان هجي. اسان ’ٻولي‘، ’علم و ادب‘ ۽ ’تاريخ‘ جي اصطلاحن ۾ ئي فرق نه ڪري سگهيا آهيون. ان ڪري ’ڪثرت‘ مان ’وُحدت‘ جو مزو پيا ماڻيون. ’ٻولي‘ جو ميدان ايترو ته وسيع آهي ۽ هي موضوع خواهه مضمون ايترو ته اڻ کٽ آهي، جو سنڌي لئنگويج اٿارٽي وارا ان کي ڌيان ۾ رکن ته کين مٿي کنهڻ جو به موقعو نه ملي ۽ جيڪڏهن کين ٻيو ڪم سونپيو وڃي ته هو ميڙ منٿ ڪري جان ڇڏائين. دنيا جهان جون ڪيتريون ٻوليون آهن، لئنگويج اٿارٽيءَ کي انهن جون لغتون مرتب ڪرڻ گهرجن. نوان ۽ پراڻا هزارين علم ۽ ٽيڪنالاجيون آهن، انهن جون سنڌيءَ ۾ لغتون تيار ٿيڻ گهرجن. هر ڪنهن لفظ، اصطلاح، پهاڪي ۽ چوڻيءَ کي پنهنجي تاريخ ٿيندي آهي، سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ کي انهن تاريخن کي مرتب ڪرڻ گهرجي. سنڌي ٻوليءَ تي دنيا جهان جي ٻولي (۽ نه ڪي علم ادب) جيڪي اثر وڌا يا اثر قبول ڪيا، انهن تي ڪتاب (نه ڪي مضمون) لکرائڻ ۽ ڇپرائڻ گهرجن. سنڌي ٻوليءَ ۽ سرڪار جي روين جي هر دور تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکرائي سگهجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي ’تقابلي لغت‘ مرتب ڪرائي سگهجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي، تدريسي، ثقافتي ۽ سماجي تاريخ خواهه جدوجهد تي ڪيترا ڪتاب لکرائي سگهجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي هسٽاريڪل ڊاڪيومينٽيشن ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ’لساني مطالعي‘ تي پراجيڪٽس ٺاهي سگهجن ٿا. انهن ۽ اهڙن ڪمن جي پورائيءَ لاءِ ڄمارن جي ضرورت آهي.
سنڌي لئنگويج اٿارٽي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڪم هٿ ۾ کڻي، پنهنجي ڳچيءَ ۾ گهنگهر وڌو آهي. انسائيڪلوپيڊيا تي ڪيئن ڪم ڪبو آهي؟ ان لاءِ عملي جي تربيت ڪيئن ڪبي آهي؟ رهجي ويل معلومات واري عيب کان بچڻ لاءِ ڪهڙا فول پروف طريقا ڪم آڻبا آهن؟ ان کي مقبول عام پراجيڪٽ بنائي، ان ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ ڪيئن آماده ڪبو آهي؟ هي اهڙا سوال ۽ طريقا آهن، جن تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي. بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ سڄو ڪم ونگار تي هلي ٿو. ڪو چئي نه چئي، پر آئون وڏي واڪ چوان ٿو ته ايرنگن پائڻ جي شوق ۾، ڪن ٽوپائڻ بدران ڪن وڍرائڻ وارو ڪم پيو ٿئي. شايع ڪيل جلدن ۾ ڪيتريون فيڪچوئل غلطيون آهن، ترتيب جي ميٿڊالاجيءَ ۾ ڏٺي وائٺي ڀُل ڪئي وئي آهي ۽ ڪن هنڌن تي اڻ لاڳاپيل معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن تفصيل سان شايع ڪرايل سمورن جلدن جو تنقيدي جائزو وٺبو ته اهو پڻ هڪ الڳ ڪتاب ٿي ويندو. فيڪچوئل غلطيءَ جو مثال هيئن ڏيئي سگهجي ٿو ته، ’ڍڪڻ‘ ذات کي ’سومرو‘ ٻڌايو ويو آهي. ترتيب جي ميٿڊالاجي ۾ غلطي ايئن پئي ڪئي وڃي ته، ’شيخ اياز‘، ’اياز شيخ‘ ٿي پيو وڃي. ائين ٿو لڳي ته وڏن ماڻهن ۽ يارن کي ان ڪري تڪڙو راضي پيو ڪيو وڃي ته متان وري اهڙو موقعو ملي نه ملي ۽ بوڇڻ ڪلهي تي رکي وڃڻو پئي ته يارن سان ياري ملهائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿي وڃي. اڻ لاڳاپيل معلومات جو اهو مثال ئي ڪافي آهي، جو اڃا سنڌ جون شخصيتون ئي رهجي وڃن ٿيون، پر دنيا جهان جي ماڻهن جا احوال ڏنا وڃن ٿا. اسان عجلت ۽ اٻهرائپ ۾ تاريخي تحقيق سان زيادتيون ڪري رهيا آهيون. منهنجي تجويز نه، پر مطالبو آهي ته وڌيڪ جلدن جي ڇپائيءَ وارو ڪم روڪي، پراجيڪٽ جي فني لوازمات تي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪم شروع ڪيو وڃي.
منهنجي گذارش آهي ته پهرين ’انٽري لسٽ‘ ٺاهي وڃي، جنهن ۾ شخصيتن، ذاتين، ماڳن مڪانن، واقعن، ادارن، وڻن ٻوٽن، گلن گاهن، مطلب ته سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، سياست، تعليم، هنر، زراعت، ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان لاڳاپيل عنوانن جي لسٽ مرتب ڪري، ان کي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو وڃي ۽ اشتهارن ذريعي ماڻهن تائين به پهچايو وڃي. ان مان داخلائن/ انٽريز جا کوڙ سارا اضافا ملي ويندا. ائين شعبي شعبي تي الڳ انٽريز تيار ڪجن. اها انڊيڪس/ ڏسڻي/ داخلا پراجيڪٽ جو خاڪو بڻجي ويندي، ان تي پوءِ ڪم ڪجي. ڪم ونگار تي نه ڪرائجي، پر ان لاءِ عملي جي تربيت ڪرڻ ضروري آهي. معلومات ڪيئن وٺجي؟ ان جي تصديق ڪيئن ڪجي؟ ڪهڙي معلومات ۾ حوالا ڏيڻ ضروري آهن؟ اها سڄي ڄاڻ ۽ تربيت عملي لاءِ ضروري آهي. عملو فقط آفيس تائين محدود نه هوندو، پر هر ضلعي ۾، بلڪ هر تعلقي ۾ ماڻهو مستقل طور تي ڀرتي ڪيا وڃن، جيڪي اتان جي معلومات وٺي گڏ ڪري هيڊ آفيس اماڻيندا.ت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ کي ايڏو شوق آهي ته پوءِ هن پراجيڪٽ کي پنهنجي ’ذيلي شعبي‘ طور مستقل حيثيت ڏيارين. هونءَ نه ته ان مان جان ڇڏائي، ان کي هڪ مستقل ۽ دائمي اداري جو روپ وٺرائين، جيئن باقي دنيا جهان ۾ آهي. اهڙو ادارو انسائيڪلوپيڊيا جا نظر ثاني ڪيل ايڊيشن به شايع ڪرائي سگهي ٿو. سنڌي لئنگويج اٿارٽي ’ضميما‘، ’ڀل ناما‘ ۽ نظر ثاني ٿيل جلد ڇپرائڻ جو بار کڻي نه ٿي سگهي. اسان کي هيءَ ڳالهه اوس ئي ڌيان ۾ رکڻي آهي ته جيڪا قوم هڪ صديءَ کان پوءِ ڊاڪٽر ٽرمپ طرفان ترتيب ڏنل ’شاهه جو رسالو‘ مس مس شايع ڪرائي ٿي، اها انسائيڪلوپيڊيا جي ’ڀل نامن‘ يا ’ضميمن‘ ڇپرائڻ جو بار ڪيئن برداشت ڪري سگهندي؟ مون هڪ کان وڌيڪ دفعا ڏسي وائسي ’ونگار‘ جو لفظ ڪم آندو آهي، جنهن لفظ جي ڪم آڻڻ جو جواز مون وٽ اهو آهي ته الائي ڪيترن دوستن جا فون، ايس ايم ايس ۽ فيس بوڪ وال تي گذارشون اچن ٿيون ته اسان کي انسائيڪلوپيڊيا لاءِ مواد گڏ ڪرڻ جو ڪم مليو آهي، مهرباني ڪري هيءَ يا هوءَ معلومات ڏياري موڪليو. ’ڪاوش‘ وارا مون طرفان مهيا ڪيل سنڌ جي شخصيتن جون ڄمڻ ۽ مرڻ جون تاريخون ڏين ٿا ته ڪن دوستن جو مڪو مچي وڃي ٿو ۽ ڄمڻ يا مرڻ وارين شخصيتن لاءِ ڪن کڙڪائي ڇڏين ٿا. سنڌي لئنگويج اٿارٽي يا انسائيڪلوپيڊيا مرتب ڪرڻ وارن کي ٿوري تڪليف ڪري واسطيدار ماڻهن کان پاڻ مواد ۽ معلومات وٺڻ گهرجي.
منهنجي نماڻي تجويز آهي ته انسائيڪلو پيڊيا کي وڌيڪ جامع ۽ مستند بنائڻ لاءِ، پهرين ڊائريڪٽريون مرتب ڪيون وڃن، جهڙوڪ؛ ذاتين جي ڊائريڪٽري، ڳوٺن جي ڊائريڪٽري، ماڳن ۽ مڪانن جي ڊائريڪٽري، ليکڪن جي ڊائريڪٽري، اخبارن ۽ رسالن جي ڊائريڪٽري، سنڌ جي واقعن جي ڊائريڪٽري، ادارن جي ڊائريڪٽري، سياسي تنظيمن جي ڊائريڪٽري، علمي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن جي ڊائريڪٽري، مشاهيرن جي ڊائريڪٽري، وغيره وغيره. انهن ڊائريڪٽرين جي بنياد تي ئي انسائيڪلوپيڊيا ترتيب ڏئي سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment