02/12/2012

ڪتاب ”سڀ فريب آ“ - رکيل مورائي


 مختيار جاگيراڻيءَ جو ڪتاب ”سڀ فريب آ“
رکيل مورائي
اسان جي دوست شاعر مختيار جاگيراڻيءَ جو تازو ئي آيل شاعراڻو ڪتاب، جنهن جو نالو آهي ”سڀ فريب آ“ پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي. مختيار تيزي سان لکي رهيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب جنهن ۾ شاعري جون الڳ الڳ صفون آهن، پوءِ به روايت موجب غزل تي اڄ جي لکندڙن جو توجھه وڌيڪ آهي ۽ ايئن هن ڪتاب ۾ به غزل چڱي انداز ۾ موجود آهن ۽ باقي ٻيو صنفون جن ۾ وايون، نظم ٽيڙو/هائيڪا وغيره شامل آهن. هي سڀ شاعراڻيون صنفون آهن، ان ڪري ڏسڻو آهي ته انهن صنفن ۾ شاعري ڪيتري آهي؟ پهريون ۽ آخري شرط!

اهو شرط انهن نوجوانن لکندڙن  سان لاڳو ڪرڻ  کان اڳ ۾ انهن کي ايتري رعايت آهي، جيستائين سندن پهريون ڪتاب نه ڇپيو آهي، ڪتاب ئي ڪنهن تخليقڪار تي ڳالهائڻ لاءِ سبب بڻبو آهي، ايئن مختيار تي ڳالهائڻ لاءِ به هيءُ ڪتاب هڪ سبب آهي، هڪ سچ آهي، جيڪو موجود آهي، ان ڪري ان ڪتاب کي فريب چئي لنوائي نه سگهبو، ڇو ته مختيار جون تخليقون اڄ جي حالتن جو اظهار ته آهن پر سندس اندر جو اظهار به آهن، جيڪو ڪو به تخليقڪار پنهنجي تخليق ۾ ڪندو آهي.
مختيار جي شاعري پاڻ محسوس ڪرائي ٿي ته ان ۾ اهو احساس موجود آهي، جيڪو اڄ جي حوالي ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي ۽ اظهاريو پيو وڃي. سندس هيءُ ڪتاب سنڌي شاعراڻن ڪتابن جي لسٽ ۾ ڪيتري اهميت ماڻيندو، ان لاءِ مختيار کي بردباري ۽  صبر سان انتظار ڪرڻ گهرجي. پڪ آهي ته سندس هيءُ ڪتاب سنڌ جي شاعراڻي ادب ۾ سندس نالي جي سڃاڻپ کڻي ايندو. هيءُ ڪتاب پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ ڳڻائڻ جهڙو نالو ٿي اڀرندوه. سندس ڪتاب ”سڀ فريب آ“ ۾ شامل شاعراڻين صفن تي سندس ضابطو ان ڳالھه جو رستو کوليندو ته هو هڪ مڪمل شاعر ٿي سامهون اچي. هيءُ ڪتاب سنڌي شاعريءَ ۾ ذڪر هيٺ آيو ته اها سندس اهم حاصلات هوندي. خوبصورت پني ۽ ٽائيٽل سان پڪي جلد واري هن ڪتاب جو مُلھه 101 رپيا آهي. ڪتاب تي اخلاق انصاري صاحب، سعيد ميمڻ، سرتاج جاگيراڻي، جاويد شبير، بقاءالله بوزدار جا رايا شامل آهن. ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپيو آهي.



1 comment:

  1. سائين تمام سٺي تحرير آهي.
    اوهان جو بلاگ خوبصورت بڻائڻ لاءِ هي لنڪ شيئر ڪري رهيو آهيان.
    http://bit.ly/QYpQU7

    ReplyDelete